واشنگٽن/تهران/تل ابيب(ع آ نيوز/م ڊ) ايران ۽ اسرائيل ۾ 12 ڏينهن جي ويڙهه کان پوءِ جنگ بندي ٿي وئي آهي، جڏهن ته جنگ بندي جي ڀڃڪڙي تي آمريڪي صدر ٽرمپ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. 12 ڏينهن جي ويڙهه بعد آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل پليٽفارم "ٽروٿ” تي پنهنجي هڪ بيان ۾ زور ڏنو آهي ته ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگبندي لاڳو ٿي چڪي آهي. آمريڪيصدر لکي ٿو ته اسرائيل، ايران تي حملو نه ڪندو. ايران ڏانهن ويندڙ اسرائيلي جنگي جهاز ‘دوستانه نموني هٿ لوڏيندي واپس پنهنجي گهر (اسرائيل) روانا ٿي ويا آهن. ڪنهن کي به ڪو نقصان نه ٿيندو، جنگبندي لاڳو آهي! هن معاملي تي ڌيان ڏيڻ لاءِ توهان جو شڪريو! . ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان قطر جي رابطي بعد اسرائيلي وزيراعظم سان رابطو ڪري جنگ بندي ڪرائي. جنگ بندي باوجود اسرائيل ۽ ايران هڪ ٻئي تي ڀڃڪڙي جا الزام هڻندي حملا ڪيا. ترجمان ايراني فوجي قيادت جو چوڻ آهي ته اسرائيل مقامي وقت موجب صبح 9 وڳي ايران تي حملو ڪيو آهي. ايران جي اعليٰ سيڪيورٽي اداري اسرائيل طرفان جنگبندي جي ڀڃڪڙي جي الزام تي چيو آهي ته ايراني فوج دشمن جي لفظن تي ڀروسو نٿي ڪري، فوج ڪنهن به جارحيت جو جواب ڏيڻ لاءِ هٿ ٽريگر تي رکي بيٺي آهي.اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو جي آفيس طرفان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل، ايران طرفان جنگبندي جي ڀڃڪڙي جي جواب ۾ تهران جي ويجهو هڪ ريڊار لائن کي نشانو بڻايو آهي. نيتن ياهو جي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ايران اسرائيل تي مقامي وقت مطابق صبح ست وڳي ڇهه منٽن تي هڪ ميزائيل فائر ڪيو، جڏهن ته جنگبندي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ ڏهين وڳي پنجويهن منٽن تي ٻه ميزائيل فائر ڪيا ويا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه کانپوءِ اسرائيل وڌيڪ حملن کان پاسو ڪيو. ايراني حملي ۾ 4 اسرائيلي مارجي ويا، جڏهن ته ايران موجب اسرائيلي حملي ۾ 9 ايراني شهيد ٿي ويا. هڪ ٻئي تي حملن بعد ٽرمپ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن اسرائيلي وزيراعظم کي پنهنجا جهاز موٽائڻ لاءِ چيو. ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران ۽ اسرائيل ٻنهي سندس اعلانيل جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ هو ايران مان به خوش نه آهي. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ” منهنجي خيال ۾ انهن ڄاڻي واڻي ائين نه ڪيو، پر مون کي اها ڳالهه نه وڻي ته اسرائيل صبح حملو ڪيو، مان ڏسندس ته مان کين روڪي سگهان ٿو. آمريڪي صدر جو اهو پڻ چيو ” ايران هاڻي ڪڏهن به ٻيهر جوهري صلاحيت حاصل نه ڪري سگهندو. هن چيو ته مون کي اها ڳالهه نه وڻي ته اسان معاهدو ڪيو ۽ ان کانپوءِ اسرائيل حملا ڪيا کين کي ائين نه ڪرڻ گهرجي ها. صدر ٽرمپ گٿن لفظن جو استعمال ڪندي چيو ” هي ٻه ملڪ آهن جيڪي ڊگهي عرصي کان شدت سان وڙهي رهيا آهن ۽ کين خبر ئي ناهي ته هو ڇا پيا ڪن. ان کان اڳ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ تي هڪ پيغا۾ آمريڪي صدر اسرائيل کي خبردار ڪندي چيو آهي ته آمريڪي صدر اسرائيل کي مخاطب ڪندي چيو ته بمباري نه ڪيو، جيڪڏهن توهان ائين ڪيو ته اها سنگين ڀڃڪڙي هوندي، پنهنجن پائلٽن کي ترت واپس گهرايو. هوڏانهن ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگبندي کان پوءِ دنيا جي مختلف ملڪن ۽ عالمي اڳواڻن طرفان ان تي ردعمل ڏيندي ان جو آڌرڀاءُ ڪيو ويو آهي. برطانوي وزيراعظم سر ڪئير اسٽارمر چيو آهي ته ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگبندي "برقرار رهڻ گهرجي. هن جو چوڻ هو ته ايران کي ڪڏهن به ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي اجازت نه ملڻ گهرجي. ٻئي پاسي گڏيل قومن جي ايٽمي توانائي جي عالمي اداري (IAEA) جي سربراهه رافائيل گروسي چيو آهي ته هو اڄ ايران بابت اعلانن جو آڌرڀاءُ ڪن ٿا. پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگبندي جو آڌرڀاءُ ڪري ٿو. ڀارت جي پرڏيهي وزارت جي ويب سائيٽ تي جاري بيان موجب اسان کي علائقي جي مجموعي ۽ پائيدار سلامتي ۽ استحڪام بابت سنجيده ڳڻتي آهي، اسين ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جنگبندي ۾ آمريڪا ۽ قطر جي ڪردار جو آڌرڀاءُ ڪريون ٿا.