جبري مذھب مٽائڻ واري معاملي تي قانونسازي جي ضرورت

تحرير: آزاد لال حسين 

سنڌ ۾ اقليت جي نابالغ نياڻين کي اغوا ڪري جبري طور مذھب تبديل ڪري شاديوڻ ڪرڻ وارو معاملو ڪو نئون ڪونھي، سنڌ جنھن کي اقليت جي ماڻھن لاءِ ٽامو ڪرڻ جو سلسلو ورھاڱي کان شروع ٿيو جيڪو 77 سالن کان وٺي ھيل تائين جاري آھي، سنڌ ۾ ڪڏھن رينا، روينا ڪماري، رنڪل ڪماري ته ڪڏھن ڊيشا، جيئا ۽ ديئا جي روپ ۾ نياڻين کي جبري طور اغوا ڪري مذھب تبديل ڪرايو ويندو آھي، رنڪل ڪماري جنھن جو تعلق ميرپورماٿيلو جي ھندو گھراڻي سان ھو، جنھن کي 2012 ۾ اغوا ڪري زوري مذھب تبديل ڪري مسلمان ڪري ھڪ سيد ڇوڪري سان شادي ڪرائي وئي انھي معاملي ۾ وارثن بااثر وڏيري ۽ ايم اين اي جي ماڻھن تي اغوا جو الزام ھنيو وارث انھي ڪيس کي سپريم ڪورٽ تائين کڻي ويا، ڇوڪريءَ کي ٻه ڀيرا پيش ڪيو جتي ڇوڪريءَ رڙيون ڪري وارثن سان وڃڻ جو چيو پر ٻي پيشي ۾ ڇوڪريءَ مڙس سان گڏ وڃڻ تي راضي ٿي جنھن تي عدالت مڙس جي حق ۾ فيصلو ڏنو.

انھيءَ ڪيس کي ھندو برادري جي ماڻھن ۽ ملڪي توڙي انٽرنيشنل انساني حقن جي تنظيمن اقليت سان ظلم قرار ڏنو، انھي کان پوءِ ٻيو ڪيس رينا ۽ روينا جي شڪل ۾ سامھون آيو، رينا روينا کي 2019ع ۾ گھوٽڪي ضلعي مان اغوا ڪري رحيم يار خان ۾ ظاھر ڪري اسلام قبول ڪرڻ جو بيان ڏياريو ۽ عدالت ۾ پيش ڪيو جتي ٻنھي نياڻين پنھنجي وارثن سان گڏ ھلڻ کان انڪار ڪندي ٻن مسلمان ڇوڪرن سان شادي رچائي انھن سان گڏ وڃڻ جو بيان ڏنو، عدالت انھن کي مرضي موجب وڃڻ ۽ تحفظ فراھم ڪرڻ جو حڪم ڏنو، رينا روينا وارو مسئلو انٽرنيشنل ميڊيا جي زينت بڻيو، ملڪ جي وزيراعظم عمران خان به ھن معاملي جو ذڪر ڪيو، خاص ڪري ڀارتي ميڊيا ھن اشو کي ھاءِ لائيٽ ڪيو، ٻئي پاسي وارثن ۽ ھندو برادري جي اڳواڻن پاران اسلام ھاءِ ڪورٽ درخواست داخل ڪرائي ۽ وارثن درخواست ۾ ڄاڻايو ته نياڻيون نابالغ آھن جن جي عمر 13 ۽ 15 سال آھي انھي جي باوجود ھاءِ ڪورٽ اسلام آباد نياڻين جي رضامندي واري بيان بعد اغوا ۽ زبردستي جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، انھي کانپوءِ ھينئر تازو سانگھڙ ضلعي جي شھدادپور ۾ ٽن ڀيڻن ديئا، جيئا، ڊيشا ۽ ھڪ سئوٽ کي اغوا ڪري انھن کان مذھب تبديلي جا ويڊيو ذريعي بيان ڏياريا ويا، انھن کي پوليس ڪراچي مان ٽيڪنيڪل طريقي سان ھٿ ڪري مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي نياڻين ۽ نينگر 3 سال اڳ اسلام قبول ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو، اغوا ٿيل نياڻين جي وارثن جو الزام ھنيو آھي ته ڪمپيوٽر سينٽر تي ٽيوشن ڏيندڙ سرفراز ۽ فرحان خاصخيلي نياڻين ۽ پٽ کي ورغلائي زبردستي مسلمان ڪيو آھي، وارثن موجب ته ھڪ ڇوڪريءَ ۽ نينگر کي شھدادپور، ھڪ ڇوڪريءَ کي ڄامشورو يونيورسٽي ۽ ھڪ ڇوڪريءَ کي ڪراچي جي يونيورسٽي مان اغوا ڪيو ويو آھي، انھن ڄاڻايو ته ھڪ ڇوڪريءَ ۽ نينگر نابالغ آھن، عدالت جي فيصلي بعد نياڻين ۽ نينگر کي پنھنجي مرضي موجب زندگي جيئڻ جو حڪم ڏنو.

جبري مذھب تبديلي واري معاملي تي سنڌ جا انٽليڪچول ماڻهو سدائين الزام ھڻندا رھيا آھن ته ھندو نياڻين کي زبردستي مسلمان ڪيو وڃي ٿو انھيءَ سان گڏ قومپرست ڌريون، انساني حقن جون تنظيمون ۽ ھندو برادري جا ماڻھو شفاف جاچ جو مطالبو ڪندا رھيا آھن پر اڄ تائين انھن خلاف جاچ ناھي ٿي انھي مان ثابت ٿئي ته اھي پير جبري مذھب تبديلي واري معاملي ۾ ملوث آھن، ڀرچونڊي وارا پير ۽ ساماري وارا سرھندي پير جن جو تعلق اقتداري ڌر پيپلزپارٽي سان آھي، جاچ نه ٿيڻ جو وڏو سبب اھو پڻ آھن، پاڪستان جي پوري تاريخ ۾ رڳو ھندو ناريون مسلمان ٿينديون رھيون آھن انھن سان مسلمان نوجوان شاديون ڪندا رھيا آھن پر ڪو ھندو نوجوان مسلمان ٿي مسلمان ناري سان شادي ناھي ڪئي، رڳو ھندو نارين کي ڇو مسلمان ڪيو وڃي ٿو اھو به نوجوان نارين کي مسلمان ڪيو وڃي ٿو، جبري طور مذھب جي تبديلي واري معاملي تي ڪو قانون ناھي جڙي سگھيو، جڏھن ڪا ناري اغوا ٿيندي آھي ته انھي پويان وارث رڳو اغوا جو ڪيس داخل ڪرائيندا آھن ۽ جڏھن ناري رضامندي جو بيان ڏيندي آھي ته اغوا وارو ڪيس ڪو حيثيت وڃائي ويندو آهي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ زبردستي مذھب جي تبديلي خلاف قانون 2016ع ۾ پيش ٿيو ھو، پر مذھبي ڌرين جي مخالفت سبب پاس نه ٿي سگھيو، سنڌ حڪومت کي ٻيھر قانونسازي ڪري جبري طور مذھب مٽائڻ واري معاملي کي ٻنجو ڏيڻ گھرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.