ڪراچي (عوامي آواز خاص رپورٽ) پاڪستان جي اعليٰ سيڪيورٽي ذريعن جنرل عاصم منير جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان تازي ملاقات کي نهايت اهم ۽ اسٽريٽجڪ نوعيت واري قرار ڏنو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هي ملاقات رڳو هڪ رسمي تصوير تائين محدود نه رهندي پر ان جا ڏوررس اثر ٿيندا. اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ تڪرار پنهنجي اوج تي آهي ۽ آمريڪا جي حيثيت ان تڪرار ۾ تمام اهم آهي، اهڙي وقت ۾ پاڪستان جي آرمي چيف جي آمريڪي صدر سان ملاقات ظاهر ڪري ٿي ته عالمي طاقتون پاڪستان کي هڪ فيصلائتي رانديگر طور ڏسي رهيون آهن. ذريعن ٻڌايو ته هي ملاقات اسٽريٽجڪ توازن، پاڪستان جي ايٽمي صلاحيت، ايران سان سرحد، ۽ چين ۽ سعودي عرب سان ويجهن لاڳاپن جي پس منظر ۾ انتهائي نازڪ مرحلي تي ٿي. آمريڪا چاهي ٿو ته پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ اڻ ڌريو نه رهي ۽ اولهه جي بلاڪ سان تعاون ڪري، بهرحال پاڪستان لاءِ سڀني کي گڏ وٺي هلڻ ضروري آهي. ذريعن اهو به ظاهر ڪيو ته هن ملاقات کان اڳ اعليٰ سطح تي مشاورت ڪئي وئي هئي جيڪا اڳ گهٽ ٿيندي هئي. مقامي سطح تي وزير دفاع خواجه آصف جا بيان به انهي حڪمت عملي جو حصو هئا ته جيئن گڏجاڻي دوران پاڪستان جو موقف واضح ۽ مضبوط نموني پيش ڪري سگهجي. اميد ڪئي پئي وڃي ته مستقبل قريب ۾ پاڪستان کي هڪ خاموش ٽياڪڙ يا لاجسٽڪ پل طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ٿي سگهي ٿي. جنرل عاصم منير هن ملاقات ۾ سخت دٻاءُ هيٺ هوندا، بهرحال تازي جنگي ڪاميابين، چين جي حمايت، ۽ دوست ملڪن جي سهڪار سبب بهتر فيصلا ٿيڻ جي اميد آهي. ملاقات جا اثر ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ظاهر ٿيندا ۽ ان ۾ شامل ماڻهن جو انگ محدود رکيو ويو هو ته جيئن فيصلن ۾ رنڊڪ نه پئي.