اسلام آباد/تهران(امتياز گل) 11 ڏينهن جي خوفناڪ جنگ کان پوءِ اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ آمريڪا جي مدد سان ۽ قطر جي ٽياڪڙي جي ڪوششن جي نتيجي ۾ جنگ بندي ٿي وئي آهي. هاڻي ان حوالي سان تمام گهڻيون ڳالهه ٻوليون جاري آهن، پر هن وقت اسان جو ڌيان ان تي آهي ته 11 ڏينهن جي هن جنگ ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل ڇا وڃايو، ڇا حاصل ڪيو ۽ ايران، جيڪو مڪمل طور تي اڪيلو رهيو، ان ڇا حاصل ڪيو؟ اسرائيلي تجزيه نگار اُوري گولڊ برگ ال جزيره ٽي وي کي پنهنجي تازو انٽرويو ۾ ٻڌايو ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو وٽ جنگ بندي قبول ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو. گولڊ برگ چيو ته اسرائيلي حڪومت جو ايران سان جنگ بندي کان اڳ پنهنجا سڀ مقصد حاصل ڪرڻ جو دعويٰ به کل جوڳوآهي. گهٽ ۾ گهٽ اسرائيل جا مقصد ڇا هئا؟ ان بابت ڪجھھ بھ چٽو ناھي.اسان ڪيترن ئي بيانن ۾ ٻڌو ته اسرائيل ايران جي ايٽمي هٿيارن جي پروگرام کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ چاهي ٿو. حڪومت جي تبديلي چاهي ٿو، ڇو ته اسرائيلي وزير دفاع چيو هو ته ايران جي موجوده قيادت کي هاڻ جيئڻ جو ڪو حق ناهي. ٻئيپاسي ايران دنيا جا سڀ اندازا غلط ثابت ڪري ڇڏيا. دنيا سمجهي رهي هئي ته ايران جلد هار مڃي وٺندو ۽ ڳالهين جي ميز تي اچي ويندو، ايران وٽ عملي طور تي نه ته ڪا هوائي فوج هئي، نه ٽينڪ ۽ نه توپخانو. ان جي زميني فوج رڳو منصوبابندي ۾ موجود هئي. ايران وٽ صرف ميزائل پاور، منصوبابندي جي طاقت ۽ پرعزم فوجي هئا. تهران ۽ ايران جي مختلف شهرن مان اسرائيل جا ڪيترائي ايجنٽ گرفتار ٿيا جن اندروني طور تي ايران کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پاسداران انقلاب جي گهٽ ۾ گهٽ 12 اعليٰ جنرلن جي شهادت باوجود فوج مضبوط رهي.جيڪي ايراني جنرل ماريا ويا سي عام فليٽن ۾ رهندا هئا. انهن وٽ نه فارم هائوس هئا، نه وڏا بنگلا. اهي ڪنهن به ڪاروبار سان نه هئا ۽ ڪنهن جي اڳيان جهڪيا به نه. رضا شاهه پهلوي ٻئي جي بغاوت جي ڪال تي به ايران جي عوام ڪو اثر نه ورتو. ايرانين جي قومي جذبي ۽ حب الوطني سبب عوام متحد رهيو.