اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف، ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي امن بحال ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. رپورٽ موجب، صدر پزشڪيان، تازي ڇڪتاڻ جي دوران پاڪستان جي مستقل ۽ اصولي حمايت تي وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪيو. وزيراعظم پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته پاڪستان، وچ اوڀر ۾ تيزيءَ سان بدلجندڙ صورتحال تي مسلسل نظر رکي پيو. هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ اسلامي تعاون تنظيم سميت سڀني سفارتي فورمن تي ايران لاءِ پاڪستان جي حمايت جي ٻيهر تصديق ڪئي ۽ سڀني ڌرين تي زور ڀريو ته هو عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن جي پيروي ڪن. ايراني صدر، تڪرار جو پرامن حل ڳولڻ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي تسليم ڪيو. ٻنهي اڳواڻن، هن ڏکئي وقت ۾ امت مسلمه جي وچ ۾ اتحاد جي اهميت تي زور ڏنو ۽ لاڳاپي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو. اعلاميي موجب ٽيليفوني ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم، سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو،وزيراعظم، ولي عهد محمد بن سلمان کي ڪامياب حج جي انتظامن تي مبارڪباد ڏني، ۽ پاڪستاني حاجين جي ميزباني تي سعودي حڪومت جو شڪريو ادا ڪيو.