ڇا آمريڪا ايران- اسرائيل جي جنگ ۾ ڪاهي پوندو؟

تحرير: زاهد حسين

صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تازن بيانن کانپوءِ هي خيال زور وٺي ويو آهي ته شايد آمريڪا ايران خلاف اسرائيل جي جنگ ۾ سڌي ريت شامل ٿيڻ جو ارادو رکي ٿو. جيتوڻيڪ هن وقت تائين نه آمريڪا پاران ڪا سرڪاري تصديق سامهون آئي آهي، نه ئي ايران طرفان ٽرمپ جي اهڙي مطالبي تي ڪا واضع ردعمل ڏني وئي آهي، جنهن ۾ هن ايران کان "غير مشروط هٿيار ڦٽا ڪرڻ” جو مطالبو رکيو هو.صدر ٽرمپ تازو ئي ڪينيڊا ۾ ٿيل ٻه روزه "جي سيون” اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، پر دلچسپ ڳالهه اها رهي ته هو اجلاس جي مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي واشنگٽن واپس موٽي آيو. واپسي کان پوءِ، هن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي هڪ پيغام ذريعي فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون جي انهيءَ دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته هو ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگبندي جي ڪا تجويز سامهون آڻي رهيو آهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ واضع لفظن ۾ چيو: "مان رڳو جنگبندي نٿو چاهيان، مان ته ڪجهه وڏو چاهيان ٿو… مان اهو مسئلو ئي مڪمل طور ختم ڪرڻ ٿو چاهيان.” صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هڪ کان پوءِ ٻي ڌماڪيدار پوسٽ سوشل ميڊيا تي نئون تڪرار پيدا ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي بيان کان پوءِ، هن اعلان ڪيو ته "اسان ايران جي فضائي حدن تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي”. هن اشاريي، جارحاڻي موقف کي ڪجهه دير پوءِ هڪ وڌيڪ سنگين رخ ڏنو ويو، جتي هن ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي کي سڌي ڌمڪي ڏيندي چيو: "اسان کي خبر آهي ته نام نهاد رهنما ڪٿي لڪايو ويٺا آهن، اُهي اسان لاءِ هڪ آسان هدف آهن، پر في الحال اسان انهن کي نشانو نه پيا بڻايون.”

ساڳي وقت صدر ٽرمپ اهو به چيو ته، "اسان نٿا چاهيون ته ايران طرفان عام شهرين يا آمريڪي فوجين تي ميزائل حملا ڪيا وڃن، اسان جي صبر جي حد ختم ٿيڻ واري آهي.” ان سلسلي جي آخري پوسٽ ۾، هن ايران کان واضح طور تي "غير مشروط هٿيار ڦٽا ڪرڻ” جو مطالبو به ڪري ڇڏيو.ان بيانن جي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ هاڻ عالمي سطح تي هي سوال شدت سان اڀري آيو آهي ته ڇا آمريڪا، اسرائيل جي خواهش تي ايران خلاف سڌي جنگ ۾ شامل ٿيندو؟ماهرن جو خيال آهي ته ايران جي جوهري اثاثن کي مڪمل طور تباهه ڪرڻ لاءِ، فردو جي جبلن هيٺان 90 ميٽر زمين جي کوٽائي ۾ موجود تنصيبن کي نشانو بڻائڻ ضروري ٿيندو. اهو ڪم اسرائيل لاءِ ممڪن ناهي، ڇاڪاڻ⁠تہ اهڙي کوٽائي ۾ اثر ڪندڙ مهلڪ هٿيار اسرائيل وٽ موجود نه آهن.

تنهن هوندي، آمريڪا وٽ اهو هٿيار موجود آهي، جنهن جو نالو آهي GBU-57 MOP، جنهن کي انگريزيءَ ۾ Massive Ordnance Penetrator سڏيو وڃي ٿو، ۽ عام طور تي ان کي سُپر بم به چيو وڃي ٿو. البت، هي هٿيار صرف هڪ خاص بمبار جهاز ذريعي فائر ڪري سگهجي ٿو، جيڪو هڪ وقت ۾ صرف ٻه اهڙا بم کڻي سگهي ٿو، ۽ اهڙا جهاز به فقط آمريڪا وٽ موجود آهن.

جيڪڏهن آمريڪا واقعي جنگ ۾ شامل ٿيو، ته امڪان آهي ته سڀ کان پهرين حملو فردو جي انهن حساس، زيرِ زمين تنصيبن تي ڪيو ويندو. ماهر اڃا تائين ان ڳالهه جي پوري وضاحت نٿا ڪري سگهن ته آخر صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڄ ايران کي سڌيون، ڌمڪائيندڙ پوسٽون ڇو جاري ڪيون. آمريڪا جيئن ته دنيا جي طاقتور ترين رياست سمجهي وڃي ٿي، ان ڪري ڪنهن به مغربي تجزيه نگار کي اهو سوال ڪرڻ جي جرئت نه ٿي ته ڇا آمريڪي صدر پاران ڪنهن خودمختيار ملڪ جي اعليٰ ترين اڳواڻ کي قتل ڪرڻ جي کلي عام ڌمڪي، سفارتي قدمن جي حدن اندر اچي ٿي يا ان کي رياستي دهشتگردي جي زمري ۾ آڻڻ گهرجي؟ان کان اڳ اسرائيل به ايران جي جرنيلن ۽ سائنسدانن کي نشانو بڻائڻ لاءِ پنهنجي جاسوسن کان علاوه گاڏين ۾ بارود لڳائي ڌماڪن واري حڪمت عملي اختيار ڪري چڪو آهي. پر ان نوعيت جي اسرائيلي ڪاررواين کي به ڪنهن مغربي تجزيه نگار، يا عالمي اخلاقي ڌارين طرفان دهشتگردي قرار ڏيڻ جي همت نه ڪئي وئي. ان جي ابتڙ، اهڙين ڪاررواين کي "جنگي حڪمت عملي” جو نالو ڏنو ويو.جيتوڻيڪ، ڪنهن فوجي اهلڪار کي محاذ تي مارڻ کي جنگي قدم سمجهي سگهجي ٿو، پر ڪنهن شهري کي، جيڪو پنهنجي گهر ۾ عام شهري زندگي گهاري رهيو هجي، ان تي حملو بين الاقوامي جنگي اخلاقن جي سڌي خلاف ورزي آهي. پر اسرائيل جي بي جا حمايت ۾ عالمي ضابطن ۽ اخلاقي اصولن جو جنازو ئي ڪڍي ڇڏيو ويو آهي.

