شھدادپور / ڪراچي (ن ع آ/ رپورٽر) شھدادپور مان هندو ناري مبينا اغوا ٿي وئي، سندس والدين پاران اغوا جي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کانپوءِ سندس وڊيو بيان وائرل ٿي ويو، شهدادپور جي سوائي روڊ محلي ۾ هڪ ڪمپيوٽر سينٽر مان مبينا طور اغوا ڄاڻايل دشنا ٻائي، سندس سوٽ هنين ڪمار ۽ ٻن ڀينرن جي اسلام قبول ڪرڻ واري وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ صورتحال تبديل ٿي وئي، هندو پنچائت پاران پرمانند ۽ راجيش ڪمار جي اڳواڻي ۾ ڌرم شالا ۾ هڪ هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو، جنهن ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اغوا ٿيلن جي فوري بازيابي جو مطالبو ڪيو، صورتحال جي سنگيني کي ڏسندي ايس ايس پي سانگھڙ غلام نبي ڪيريو اجلاس ۾ پهچي ويو ۽ هندو برادري کي يقين ڏياريو ته ڇوڪرين جي بازيابي جلد ممڪن بڻائي ويندي، پوليس واقعي جي هر پاسي کان جاچ ڪري رهي آهي، اجلاس ۾ پوليس کي اڄ شام تائين اغوا ٿيلن جي بازيابي جو الٽيميٽم ڏنو ويو، اڳواڻن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اڄ شام تائين اغوا ٿيلن کي بازياب نه ڪرايو ويو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو، ٻي پاسي پوليس فوري ڪارروائي ڪندي الزام هيٺ آيل ڪمپيوٽر ڪلاس هلائيندڙ استاد فرحان خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، مبينا اغوا ٿيل دشنا ٻائي جي والده ڪملا ٻائي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فرحان خاصخيلي سندن ٽن نياڻين کي ورغلائي اغوا ڪري ويو آهي، اغوا ٿيل ڇوڪر هنين ڪمار جي والده پاهي جو چوڻ آهي ته فرحان خاصخيلي سندس پٽ کي مذهب تبديل ڪرڻ لاءِ ڀڙڪائيندو هو ۽ ڌمڪيون ڏيندو هو ته سندس پٽ کسيو ويندو، ايس ايس پي سانگھڙ غلام نبي ڪيريو جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ٽنهي ڀينرن ۽ نينگر جي ڳولا جاري آهي، علائقي ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ کان بچڻ لاءِ پوليس جي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آهي، هوڏانهن اقليتي معاملن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي واقعي جو سخت نوٽيس ورتو، جنهن بعد پوليس نياڻين کي ڪراچي مان بازياب ڪرائي ورتو. لالچند اڪراڻي چيو ته فريال ٽالپور، مراد علي شاهه ۽ ضياءَ الحسن لنجار سان رابطو ڪري صورتحال کان واقف ڪيو، جنهن تي قيادت نياڻين جي بازيابي لاءِ ترت حڪم جاري ڪيا، اهو واقعو انساني حقن جي بدترين ڀڃڪڙي آهي ۽ اهڙن واقعن سبب اقليتن ۾ بيچيني ۽ عدم تحفظ جو احساس وڌي ٿو، جيڪو ڪنهن به مهذب سماج لاءِ ناقابل قبول آهي.
-
معصوم نياڻين جو جبري مذهب مٽايو ويو آهي:رياض چانڊيو
حيدرآباد(پ ر)جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي دور حڪومت ۾ بدامني ڀتاخوري لينڊگريبنگ جو ته عروج آھي پر ان سڄي عرصي دوران معصوم مظلوم ڌرتي ڌڻي سنڌ جا شھري سنڌي هندو انهن لاءِ ٻٽو عذاب آھي ته هڪ طرف انهن کان سرڪاري ڌر ۽ طاقتور ماڻھو ڀتو وٺن ٿا مذھبي انتهاپسند ڀتو وٺن ٿا ڌاڙيل پوليس ڀتو وٺي ٿي ته ٻئي طرف انهن جا معصوم ٻار اغوا ڪري انهن جو جبري طرح مذھب مٽايو وڃي ٿو،اهو سلسلو گهوٽڪي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جيڪب آباد لاڙڪاڻي حيدرآباد ڊويزن کان پوءِ ميرپورخاص ڊويزن جي ضلعي سانگهڙ ۽ سڄي لاڙ ۾ شروع ڪيو ويو آهي،هن چيو ته ته سنڌي هندن کي سنڌ مان بيدخل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي شھدادپور واقعو ان مذھبي جنوني ذوالفقار خاصخيلي جي اها درندگي آھي ته ان شهدادپور مان جيا ٻائي، ديا ٻائي، شينا ٻائي ۽ حني ڪمار کي اغوا ڪرايو آھي هن چيو ته هڪ معصوم ٻار جي ٻيهر ويڊيو آئي آھي ته اسان مٿان بندوق تاڻي اسان کان ويڊيو ڀرائي وئي آھي تنهن ڪري هي بنيادي انساني حقن ۽ خود قانون جي توهين آھي شھداپور جو واقعو جبر ۽ دهشتگردي جو واقعو آھي اسان مطالبو ٿا ڪريون ته اغوا ڪيل نياڻيون ۽ ڇوڪرو پنهنجي والدين حوالي ڪيو ان جي عدالتي جاچ ڪرايو