اڄ بلاول جي ڏيهه واپسي، پ پ پاران شاندار استقبال جون تياريون

ڪراچي (رپورٽر) پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو جي صدارت ۾ ڪراچي ڊويزن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، سعيد غني، جاويد ناگوري، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر،سينيٽر، سڀني ضلعن جا صدر، جنرل سيڪريٽري، ذيلي ونگز جا عهديدار ۽ ٽائون چيئرمين شريڪ ٿيا، اجلاس دوران نثار کهڙو چيو ته مخالف به مڃن ٿا ته بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم لاءِ حقيقي اميدوار آهي، بلاول جي عالمي سفارتي مشن دوران پاڪستان جو موقف عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو، بلاول ڀٽو دنيا ۾ پاڪستان جي تصوير کي درست طور پيش ڪيو، اسان کي گهرجي ته اهڙو شاندار استقبال ڪريون جو دنيا ڏسي ته عوام بلاول تي فخر ڪري ٿو، ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته چيئرمين بلاول جي اڳواڻي ۾ وفد آمريڪا، برطانيا، يورپي يونين سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ پاڪستان جو اثرائتو موقف پيش ڪيو، ان ڪري آمريڪي صدر فيلڊ مارشل کي ڊنر تي گهرايو، اڄ جمعي ڏينهن بلاول جو اهڙو استقبال ڪريون جو دنيا ڏسي، سعيد غني چيو ته بلاول جي عالمي سطح تي ڪاميابين سبب پاڪستان کي مڃتا ملي، سندس آمد محترمه بينظير ڀٽو جي واپسي جي ياد تازي ڪري ڇڏيندي، ٻي پاسي پ پ جي مرڪزي ترجمان شازيا مري چيو آهي ته اسان کي پنهنجي اڳواڻ جي استقبال ذريعي ڀارت کي واضع پيغام ڏيڻ گهرجي.

  1. ٽرمپ پاڪستان وسيلي ايران سان ڊيل جو خواھشمند؟

اسلام آباد(طلعت حسين) آمريڪي صدر ٽرمپ سان فيلڊ مارشل جي ملاقات جي خبر ھر طرف ھلي رھي آھي پر اصل خبر اھا ھئڻ گھرجي ھا تھ ان ملاقات ۾ ڇا ڇا ٿيو؟ آمريڪي انتطاميھ ۽ فوجي لاڳاپن ۾ نئين ڪتاب جواضافو ٿيوآھي.پھريون پينٽاگون ڊيل ڪندو ھئو پر ھاڻي وائيٽ ھائوس سڌي ريت ڊيل ڪري رھيوآھي.خاص ڳالھه اھا بھ آھي تھ سموي سويلين قيادت کي باءِ پاس ڪندي يا ٻاھر رکندي  ملاقات ٿي فيلڊ مارشل واپس اچي وزيراعظم کي بريف تھ ڪندو پر لڳي اھو تھ ان ملاقات ۾ صرف دفاعي ۽ پرڏيهي معاملن تي ڳالھيون ٿيون ھونديون. ھندستان مان ان تي ري ايڪشن انتھائي ناڪاري آھي.مودي تي انتھائي تنقيد ۽ طنز ٿي رھيوآھي.ھاڻي ھندستان يتيم ٻار وانگر رھجي ويوآھي.جيڪو ھندستان تاثر ويھاريو ھيو تھ دنيا سان گڏجي پاڪستان جو گھيراءُ ڪري رھيا آھيون سو ختم ٿي ويوآھي.ھن وقت ٽرمپ جو گول آھي تھ ايران ڊيل ڪري پر ايران پاڻ چوي تھ مان ڊيل ڪرڻ گھران ٿو.ان ڊيل وسيلي ھو نوبل پرائز کڻڻ گھري ٿو اگر پاڪستان ڊيل ڪرائي وڃي تھ ٽنھي ملڪن لاءِ سوڀ واري صورتحال ھوندي. پاڪستان رجيم چينج کي ناقابل قبول سڏي ٿو ۽ آمريڪا ۽ اسرائيل رجيم چينج گھرن ٿا.آمريڪا ۽ اسرائيل غزھ ۾ جنگ کي دفاع جوحق سڏين ٿا ۽ پاڪستان جارحيت سڏي ٿو.پاڪستان صرف ايترو چاھي ٿو تھ ڪنھن ريت ھي جنگ ختم ٿي وڃي اھا پاڪستان اندر نھ گھڙي پوي.

  1. آمريڪا ۾ اسرائيلي حملن خلاف احتجاجي مظاهرا، اسرائيل خلاف نعرا

واشنگٽن (م ڊ) ايران تي اسرائيلي حملي خلاف آمريڪا ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. واشنگٽن ۾ احتجاج ڪندڙن کي ايران ۽ فلسطين جا جهنڊا کنيل هئا. وائٽ هائوس ٻاهران اسرائيل خلاف نعريبازي ڪئي وئي. مظاهري ۾ آرٿوڊوڪس يهودين به حصو ورتو. نيويارڪ شهر ۾ به ماڻهو احتجاجي ريلي ۾ شامل ٿيا، جتي مظاهرين آمريڪا ۽ اسرائيل کان وچ اوڀر ۾ فوجي ڪارروائيون بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.