ڪينيڊا ۾ ٿيل "جي سيون” اجلاس دوران آمريڪا کانسواءِ باقي ڇهه ملڪ  ڪينيڊا، فرانس، جرمني، اٽلي، برطانيه ۽ جاپان  ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگ بند ڪرائڻ جي حق ۾ هئا. پر آمريڪا، خاص ڪري ٽرمپ، ڪنهن اهڙي گڏيل بيان جو حصو بڻجڻ لاءِ به تيار نه هئا، جنهن ۾ فقط جنگ جي خاتمي جي ڳالهه ڪئي وڃي.اڄ صبح جي سيون پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻنهي ملڪن کان جنگ بند ڪرڻ جي اپيل ته ڪئي وئي، پر ساڳي وقت اسرائيل جي "حق دفاع” جو ذڪر به ڪيو ويو. ان سان گڏ ايران بابت چيو ويو ته ڪنهن به حالت ۾ ايٽمي هٿيار نه ٺاهي سگهندو. پر، وائٽ هائوس کان اهڙو اشارو مليو ته صدر ٽرمپ هن بيان جي حمايت نٿا ڪن. سندن سوشل ميڊيا تي جاري ٿيل بيان پڻ ان موقف جي تصديق ڪن ٿا.

آمريڪا عالمي سطح تي "سپر پاور” هجڻ جو دعويدار آهي، پر ان جي اڳواڻ ٽرمپ جي تڪراري پاليسين خلاف ٻين مغربي ملڪن ۾ مخالفت جي باوجود به ڪو به ملڪ واضح موقف اختيار ڪرڻ يا دنيا ۾ طاقت جو توازن برقرار رکڻ جي اخلاقي همت نٿو ڏيکاري. اهڙي صورتحال ۾، جي سيون جو گڏيل بيان به آمريڪا جي مرضي مطابق ئي ترتيب ڏنل لڳي ٿو، جتي عالمي امن کان وڌيڪ، سياسي مفادن کي ترجيح ڏني وئي آهي. ايران خلاف اسرائيلي جارحيت جي پٺيان هڪ ٻيو وڏو ڪارڻ عرب ملڪن جي خطرناڪ حد تائين خاموشي پڻ آهي. اهي عرب ملڪ، جيڪي آمريڪي ڇٽي هيٺ "سلامت” بيٺل آهن، ساڳئي وقت ايران جي تباهي جو منظر خاموش تماشائي بڻجي ڏسي رهيا آهن. انهن وٽ بي پناهه دولت ته آهي، پر نه ڪابه اهڙي سفارتي سگهه، جو آمريڪا کي اهو مطالبو ڪري سگهن ته هو اسرائيل کي غزه کان پوءِ ايران خلاف به جارحيت کان روڪي.ساڳي وقت، "جي سيون” جي بيان ۾ واضح طور تي نظر آيو ته باقي ڇهه مغربي ملڪ، آمريڪا جي مرضي آڏو ڪيئن بيبس بڻيل آهن. انهن وٽ نه قوت آهي، نه اخلاقي حوصلو، جو عالمي توازن لاءِ ڪو دو ٽوک موقف اختيار ڪري سگهن. هي بيبسي، دنيا جي سپر پاور جي اڳيان عالمي سفارتڪاري جي زوال جي عڪاسي ڪري ٿي.

صدر ٽرمپ جا بار بار ڌمڪيون ڏيندڙ بيان، هاڻ تجزيي نگارن لاءِ نوان سوال کڙا ڪري رهيا آهن. گهڻا تجزيه نگار سمجهن ٿا ته شايد ٽرمپ، اسرائيل جي سڌي مدد جي نالي تي اهڙو رستو اختيار ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن ذريعي ايران کي ڊڄائي، شڪست قبول ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي، ته جيئن جنگ کان سواءِ ئي آمريڪا پنهنجي سياسي فتح حاصل ڪري.

ان صورتحال ۾ سڀ کان اهم ۽ پيچيده سوال اهو آهي ته: ڇا آمريڪا واقعي هن جنگ ۾ شامل ٿيندو؟ ۽ جيڪڏهن ٿيو، ته پوءِ مشرقِ وسطىٰ ۾ طاقت جو توازن ڪهڙي رخ وٺندو؟ جنگ جو دائرڪار ڪيترو وڌندو؟ ۽ ڇا اهو صرف ايران تائين محدود رهندو يا خطي جا ٻيا ملڪ به ان جي لپيٽ ۾ ايندا؟هن وقت تائين، ڪنهن به تجزيي نگار، سفارتي ماهر يا عالمي طاقت اهڙي صورتحال جو يقيني طور تي اڳڪٿي نه ڪري سگهي آهي. مشرقِ وسطىٰ جي باهه ۾ آمريڪي مداخلت، صرف هڪ تڪرار کي نه، پر سڄي دنيا جي امن کي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.