تم کردو قتل میری سانسوں کو، دفنادو میری آوازوں کو،
میرے لفظ ہلا کر رکھ دینگے، ایوانوں کے دروازوں کو
سنڌ جي مردم خيز مٽي اهڙين عظيم ، اڏول ۽ مهان شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي شاندار ڪردار ۽ عمل وسيلي دنيا ۾ سنڌ کي وڏي مڃتا ڏياري آهي. اهڙن عظيم ڪردارن جي ڪري پنج هزار سالن واري تاريخ، تهذيب، تمدن جي وارثن ڌرتي ڌڻين جو سدائين ڳاٽ اونچو رهيو آهي. اهڙن امر ڪردارن ۾ سنڌ راڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو نالو مُهڙ جي شخصيتن ۾ شامل آهي. 21 جون 1953 ۾ ڪراچي شهر ۾ ڀٽي خاندان جي گهر ۾ جنم ورتو هو. قدرت کانسواءِ ڪنهن کي به اندازو نه هو ته هيءَ ٻارڙي هڪ ڏينهن عالمي سياسي مفڪرن ۽ اڳواڻن ۾ هڪ منفرد حيثيت ماڻيندي. سندس تاريخ جو جيڪڏهن مطالعو ڪيو وڃي ته سڄي جدوجهد هڪ لفظ جي ئي چوڌاري ڦرندي نظر ايندي ۽ اهو لفظ آهي ”جدوجهد، جدوجهد ۽ جدوجهد“ جنهن جي معنى آهي ته هر قدم اڳتي لاءِ وڌي ۽ وک وک تي نئين منزلن کي جنم ڏجي. سندس حياتي شاهه لطيف جي ان بيت جي عڪاسي آهي؛
سرجيس ته سور، سامايس ته سک ويا
اهي ٻئي پور، مون نماڻيءَ نصيب ٿيا
شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جيڪا پنهنجي شخصي ڪردار ۽ سياسي جدوجهد ۾ واقعي به بينظير ۽ بي مثال ليڊر هئي، هوءَ عالمي سطح جي لينن، مائوزينگ، هوچي منهه جهڙي سماج کي تبديل ڪندڙ ليڊر هئي، ۽ موت سان اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائيندي هئي. پنهنجي فڪر ۽ قول جي ڪنهن به سطح تي مصلحت پسند نه هئي پر پنهنجي بدترين کان بدترين دشمن کي به معاف ڪرڻ واري عظيم ليڊر هئي. هوءَ پنهنجي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جيان بهادر هئي اهو ئي سبب آهي جو هن جبر ۽ ظلم جي آڏو جهڪڻ بجاءِ راولپنڊي شهر ۾ موت سان مهاڏو اٽڪائي شهادت ماڻي. بينظير ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وڏي نياڻي هئي. بينظير ڀٽو جي ولادت اسلامي ڪيلنڊر موجب 9 شوال 1378 ۽ 21 جون 1953ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿي. سندس نالو ته بينظير رکيو ويو هو، پر ننڍپڻ ۾ سندس خوبصورت ۽ گلابي رنگ جي ڪري کيس گهر ۾ ”پِنڪي“ سڏيندا هئا، پاڪستان جي ٻه ڀيرا چونڊيل اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو صدر ۽ وزيراعظم رهي چڪو هو.
بينظير ڀٽو هڪ قدآور ۽ تمام ذهين ليڊر هئي، جنهن جي شادي 1987ع ۾ سنڌ جي هڪ ٻئي سياسي خاندان ۾ ٿي. سندس ور جيڪو هن وقت ٻيو ڀيرو صدر پاڪستان آصف علي زرداري جيڪو نوابشاهه جي بزرگ سياستدان حاڪم علي زرداريءَ جو فرزند آهي ان سان ٿيو جيڪو ناناڻي طرف کان سنڌ ۾ علم جي شمع روشن ڪندڙ شخصيت حسن علي آفنديءَ سان واسطو رکي ٿو.ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته زندگي کان اڳ موت تخليق ٿيو. موت ظاهري طور منتقلي جو نالو آهي، انسان حياتي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هڪ نئين ڪائنات طرف گامزن ٿي وڃي ٿو ۽ ان کي حاصل ڪرڻ کانپوءِ انسان جو هڪ نئون سفر شروع ٿي ٿو. پر طبي موت جي برعڪس شهادت هڪ اهڙو تحفو آهي جيڪو ڪامياب انسانن کي هميشه جي لاءِ امر بڻائي ڇڏي ٿو. اهڙي شهادت سان معاشري اندر انقلاب برپا ٿي ويندو آهي. شهادت بعد نئي مظلوم طبقي کي منزل ميسر ٿي ويندي آهي. اهڙا ماڻهو پوءِ دلين، دماغن ڌڙڪن اندر زنده رهندا آهن ۽ نسل در نسل انهن جو ذڪر جاري رهندو آهي. اڄ اهو ئي جذبو اسان کي شهيدراڻي محترمه بينظير ڀٽو جي تازي رت جي اندر نظر اچي ٿو.
