ايران جا صيهوني فوجي مرڪزن تي حملا، اسرائيل جي خامنه اي جي قتل جي ڌمڪي

تهران/تل ابيب (م ڊ) ايران حملن جي جواب ۾ اسرائيل تي وڏو حملو ڪري ڏنو. تل ابيب ۾ 25 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ 137 کان وڌيڪ صهيوني زخمي ٿيا آهن. اسرائيلي بچاءُ واري وزير يوآف گالانٽ چيو آهي ته: "خامنه اي جهڙو ماڻهو هميشه پنهنجن ايجنٽن ذريعي اسرائيل کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿو، اهو ماڻهو، جيڪو اسان تي حملو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ان کي هاڻ وڌيڪ زنده نه رهڻ کپي۽ هي معاملو انهي شخص کي روڪڻ، ختم ڪرڻ جي مهم جو حصو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ايراني ميزائل حملن کانپوءِ تل ابيب ۽ والاريل بيت المقدس (يروشلم) ۾ زور دار ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن. ايران پاران اسرائيل تي تازن ميزائل حملا ۾ صهيوني فوج جي ڪمانڊ اينڊ انٽيليجنس هيڊڪوارٽرز ۽ انٽيليجنس ڪيمپ کي نشانو بڻائڻ جو دعويٰ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسرائيلي اختيارين تصديق ڪئي آهي ته انهن حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 137 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. اسرائيلي وزيراعظم ايران تي سوروڪا اسپتال کي نشانو بڻائڻ جو الزام به هنيو آهي. خبر ايجنسي ’رائٽرز‘، ايران جي سرڪاري خبر ايجنسي ’ارنا‘ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته خميس جي صبح ٿيندڙ ايران جي حملي جا مرڪزي هدف اسرائيلي فوج جو ڪمانڊ اينڊ انٽيليجنس هيڊڪوارٽر هئا. اسرائيلي ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته تل ابيب جي گشدان واري علائقي، صحراءِ نقب سميت گهٽ ۾ گهٽ 4 علائقن ۾ 6 ميزائل ڪِريا آهن، جڏهن ته صحراءِ نقب ۾ هڪ عمارت ميزائل حملي جي نتيجي ڊهي پٽ پئجي وئي. ريسڪيو اختيارين موجب، يَر السبع شهر ۾ قائم ساروڪا اسپتال تي به ميزائل ڪِريو، جنهن سبب وڏي پيماني تي تباهي ٿي آهي. اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايراني ميزائل حملو اڳئين حملن جي ڀيٽ ۾ تمام وڏو ۽ شديد هو ۽ نقصان جا تفصيل هوريان هوريان سامهون اچي رهيا آهن.اسرائيلي ميڊيا اِها به دعويٰ ڪيو آهي ته ايران ڏکڻ اسرائيل ۾ خاص طور اسپتال کي نشانو بڻايو، جڏهن ته تل ابيب، حولون ۽ ٻين ڪيترن ئي هنڌن تي وڏو نقصان ٿيو آهي. ٻئي پاسي ايراني ميڊيا جو موقف آهي ته ميزائل حملن ۾ اسرائيلي فوجي قيادت، انٽيليجنس هيڊڪوارٽر ۽ انٽيليجنس ڪئمپ کي نشانو بڻايو ويو آهي، جڏهن ته ساروڪا اسپتال کي ڪو سڌي ريت نشانو نه بڻايو ويو آهي، پر اهو فوجي مرڪزن جي ويجهو هئڻ سبب جزوي طور متاثر ٿيو آهي.انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ آمريڪي تخت گاهه واشنگٽن ۾ قائم هيومن رائٽس ايڪٽيوسٽس نالي گروپ چيو آهي ته ايران تي اسرائيلي حملن ۾ هيل تائين گهٽ ۾ گهٽ 639 ڄڻا مارجي ويا ۽ 1329 زخمي ٿي چڪا آهن. ان گروپ مارجي ويلن جي مجموعي انگ مان 263 جي عام شهرين ۽ 154 جي سيڪيورٽي فورسز اهلڪارن طور سڃاڻپ ڪئي آهي.  اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيٽنياهو ميزائل حملي کان پوءِ سماجي رابطا ويب سائيٽ ’ايڪس‘ تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته صبح ايران جا دهشتگرد ظالم بيئر شيبع ۾ سورڪا اسپتال ۽ ملڪ جي مرڪزي حصي ۾ شهري آباديءَ تي ميزائل هنيا. اسان تهران جي ظالم حڪمرانن کان مڪمل حساب وٺنداسين. اسرائيل جي فوج   چيو آهي ته ايران جي طرفان هنيل گهٽ ۾ گهٽ هڪ ميزائل ڪيترن ئي گولا بارود (وار هيڊز) يا ڪلسٽر بم جي قسم جو هو. ’ٽائمز آف اسرائيل‘ جي رپورٽ مطابق فوج چيو آهي ايران دعويٰ ڪري ٿو ته انهن وٽ ملٽي پل انڊيپينڊنٽلي ٽارگيٽيبل ري اينٽري وهيڪلز بيليسٽڪ ميزائل موجود آهن، ۽ اهڙا ٻيا ميزائل جيڪي ذيلي گولا بارود رکن ٿا، جيڪي هڪ ئي ميزائل سان ڪيترن ئي هدفن تي حملا ڪري سگهن ٿا. اسرائيل جي صحت کاتي مطابق، ايراني بيليسٽڪ ميزائل حملي کان پوءِ اڄ صبح 271 ماڻهو اسپتالن ۾ داخل ٿيا، جن مان 4 جي حالت ڳڻتيءَ جي آهي، 16 وچولي زخمي، 220 جي حالت بهتر، 24 شديد ذهني دٻاءُ (انگزائٽي) ۾ مبتلا ۽ 7 جي طبي جاچ جاري آهي جن جي حالت معلوم ناهي.  