تهران(عوامي آواز نيوز)تل ابيب خلاف ايران جي جوابي ڪارروائيءَ ۾ جيڪي ميزائيل استعمال ڪيا ويا، اُهي رڳو جنگي حڪمت عمليءَ ۾ نئون موڙ نه پر ايران جي فوجي صلاحيتن جو ابتدائي اظهار پڻ آهن، جڏهن ته ماهرن جو چوڻ آهي ته ايران جا سڀ کان جديد ۽ خطرناڪ هٿيار اڃا ميدان تي نه لاٿا ويا آهن. روسي نشرياتي اداري اسپوٽنڪ سان ڳالهائيندي مشهور فوجي تجزيه نگار اليڪسي بورزينڪو چيو ته ايران طرفان حيفا تي ڪيل حملي دوران امڪاني طور “حاج قاسم” نالي نئون رهنمائي وارو بيلسٽڪ ميزائيل استعمال ڪيو ويو، جيڪو اسرائيل لاءِ انتهائي سنجيده خبردار ڪندڙ پيغام آهي. سندس چوڻ هو ته ايران جي تازين حملي واري لهر ۾ گھڻائي راڪيٽ پراڻن ڊزائن وارا هئا، جن جي عمر ويهن کان ٽيهه ورهين تائين هئي، پر حاج قاسم ميزائيل ايران جي جديد فوجي ٽيڪنالاجيءَ جو عڪاس آهي. هن دعويٰ ڪئي ته حيفا تي هڪ ئي وقت چاليهه راڪيٽ داغيا ويا، جن مان ڪيترن ئي اسرائيلي دفاعي نظام “آئرن ڊوم” کي لتاڙي پنهنجا هدف پورا ڪيا، سندس چوڻ موجب اسرائيل جي فوج ايتري وزن وارن ۽ تيز رفتار ميزائيلن جو اڳ ڪڏهن به منهن نه ڏنو هو، جنهن سبب سندن بچاءَ وارو نظام ناڪام ثابت ٿيو. هن چيو ته ايران وٽ اڃا به وڌيڪ جديد، تيز رفتار ۽ خوفناڪ هٿيار موجود آهن، جن کي هن وقت تائين ظاهر نه ڪيو ويو آهي،حقيقي مرحلو اڃا شروع ئي ناهي ٿيو.