سنڌ ۾ امن جي ڳالهه ڪرڻ، هاڻ ڪو رومانوي تصور بڻجي ويو آهي. ماڻهن جي ذهنن مان نه رڳو امن جو تصور ختم ٿي ويو آهي، پر انهن جي دلين مان قانون تي ايمان ۽ رياست تي ڀروسو به گهٽجي ويو آهي. جيڪا صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي پر سنڌ ۾ لڳي ٿو ته نه حڪومت کي فڪر آهي، نه اعليٰ اختيارين کي، ۽ نه ئي پوليس جي اعليٰ قيادت کي. ماڻهن جو اعتماد ختم ٿيڻ جو وڏو ڪارڻ حڪومت جي ان ئي اداري جي روش آهي، جنهن کي عوام جي جان، مال، عزت ۽ تحفظ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.
اهو سوال هاڻ عام ٿي ويو آهي ته آخر سنڌ پوليس عوام دوست ڪڏهن بڻجندي؟ ڇا اها پوليس، جيڪا ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران عام شهرين کي نشانو بڻائي رهي آهي، اها واقعي عوام جي خدمت لاءِ ڪم ڪري رهي آهي؟ حقيقت ته اها آهي ته سنڌ پوليس جو ڪردار هاڻ عوام لاءِ خوف جو ڪارڻ بڻجي ويو آهي. اهو ادارو، جيڪو ماڻهن لاءِ سهارو هجڻ کپي، اڄ انهن لاءِ ئي خوف جي علامت بڻجي چڪو آهي.
سنڌ جي اترين ضلعن جهڙوڪ ڪشمور ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، گهوٽڪي ۽ سکر ۾ ڪيترن ئي سالن کان ڌاڙيل راڄ قائم آهي. انهن علائقن ۾ ڌاڙيلن جي سرگرمين ۾ واڌارو ٿيو آهي، جتي ڀتو وٺڻ لاءِ ماڻهن کي فونون، وڊيوز موڪلڻ، يا سڌي ريت اغوا ڪرڻ، هاڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي. ڌاڙيلن جي هٿان ڪيترائي ماڻهو اغوا ۽ قتل ٿيا آهن، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پوليس اڄ ڏينهن تائين انهن ڏوهارين خلاف ڪو به نتيجا ڏيندڙ آپريشن نه ڪري سگهي آهي. هنن ضلعن جا ماڻهو دهشت، خوف ۽ بي وسي جي حالت ۾ زندگي گذاري رهيا آهن.مسئلو رڳو اهو ناهي ته پوليس ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري، پر هاڻ صورتحال انهيءَ حد تائين پهچي وئي آهي، جتي پوليس پاڻ ڌاڙيلن جهڙا ڪم ڪرڻ لڳي آهي. يعني ماڻهو ڪنهن شخص کي ڀتي لاءِ فون ڪن ٿا ته پوليس ان ماڻهوءَ کي ڌاڙيلن جو ساٿاري قرار ڏئي، بغير ڪنهن ثبوت جي گرفتار ڪري، نه ٿاڻي تي رکندي آهي، نه ئي عدالت ۾ پيش ڪندي آهي، پر خانگي هنڌن تي قيد ڪري ڇڏيندي آهي. پوءِ سندن وارثن کان لکين رپيا رشوت طلب ڪري، سندن آزادي جو سودو ڪيو ڪندي آهي. اها صورتحال قانون، انساني حقن ۽ ادارن جي اخلاقي حيثيت لاءِ سوال بڻجي چڪي آهي.