شيخ اياز هڪ هنڌ لکي ٿو: “هُن کي ٻَڌي وٺي آيا ۽ کيس چيائون، تون ڏوهي آهين، تو پيار جو نانءُ ورتو آهي. هُن پنهنجي جسم تي پيل زنجيرن کي زور سان سٽ ڏني ۽ رڙ ڪري چيو، مان ڏوهي نه آهيان! مان ڏوهي نه آهيان! مان هن دور جو پيغمبر آهيان. هُو ڏند ٽيڙي کلڻ لڳا ۽ ان جي زبان ڪپي ڦٽي ڪيائون. ان ڳالھه کي ڪيئي سال گذري ويا. اڄ هُو ساڳي جاءِ تي، ٻئي ڪنهن کي ٻَڌي وٺي آيا ۽ هُن کي چيائون، تون ڏوهي آهين، تون پيار جو نانءُ به نه ٿو وٺين، تون اسان جي پيغمبر کي به نه ٿو مڃين. ايئن چئي غصي ۾ ڏند ڪرٽيائون ۽ ان جي زبان ڪپي ڦٽي ڪيائون”. وري ٻئي هنڌ لکي ٿو: “ آڌيءَ رات جو سمو آهي، هُو ڦاسيءَ جي رسي ۾ لڙڪِي رهيو آهي. لُرِيءَ ۾ هُن جا پير اُگھاڙا آهن، پير جي تخت تان لهي، تختي تائين پهتا آهن ۽ هاڻي هيٺ مُڙي ويا آهن، جيڪي ڪنهن سوڙهي گھٽيءَ جو رستو ڏيکارين ٿا. مان انهن ٿڌن پيرن تي، پنهنجا ڪوسا هٿ رکي سوچيان ٿو، ته جي مان هن کي جاڳايان، ته ڇا هُو پنهنجو منهن مون کان لڪائيندو؟ هُو جو ڌرتيءَ جو ڌنار هو، ڇا هُو اهو مڃيندو ته رڍون ۽ بگھڙ گڏ نه پالبا آهن.
بهرحال پاڪستان جي سماج ۾ تعليم سڀني لاءِ جو نعرو کڻي ايندڙ ۽ خصوصي طور تي نياڻين هي اعلي تعليم لاءِ هر وقت فڪر مند رهندڙ هن باوقار، باعمل، شان، مان، رعب، ڏات، نفاست واري جدوجهد سان ڀرپور قائد، هر حال ۾ هار نه مڃڻ، همت ڀري عظيم اڳواڻ، دنيا جي عورتن لاءِ پنهنجو پاڻ کي هڪ مثال ثابت ڪيو آهي ته عورت ڪنهن به ماحول يا حالتن ۾ مرد کان گهٽ نه آهي پر مرد کي مات ڏئي سگهي ٿي. سياست ۾ سندس مرتبو ۽ حيثيت دنيا جي مڃيل وزيراعظم عورت مسز اندرا گانڌي کان به وڌيڪ اعليٰ آهي ڇاڪاڻ ته مسز گانڌي زندگي جي جدوجهد ۾ بينظير ڀٽو صاحبه جهڙيون تڪليفون ڪو نه ڏٺيون. جيل، جلاوطني وارا ڏينهن ڪو نه ڏٺا. مارشل لا جون اذيتون برداشت نه ڪيون، پنهنجي والد سان ڪال ڪوٺڙي ۾ ملاقاتون نه ڪيون. بيماري ۾ علاج لاءِ قيد بي سهارا نه رهي. مذهبي معاشري ۾ پاڻ نه مڃايو ۽ سڀ کان وڌيڪ ته محترمه ڀٽو صاحبه وانگر ننڍي ڄمار ۾ وزارت عظميٰ نه ماڻي. بينظير ڀٽو صاحبه جدوجهد جي علامت ۽ حوصلي واري عظيم عورت قائد هئي جنهن کي هر دور ۾ هر حالت ۾ حوصلي ساڻ مقابلو ڪرڻ جو ڏانءُ حاصل هو. دنيا سندس والد وانگر محترمه جي بين الاقوامي معاملن تي اعليٰ ذهانت ۽ ڏاهپ جي قائل آهي.
محترمه جو جنم ته هڪ دفعو 21 جون تي ٿيو هو پر هن جو موت ڪيئي دفعا ٿيو پر هر دفعي هڪ نئون جوش ۽ حوصلو بڻجي عوام جي سگهه بڻيو. هن جو موت ته ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت ، شاهنواز جي شهادت ۽ مرتضى جي شهادت وقت به ٿيو هو پر 27 ڊسمبر 2007 وارو ڏينهن کيس جسماني طور اسان کان هميشه لاءِ جدا ڪري ويو پر سندس ڏنل فڪر اسان سان هر وقت رهندو، سندس يادون اسان کي سندس ياد ڏيارينديون رهنديون. سڄو چمن اجڙي ويو هو، سڄي زمين سڙي وئي هئي پر گُل جي خوشبو زنده آهي. اها آزاد آهي. خوشبو کي ڪير قيد نٿو ڪري سگهي. هُوءَ ڪلهه به زنده هئي اڄ به زنده آهي ۽ سڀاڻي به زنده رهندي.
شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي اسان کان وڇڙئي 17 سالن کان مٿي جو عرصو گذري چڪو آهي پر اڄ به اهو محسوس نٿو ٿئي ته ڪا شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو اسان کان وڇڙي آهي ڇو ته هوءَ بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ۽ آصفه جي روپ ۾ اسان وٽ موجود آهي ۽ اسان جي سرپرستي ۽ نگهباني ڪري رهي آهي.