اسلام آباد(ع آ نيوز) شهيد نذير عباسي جو قاتل ۽ سياسي اڳواڻن خلاف جاسوسي ڪاررواين ۾ ملوث اڳوڻو آءِ بي سربراهه بريگيڊيئر (ر) امتياز بلا ڊگهي بيماري کان پوءِ فوت ٿي ويو آهي، هن جو نالو ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ جي سياسي مداخلتن سان ڳنڍيل رهيو، هن رات دير سان راولپنڊي جي سي ايم ايڇ اسپتال ۾ دم ڏنو. عام طور تي ‘بريگيڊيئر بلا’ جي نالي سان سڃاتو ويندڙ امتياز ٻلو 1980ع ۽ 1990ع جي ڏهاڪن جي سياسي حلقن ۾ ڊپ ۽ تجسس جو نشان بڻجي ويو هو، بريگيڊيئر امتياز پاڪستان جي نازڪ جمهوريت کي سنوارڻ ۽ ڪيترن ئي موقعن تي ان کي غير مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. فوجي صفن مان ترقي ڪندي بريگيڊيئر جي عهدي تائين پهتو، ۽ پوءِ آءِ ايس آءِ ۾ شامل ڪيو ويو. اتي، افغان جهاد دوران، هن سويت فوجن خلاف پاڪستان جي ڳجهي حمايت جي اهم منصوبابندن سان گڏجي ڪم ڪيو. ان کانپوءِ، کيس انٽيليجنس بيورو جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. سندس قيادت ۾ آءِ بي سياسي مخالفن جي نگراني، صحافين ،اختلاف رکندڙن تي ڊوزيئر تيار ڪرڻ، ۽ ميڊيا مهمون هلائڻ ۾ جارحاڻو ڪردار ادا ڪيو. هن ايم آر ڊي دوران سنڌ جي ڪميونسٽ ڪارڪن نذير عباسي کي سخت ٽارچر ڪري کيس شهيد ڪرڻ ۾ ملوث هو. ان دور ۾ بريگيڊيئر امتياز وزيراعظم نواز شريف جو ويجهو ساٿي بڻجي ويو. پر نواز شريف جي ٻئي دور ۾ کيس پاسي ڪيو ويو پوءِ هن نواز شريف تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي. هن مشهور سياستدانن ۽ سياسي ڪارڪنن جي ذاتي زندگي بابت ڳجهي ۽ دخل انداز رپورٽون تيار ڪيون. خاص طور تي بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري خلاف تخريبي رپورٽن ۽ رياستي سرپرستي ۾ هلندڙ بدنامي مهمن ۾ سندس ڪردار کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. ڪجهه سال اڳ هن رپورٽر سان ڳالهائيندي، بريگيڊيئر ٻلي مرڪندي چيو هو ته مان اهڙو جاسوس هيس، جنهن جي طريقن کي ڪڏهن به ڪو صحيح نموني سمجهي نه سگهيو. پاڪستان جي سياسي تاريخ جي ٻن بدنام زمانه واقعن ۾ سندس نالو نمايان رهيو. آپريشن مڊنائٽ جيڪل، 1989ع ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت کي بي اعتمادي راءِ ذريعي ختم ڪرڻ جي ناڪام سازش،مهران بئنڪ اسڪينڊل (اصغر خان ڪيس) ۽ ٻين معاملن ۾ مداخلت ڪئي. بريگيڊيئر (ر) امتياز احمد کي اسلام آباد جي H-11 قبرستان ۾ دفن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.