ڪراچي(رپورٽر) ارسا ۾ سنڌ مان وفاقي ميمبر مقرر نه ٿي سگهيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ جي جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ فيصلي تي عمل نه ڪرڻ تي توهين عدالت جيدرخواست تي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران اسسٽنٽ اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿيو،سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ آبي ذخيرن جي سيڪريٽري جواب جمع ڪرايو، عدالت وفاقي حڪومت جي جواب کي غير تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ سيڪريٽري آبي وسيلن کي ذاتي حيثيت ۾ ايندڙ ٻڌڻي لاءِ طلب ڪندي درخواست جي ٻڌڻي 18 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، عدالت اسسٽنٽ اٽارني جنرل سان مخاطب ٿيندي چيو ته عدالت توهان جي جواب کان مطمئن نه آهي، ڇا توهان عدالت جي فيصلي تي عمل ڪيو آهي؟، جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته مون کي ٻڌايو ته عدالت جي فيصلي تي هاڻي تائين عمل ڇو نه ڪيو ويو آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته درخواست 2013 ۾ داخل ڪئي وئي هئي، عدالت 2017 ۾ درخواست تي فيصلو ڏنو هو، 2017 ۾ عدالت جي فيصلي تي ان وقت کان عمل نه ڪيو ويو آهي، ارسا ۾ سنڌ مان ڪو به وفاقي ميمبر مقرر نه ڪيو ويو آهي.