تازو ئي اوٻاوڙو ۽ کنڀڙا پوليس جي گڏيل ڪارروائي ڪندي مريد شاخ، پنهون خان مزاري ڪالوني، ڳوٺ الله وسايو سميت ڪيترائي ڳوٺ سندن نشاني تي آيا. پوليس اهلڪار بنا ڪنهن گرفتاري وارنٽ جي عام ماڻهن جي گهرن تي چڙهائي ڪري عام ڳوٺاڻن توڙي ننڍن دڪاندارن کي کنڀي کڻي ويا، ٻڌايو اهو پيو وڃي ته انهن ماڻهن جو ڏوهه رڳو ايترو هو ته انهن ڏانهن ڌاڙيلن طرفان ڀتي لاءِ فون آيو هو، جيڪو هو ڌاڙيلن جي خوف کان پوليس کي اطلاع نه ڏئي سگهيا. جنهن تي پوليس کين ڌاڙيلن جو ساٿاري قرار ڏئي، کين کنڀي گم ڪري ڇڏيو.گرفتار ماڻهن مان ڪنهن جي به گرفتاري جو اطلاع سرڪاري طور نه ڏنو ويو، ڪنهن به شخص کي نه ته لاڪپ ۾ نه رکيو ويو ۽ نه ئي کين عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته پوليس هاڻ پاڻ قانون جي عملداري ختم ڪري، پنهنجي لاءِ ڌاڙيلن وانگر ڪمائڻ جا ذريعا پيدا ڪري رهي آهي. اهڙي عمل سان پوليس عوام جي محافظ کان وڌيڪ ڌاڙيل بڻجي وئي آهي.
مٿي ڄاڻايل علائقي جا ماڻهو ٻٽي عذاب جو شڪار آهن. هڪ طرف ڌاڙيلن کان انهن جي عزت، جان ۽ مال جو تحفظ نه آهي، ته ٻئي طرف پوليس انهن تي شڪ جي بنياد تي ظلمن جا پهاڙ ڪيرائي رهي آهي. جيڪي ماڻهو ڌاڙيلن جي ڀتي کان بچي وڃن ٿا، سي پوليس جي رشوتخورن کان هرگز بچي نٿا سگهن. پوليس جي ڪارروائين سان ماڻهن ۾ خوف وڌي رهيو آهي، ڏوهه گهٽ نه ٿيا آهن. جيڪڏهن پوليس واقعي ڌاڙيلن جا ساٿاري گرفتار ڪري رهي هجي ها، ته پوءِ انهن جي خلاف عدالت ۾ ڪيس هجن ها، ثبوت هجن ها ۽ ڪو فيصلو به سامهون اچي ها. پر ائين ڪجهه به ناهي.
هن صورتحال ۾ پوليس جي اعليٰ عملدارن، گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور ۽ ڪشمور ضلعن جي آفيسرن تي به سوال اٿن ٿا. ڇا اهي لاعلم آهن؟ يا اهي به ان نظام جو حصو بڻجي چڪا آهن؟ غير قانوني عمل ۽ ڪرمنل سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي؟ ڇا پوليس جو هيءَ غير قانوني عمل رڳو هيٺين سطح تي ٿي رهيو آهي، يا ان جي پٺيان وڏن آفيسر جو به هٿ آهي؟ اهڙي صورتحال ۾ پوليس جي ڪارڪردگي تي اعتماد ڪري سگهجي ٿو؟ پوليس جي اهڙي رويي سان ماڻهن جي بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿئي پئي. بنا عدالت جي فيصلي جي، بنا وڪيل جي، ڪنهن به شهري کي قيد ڪرڻ، دنيا جي ڪنهن به قانون ۾ جائز ناهي.هن صورتحال کي بدلائڻ لاءِ پوليس ۾ انقلابي سڌارن جي ضرورت آهي. پوليس جي ڀرتي، تربيت جو نظام ٻيهر ترتيب ڏيڻ لازمي ٿي پيو آهي. ان کان علاوه، پوليس مان سياسي مداخلت جو خاتمو به لازمي آهي. ڇو ته جيستائين پوليس سياستدانن، بااثر ماڻهن يا ڌاڙيلن جي ڪمانڊ هيٺ ڪم ڪندي رهندي، تيستائين نه امن قائم ٿيندو، نه عوام جي خدمت ممڪن ٿيندي.