آمريڪا کي اصل ۾ ”نئون چوڪيدار“ گھرجي ٿو

تحرير: مظهر عباس

ايران اسرائيل جي موجوده جنگ جي پسمنظر ۾، ڪجهه ڏينهن اڳ مونکي 1979ع جا "پاڪستاني پيپرز” ٻيهر پڙهڻ جو موقعو مليو، ته مونکي اها ڄاڻ ٿي ته آمريڪا دراصل ايران کان ڇا ٿو چاهي؟ اهي ئي پيپرز آهن، جيڪي تهران ۾ آمريڪي سفارتخاني تي انقلابي نوجوانن جي حملي دوران هٿ آيا هئا، جتي هزارين ڳجهن دستاويزن کي قبضي ۾ آندو ويو هو. ان ڳالهه کي هاڻ 46 سال گذري ويا آهن.

هڪ وقت هو، جڏهن ايران هن خطي ۾ آمريڪا جي "چوڪيدار” طور ڪم ڪري رهيو هو. جڏهن شاهه ايران جو زوال آيو ۽ بادشاهي ختم ٿي، ته اهو ڪردار ڪافي حد تائين پاڪستان جي حوالي ٿيو، جنهن جو وڏو ڪارڻ سوويت يونين جي افغانستان ۾ مداخلت هئي. پر هاڻي چين جي وڌندڙ اثر رسوخ جي ڪري آمريڪا لاءِ هن خطي ۾ ڪو به مڪمل طور تي قابلِ اعتماد ساٿي موجود ناهي  خاص ڪري ڀارت بابت ڊونلڊ ٽرمپ جي تازي پاليسين کانپوءِ. ان پسمنظر ۾، آمريڪا کي وري به اهڙي ئي "چوڪيدار” جي ڳولا آهي، جهڙو ڪردار رضا شاهه پهلوي ادا ڪيو هو.اهو ئي سبب آهي جو ايران اندر "ريجيم چينج” يعني حڪومتي ڍانچي جي تبديلي جون ڳالهيون زور وٺي رهيون آهن. ايران ۾ ڪا به سياسي تبديلي اچي ٿي يا نه، پر ان ڳالهه جو امڪان تقريبن ناهي ته ايران وري به پنهنجي پراڻي امريڪي وابستگي واري دور ڏانهن موٽي سگهي.

اڄڪلهه آمريڪا جي سڄي ڌيان جو مرڪز ايران جي "نيوڪلير پروگرام” کي مڪمل طور تي ختم ڪرائڻ تي آهي، پر اهي ڳالهيون اڃا جاري ئي هيون ته اسرائيل هڪ حملي جي ذريعي انهن ڳالهين کي بي اثر بڻائي ڇڏيو. ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ هي سڀ هڪ وڏي سازش جو حصو هجي. پر ان کان پوءِ به ايران، پنهنجي اندروني ڏکيائين ۽ ڪمزورين جي باوجود، جيڪو جواب ڏنو، ان آمريڪا ۽ اسرائيل کي نئين سر سوچيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.

هڪ اهڙو ملڪ، جيڪو چاليهه سالن کان اقتصادي پابندين جو شڪار آهي، ان جو اهڙيءَ ريت مقابلو ڪرڻ سڄي دنيا لاءِ حيران ڪندڙ آهي. اهڙي حالتن ۾ صورتحال "ريجيم چينج” ڏانهن وڌي سگهي ٿي. ايران جي اندر ڪيتريون ئي اهڙيون سياسي قوتون موجود آهن جيڪي موجوده نظام جي مخالف آهن، پر جيستائين جنگ جاري آهي، ايران اندر "قوميت” جو جذبو غالب آهي ۽ سڄو ملڪ هڪ آهي. 1979ع  جي انهن "پاڪستاني پيپرز” مان اهو به ظاهر ٿيو هو ته آمريڪا پاڪستان تي سخت دٻاءُ وجهي رهيو هو ته اهو پنهنجي نيوڪلير پروگرام تان هٿ کڻي. پر ان وقت جي وزيراعظم، يعني مارشل لا کان اڳ وارا ذوالفقار علي ڀٽو، انڪار ڪري ڇڏيو. نتيجي طور ڳالهه ريجم چينج تائين وڃي پهتي. ڀٽو مخالف تحريڪ جي پسمنظر ۾ آمريڪي سفارتخاني مان هڪ خفيه پيغام واشنگٽن ڏانهن موڪليو ويو، جنهن ۾ لکيو ويو ته: "پارٽي ختم ٿي چڪي آهي” (Party is over) پر ڀٽو پارليامينٽ ۾ به ۽ راولپنڊي جي رستن تي به اعلان ڪيو ته: "پارٽي ختم ناهي ٿي” (Party is not over).

