ڪراچي(رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پ پ ايم پي اي اسماعيل راهو چيو ته جڏهن وزيراعليٰ بجيٽ پيش ڪئي ته اپوزيشن جو افسوسناڪ رويو سامهون آيو، گذريل سال وزيراعليٰ اپوزيشن جي رويي جيتعريف ڪئي هئي، پر هاڻي نه ڄاڻ ته ڪهڙي ناراضگي آهي، ذاتي مسئلن جو غصو سنڌ تي نه ڪڍڻ گهرجي، ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري پيش نه ڪيو وڃي، سنڌ جي ورهاست جون ڳالهيون نه ڪيون وڃن، ڇا ڪنهن ڪڏهن چيو ته لاهور ۽ پنجاب؟ اپوزيشن ميمبرن چيو ته هي جمهوريت نه پر آمريت آهي. اوهين آمريت جي دور ۾ پيدا ٿيا آهيو، آمريت جا ڳيچ ڳائڻ اوهان جو ڪم آهي، سنڌ جا ماڻهو آمريت تي يقين نه ٿا رکن. پوري پاڪستان ۾ جمهوريت دوران ترقي ٿي آهي، ڪهڙي سياسي جماعت خودمختياري لاءِ جدوجهد نه ڪئي؟ ڪراچيءَ ۾ احتجاج بجلي ۽ گئس جي مسئلن تي ٿين ٿا. جيڪو صوبو 2سيڪڙو گئس ڏئي ٿو ۽ سڀ کان وڌيڪ استعمال به ڪري ٿو. وفاق ڪراچي لاءِ ڪجهه چيو آهي؟ اسان ڇو نه سمجهون ته اوهين سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪري رهيا آهيو؟ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي نجم مرزا چيو ته شاهينه شير علي وزيراعليٰ کي ”چيپ منسٽر“ چيو،اسماعيل راهو اهڙا ليڪچر ڏئي رهيو آهي ڄڻ ڀٽو جو ڪلاس فيلو هجي، هو مسلم ليگ ن جي پليٽ فارم تان چونڊ وڙهيو، 2013ع ۾ اسماعيل راهو هاريو هو، فارم 47 جي شروعات ٿي، پ پ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ورهاست انتهائي حساس مامرو آهي، ڪئنالن جو معاملو به نازڪ آهي، انهن معاملن تي سوچي سمجهي ڳالهايو وڃي، هتي هٿيار خريدڻ جي ڳالهه ٿي آهي، سوال آهي ته ڪهڙو پيغام ڏنو پيو وڃي؟ ڪراچي پورٽ 1887ع ۾ ٺهيو هو، ڪيتريون ئي تاريخي عمارتون ان کان اڳ جون موجود آهن. اسان اردو ڳالهائيندڙن خلاف نه آهيون، اسان ورهاست واري سوچ جي خلاف آهيون، پي ٽي آءِ جي ايم پي اي ريحان بندوقڙا چيو ته منهنجي تڪ ڊفينس ۾ سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي جو آهي، ڊفينس لاءِ پاڻيءَ بابت ڪجهه به نه رکيو ويو آهي. 90 سيڪڙو اسيمبلي ميمبر به ڊفينس ۾ رهن ٿا. ڪلفٽن ۾ پاڻي جي ورڇ جو مسئلو آهي، اسان پاڻي جي تقسيم کي ڇو نه سنڀالي سگهون ٿا؟ روز روڊ گٽر جي پاڻي سان ڀرجي وڃن ٿا، پ پ ايم پي اي تاج محمد ملاح چيو ته بدين ضلعي ۾ لاڙ يونيورسٽي ڏني وڃي، لاڙ ڪيمپس کي ترقي ڏئي مڪمل يونيورسٽي بڻايو وڃي. بدين اسپتال ۾ اين آءِ سي وي ڊي ڏنو وڃي. ٺٽو-بدين روڊ تي ڪيترائي حادثا ٿين ٿا، ان روڊ کي ڊبل ڪيو وڃي، پي ٽي آءِ ايم پي اي ريحان راجپوت چيو ته سنڌ حڪومت 38 ارب خساري وارو بجيٽ فخر سان پيش ڪيو، سڄي سنڌ ۾ اڻبرابريءَ سان ورڇ ٿي آهي. ترقياتي رقم جي ورڇ آئين جي ڀڃڪڙي آهي.