صحت کاتي موجب، ’آپريشن رائزنگ لائن‘ شروع ٿيڻ کان وٺي 2 هزار 345 زخمين کي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جن مان 21 جي حالت ڳڻتي واري، 87 وچولي زخمي ۽ 2 هزار کان وڌيڪ بهتر حالت ۾ آهن، 99 ماڻهو ذهني دٻاءُ ۾ مبتلا آهن. ايران جي نائب پرڏيهي وزير سعيد خطيب زاده تازو ئي بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جيتوڻيڪ ايران سفارتڪاري چاهي ٿو، پر جيستائين انهن جي ملڪ خلاف بمباري جاري رهندي ته ڪو به ڳالهين لاءِ تيار نه ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته: جنهن ڏينهن اها جارحيت بند ٿيندي، يقينن سفارتڪاري ئي پهريون آپشن هوندو.  ايراني نائب پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته "هي آمريڪا جي جنگ ناهي” ۽ "جيڪڏهن ٽرمپ هن جنگ ۾ شامل ٿين ٿا ته انهن کي هميشه اهڙي صدر طور ياد رکيو ويندو، جنهن اهڙي جنگ ۾ حصو ورتو، جنهن سان انهن جو ڪو واسطو ئي نه هو. اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو هاڻي غزہ کان پوءِ ايران سان جاري جنگ سبب پنهنجي پٽ جي شادي منسوخ ٿيڻ جو ڏک به محسوس ڪري رهيو آهي. اسرائيلي ميڊيا جي رپورٽن مطابق، وزيراعظم نيتن ياهو اسپتال جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي نيتن ياهو چيو ته اسرائيلي عوام هن جنگ جي وڏي قيمت ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هن جنگ جي ذاتي قيمت به چُڪائڻِي پئي آهي، ماڻهو زخمي ٿي رهيا آهن ۽ پنهنجي پيارن کان جدا ٿي رهيا آهن. نيتن ياهو وڌيڪ چيو ته، "هر ڪو هن جنگ جي ذاتي قيمت ڀوڳي رهيو آهي، منهنجو خاندان به محفوظ ناهي رهيو۔ هن جنگ دوران ميزائل حملن جي خوف سبب مون کي ٻيهر پنهنجي پٽ جي شادي منسوخ ڪرڻي پئي آهي. ايران، اسرائيل خلاف جوابي ڪارروائي جاري رکندي، آپريشن "وعده صادق سوم” تحت حملي جي 15هين لهر جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. تهران ٽائمز جي رپورٽ موجب، ايران اسرائيلي بنا جواز جارحيت جي جواب ۾ پنهنجن ڪاررواين جو سلسلو اڳتي وڌائيندي، ميزائلن ۽ ڊرونن سان 15هين مرحلي جو آغاز ڪيو آهي۔ پاسدارانِ انقلابِ اسلامي، موجوده تڪرار جي دوران، حيفا ۽ تل ابيب ۾ قابض علائقن جي فوجي هنڌن ۽ عسڪري صنعت سان لاڳاپيل تنصيبن تي مربوط ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا آهن۔ سرڪاري ذريعن موجب، هن آپريشن جي تازي مرحلي ۾ 100 کان وڌيڪ جنگي ۽ خودڪش ڊرون فائر ڪيا ويا، جن جو بنيادي هدف ٻنهي شهرن ۾ موجود اينٽي ميزائل دفاعي نظام هئا۔هوڏانهن ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي قوم کي خوف مان نڪرڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته پنهنجي طاقت سان دشمن تي ڏهڪاءُ طاري ڪندا رهو. ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ خامنه اي قوم کي مخاطب ٿيندي چيو ته منهنجي قوم جا ماڻهو جيڪڏهن توهان ٿورو به خوف جو شڪار ٿيا ته دشمن توهان کي وڌيڪ ڊيڄاريندو ۽ توهان کي نه ڇڏيندو. خامنه اي سورت انفال جي آيت جو ترجمو به شيئر ڪيو ته ”فتح رڳو الله جي طرفان آهي، جيڪو غالب ۽ حڪمت وارو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.