بهرحال، ريجم چينج ٿيو، ڀٽو کي ڦاسي ڏني وئي، پر مارشل لا حڪومت به نيوڪلير پروگرام تان هٿ نه کنيو. ان کان اڳ جو آمريڪا طرفان وڌيڪ دٻاءُ اچي، روس جي افغانستان ۾ مداخلت ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان آمريڪا لاءِ هڪ مجبوري بنجي ويو. ان دوران آمريڪي ڊالرز جي برسات به ٿي ۽ پاڪستان جو نيوڪلير پروگرام به جاري رهيو. پر هن جنگ ۾ مداخلت جا جيڪي منفي اثر اسان تي پيا، سي اڄ تائين اسان ڀوڳي رهيا آهيون.

ايران ۾ اڃا تائين نظام جي ڍانچي ۾ ڪا بنيادي تبديلي نه آئي آهي، پر جيئن ته هر انقلابي نظام جي اندروني ڇڪتاڻ ۽ اختلافن جا منظر نظر اچن ٿا، تيئن ايران به اهڙين حالتن مان گذريو آهي. ايران جا ڪيترائي اڳواڻ، اندروني اختلافن جو شڪار بڻجي ويا. ايتري قدر جو ايران جي پارليامينٽ تي به بم حملي ٿيو، جنهن ۾ اسپيڪر هاشمي رفسنجاني جهڙا اڳواڻ مارجي ويا. ايران جي انقلابي تاريخ جو هڪ الميو اهو به رهيو آهي ته جن بائين بازوءَ جي اڳواڻن شاهه ايران خلاف بغاوت جي شروعات ڪئي، تن کي به بعد ۾ ٽارگيٽ ڪيو ويو. جڏهن ايران ۽ عراق جي وچ ۾ جنگ ڇڙي، تڏهن وري هڪ ڀيرو ٻيهر سڄي ايران قوم متحد ٿي بيٺي. اها جنگ لڳ ڀڳ ستن سالن تائين جاري رهي، جنهن جي پنهنجون پيچيده سياسي وجوهات هيون. تنهن هوندي به ايران هن بحران مان پاڻ کي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ويو.

هڪ اهڙو به وقت آيو، جڏهن ايران اندر پاسدارانِ انقلاب ۽ حڪومت مخالف تنظيم "مجاهدينِ خلق” جي وچ ۾ پراڪسي جنگ جو دائرو وڌي پاڪستان تائين پهتو. ان دوران پاڪستان اندر به ڪيترائي اهڙا واقعا پيش آيا جن ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جون وارداتون به شامل هيون. ايران، امام خميني جي دور کان وٺي، ’مرگ بر آمريڪا‘ ۽ ’مرگ بر اسرائيل‘ جا نعرا هڻندو رهيو آهي. پر جڏهن سوويت يونين ٽُٽو ۽ دنيا ۾ آمريڪا واحد سپر پاور طور اڀري، تڏهن فلسطيني مقصد لاچار ۽ ڪمزور ٿي پيو. ان وقت کان وٺي، جن ملڪن فلسطيني قوم سان ٻڌي ظاهر ڪئي، انهن کي هڪ هڪ ڪري تباهه ڪيو ويو، ۽ ايران تي به گڏيل قومن وسيلي سخت پابنديون لاڳو ڪيون ويون، جيڪي اڄ تائين قائم آهن. ان ئي دٻاءُ جي نتيجي ۾ پاڪستان-ايران گيس پائپ لائين منصوبو به رڪجي ويو. شام، عراق، لبنان ۽ ليبيا جهڙن ملڪن جي تباهيءَ به فلسطيني ڪاز کي شديد نقصان پهچايو.

