ٽرمپ جو ايران تي حملي جي فيصلو واپس وٺڻ فيلڊ مارشل سان ملاقات جو نتيجو؟

واشنگٽن جي پاليسي ساز حلقن ۾ ايران خلاف فوري ڪارروائيءَ بابت خيال ٻيهر سوچڻ جو محرڪ، يورپي دٻاءُ ۽ خاص طور فرانس جي سفارتي ڪوششن کي قرار ڏنو پيو وڃي، جيڪي ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي سفارتڪاريءَ وسيلي حل ڪرڻ تي زور ڏين پيا.هڪ معروف عرب خابرو اداري تي شايع ٿيل تبصري موجب، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايران سان سفارتي لاڳاپن جا دروازا کليل رکڻ جو فيصلو رڳو جذباتي ردعمل نه، پر عالمي دٻاءُ جو نتيجو آهي، جنهن ۾ يورپي يونين جون حڪمت عمليون ۽ خاص ڪري پاڪستان جي آرمي چيف سان تازو ٿيل ملاقات خاص اهميت رکي ٿي.

ان سلسلي ۾ هڪ اهم نُڪتو اهو آهي ته فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون واضع طور تي اعلان ڪيو آهي ته هو ايران ۾ حڪومت جي تبديلي، يعني ’رجيم چينج‘ جي سخت مخالفت ڪن ٿا ۽ سندن خيال آهي ته هي مسئلو صرف ۽ صرف سفارتي محاذ تي ئي حل ٿي سگهي ٿو.

هيءَ صورتحال، ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي تناظر ۾ وڌيڪ حساس بڻجي وئي آهي، جتي آمريڪا به پنهنجي روايتي انداز کان هٽي، هاڻي جنگي مداخلت جي بجاءِ سفارتي لاڳاپن کي ترجيح ڏيڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان غور ڪري رهيو آهي. ٽرمپ انتظاميا جو فيصلو، هاڻي عالمي سياست ۾ نئين تبديليءَ جي شروعات طور ڏٺو پيو وڃي، جتي طاقت جي نمائش بدران ڳالهين ذريعي مسئلن جو حل ڳولڻ کي ترجيح ڏني پئي وڃي. رپورٽ موجب، جيڪڏهن آمريڪا ايران خلاف اسرائيل جي امڪاني فضائي حملي ۾ شامل ٿئي ٿو ته پوءِ کيس يورپي ملڪن جي سياسي ۽ سفارتي حمايت جي سخت ضرورت پوندي. جيتوڻيڪ امڪان ايترو ناهي ته يورپي اڳواڻ ايترو وڏو دٻاءُ وجهي سگهن جو واشنگٽن پنهنجو مؤقف مڪمل طور تي تبديل ڪري، پر سندن هن نرم پر اثرائتي دٻاءَ سبب آمريڪي پاليسي سازن کي مجبورن ٻيهر سوچڻ تي مجبور ٿيڻو پيو آهي.هن رپورٽ ۾ اهو به ظاهر ڪيو ويو آهي ته هاڻي آمريڪي حڪمران طبقا شايد هڪ يا ٻه هفتا انهيءَ سوال تي غور ڪندا ته آخرڪار هو ڇا ڪرڻ پيا وڃن ۽ ڇا سندن قدم صرف سياسي اُڀار لاءِ آهي يا ان جو ڪو عملي فائدو به آهي؟

رپورٽ مطابق، جيڪڏهن ٽرمپ واقعي ايران کي ڪمزور ڪرڻ يا اتي حڪومتي تبديلي آڻڻ چاهي ٿو ته اهو بار کين پاڻ کڻڻو پوندو، ڇو ته هو ايران ۾ نڪي سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا نڪي انهيءَ علائقي ۾ طويل لاڳاپا رکڻ جا خواهشمند آهن. اهڙي صورتحال ۾ آمريڪي صدر غالباً ايران جي معاملي کي يورپي اتحاد جي حوالي ڪرڻ چاهي ٿو ته جيئن هو پاڻ ڪنهن به وڏين پيچيدگين کان پاسو ڪري سگهي. يورپي ملڪن اڳ ئي پنهنجو واضح مؤقف اختيار ڪيو آهي ته هو ايران ۾ ڪنهن به حڪومت جي تبديليءَ واري عمل ۾ شامل  ٿيڻ نٿا چاهين ، ۽ نه ئي ايران جي ايٽمي ريڪٽرز تي ڪنهن به قسم جي بمباري جو حصو بڻجڻ لاءِ تيار آهن. سندن پاليسي جو بنياد صرف سفارتي حل تي بيٺل آهي، جنهن ذريعي ڇڪتاڻ واري صورتحال کي سلجهائي سگهجي.

ٻئي طرف، برطانيا جي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي جو چوڻ آهي ته وچ اوڀر (مڊل ايسٽ) ۾ وڌندڙ سنگين صورتحال کي روڪڻ لاءِ هاڻوڪو وقت ئي سڀ کان مناسب موقعو آهي. سندس خيال موجب، آمريڪي صدر ٽرمپ پاران ايران تي حملي جو فيصلو ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪرڻ، سفارتي حل لاءِ هڪ اهم موقعو مهيا ڪري ٿو، جنهن مان خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جو امڪان پيدا ٿي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.