اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) پاڪستان جي پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته اڃا تائين ايران پاڪستان کان ڪنهن به قسم جي دفاعي مدد جي درخواست ناهي ڪئي، ۽ هاڻي تائين 3000 پاڪستانين کي ايران مان واپسآڻي ڇڏيو ويو آهي. ايران طرفان پاڪستان ۾ ايراني پناهه گيرن کي آڻڻ جي به ڪا درخواست ناهي ملي. صحافين کي هفتي وار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان شفقت علي خان چيو ته اسرائيل پاران ايران جي ايٽمي مرڪزن تي حملا آئي اي اي اي سيڪيورٽي ۽ ٻين عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي. شفقت علي خان واضح ڪيو ته ايران بابت پاڪستان جو موقف بلڪل واضح آهي، ايران تي اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪندا آهيون. اسان اسرائيل جي چريائپ جو خاتمو چاهيون ٿا ۽ ايران جي پوري اخلاقي حمايت ڪريون ٿا. گڏيل قومن جي چارٽر تحت ايران کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي. اسرائيلي جارحيت ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي کليل خلاف ورزي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير جي آمريڪي صدر ٽرمپ سان ملاقات ۾ تعظيم وارا جملا سفارتي لحاظ کان اهميت رکندا آهن، ۽ آمريڪي صدر جا اهي جملا مثبت نوعيت جا هئا. دفتر خارجہ هندستان جي لداخ تي نئين ريگيوليشنز کي ڪشمير تي گڏيل قومن ۽ عالمي قانونن جي خلاف ورزي قرار ڏيندي ان کي واپس وٺڻ جو مطالبو به ڪيو آهي. انهن چيو آهي ته اسرائيلي جارحيت خلاف ڪنهن به سفارتي حل جي حمايت ڪن ٿا.