تازن مهينن ۾، حماس ۽ حزب الله جي اڳواڻن جي شهادتن اسرائيل خلاف مزاحمت کي خاصي حد تائين ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. نتيجي طور، غزه تي اسرائيل جي "کلي جارحيت” بي دڙڪ جاري آهي، آمريڪا جي خاموش حمايت سان گڏ. بهرحال، هڪ اميد افزا تبديلي اها به آهي ته سعودي عرب ۽ ايران جي ويجهڙائپ پيدا ٿي رهي آهي، جنهن جو وڏو ڪريڊٽ چين ڏانهن وڃي ٿو. سعودي عرب اندر به نمايان سياسي ۽ سماجي تبديليون اچي رهيون آهن. ساڳيءَ ريت، ترڪيءَ ۾ به هڪ وڏي تبديلي رونما ٿي آهي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ اسرائيل سان ويجها لاڳاپا رکي چڪو هو. چين، افغانستان جي مسئلي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن جي تازي مثال، سي پيڪ کي افغانستان تائين وڌائڻ آهي.

اهي سڀ عنصر آمريڪا جي لاءِ پريشاني جو سبب بڻيا آهن. تنهن ڪري، اسرائيل جو ايران تي اوچتو حملو به انهيءَ پسمنظر ۾ ڏسڻ گهرجي. فلسطيني حمايت ڪندڙ سڀني ملڪن کي ختم ڪرڻ کان پوءِ، هاڻ واحد مزاحمتي رڪاوٽ ايران ئي بچي آهي. پر ايران، ليبيا يا شام ناهي. جيڪڏهن ائين هجي ها، ته ڪو به انقلاب 45 سال تائين قائم نه رهي سگهي ها . خاص طور تي ان حال ۾، جڏهن ايران کي عالمي سطح تي اڪيلائپ جو شڪار بڻايو ويو آهي.

پاڪستان لاءِ به هن صورتحال مان سبق وٺڻ ضروري آهي. تازين پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻن ۽ جنگي حالتن جي تناظر ۾ آمريڪي صدر جو ڪردار اميد افزا ضرور لڳي ٿو، پر ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته اهو صدر ڊونلڊ ٽرمپ آهي، تنهنڪري احتياط ضروري آهي. ايران-اسرائيل جنگ جي خاتمي لاءِ پاڪستان جو ڪهڙو ڪردار ٿي سگهي ٿو، ان جو دارومدار چين ۽ سعودي عرب جي موقف تي آهي. آمريڪا سان سٺن لاڳاپن جي پنهنجي اهميت ضرور آهي، پر "چوڪيدار” جو ڪردار قبول ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ مناسب ناهي . خاص طور تي جڏهن چين جهڙو دوست موجود هجي. امن، هر حال ۾ جنگ کان بهتر آهي.

هڪ وقت هو، جڏهن ايران هن خطي ۾ آمريڪا جي "چوڪيدار” طور ڪم ڪري رهيو هو. جڏهن شاهه ايران جو زوال آيو ۽ بادشاهي ختم ٿي، ته اهو ڪردار ڪافي حد تائين پاڪستان جي حوالي ٿيو، جنهن جو وڏو ڪارڻ سوويت يونين جي افغانستان ۾ مداخلت هئي. پر هاڻي چين جي وڌندڙ اثر رسوخ جي ڪري آمريڪا لاءِ هن خطي ۾ ڪو به مڪمل طور تي قابلِ اعتماد ساٿي موجود ناهي  خاص ڪري ڀارت بابت ڊونلڊ ٽرمپ جي تازي پاليسين کانپوءِ. ان پسمنظر ۾، آمريڪا کي وري به اهڙي ئي "چوڪيدار” جي ڳولا آهي، جهڙو ڪردار رضا شاهه پهلوي ادا ڪيو هو.اهو ئي سبب آهي جو ايران اندر "ريجيم چينج” يعني حڪومتي ڍانچي جي تبديلي جون ڳالهيون زور وٺي رهيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.