اسرائيل جي هوڏ ختم نه ٿي، حملن ۾ تيزي، ايران جي به تل ابيب تي ميزائلن جي برسات

تهران/تل ابيب/واشنگٽن(م ڊ+ع آ نيوز) ) اسرائيلي فوج هڪ ڀيرو ٻيهر ايران جي تخت گاهه تهران تي حملا شروع ڪري ڇڏيا. جڏهن ته ايران به تل ابيب ۽ يروشلم تي بيلسٽڪ ميزائلن جي برسات وسائي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب تازي اسرائيلي حملن ۾ ايران جي سرڪاري ٽي وي چينل جي عمارت کي نشانو بڻايو ويو. نشريات دوران ٽي وي چينل جي عمارت تي حملوڪيو ويو، جنهن کانپوءِ اينڪر پنهنجي سيٽ ڇڏي اٿي وئي، جڏهن ته اسٽوڊيو ۾ دونهون ڀرجي ويو. اسرائيل، سڄو ڏينهن تهران تي وحشياڻا حملا ڪري ڪيترن ئي شهرين کي زخمي ڪيو .اسرائيل، ايران جي گاديءَ واري شهر تهران تي ماڻهن کي نڪري وڃڻ جي وارننگ کان پوءِ ٽي وي چينلن ۽ اسپتالن تي بمباري ڪئي. مشرقي ۽ اولهه تهران ۾ عام شهرين جي آبادين کي نشانو بڻايو ويو. فوجي ڪارروائين دوران قم هاءِ وي، سواهه هاءِ وي، ڪرمان شاهه جي اسپتال ۽ ايلام جي فائر اسٽيشنن تي حملا ڪيا ويا. ان نتيجي ۾ ڪيترائي شهري زخمي ٿيا.  نيوز موجب، اسرائيل جي جديد ڊرونن ۾ شامل "ايم ڪيو 9” سميت 8 ڊرون مغربي ايران جي علائقي موسيان ۾ تباهه ڪيا ويا.ايجنسي پاران جاري ڪيل وڊيو ۾ فائر بريگيڊ جي عمارت مان دونهون نڪرندي به ڏيکاريو ويو آهي، جتي صهيوني بمباري ڪئي.  اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته انهن ايران جا ميزائل لانچر تباهه ڪري ڇڏيا آهن، ۽ وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته اسرائيل هاڻ تهران جي فضائي حدن تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪري چڪو آهي. صيهوني وزير بچاءُ، اسرائيل ڪارٽز ڌمڪي ڏني ته تهران جا شهري هاڻ ميزائل حملن جي قيمت چڪائيندا. ايران، اسرائيلي جارحيت جي سڄي ڏينهن بعد، چوٿين ڏينهن به ‘آپريشن وعده صادق 3’ تحت جوابي ڪارروائي ڪندي، قبضي هيٺ علائقن ڏانهن جديد بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا آهن. ٽائيمز آف اسرائيل جي رپورٽ موجب، اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته بيلسٽڪ ميزائل فضائن ۾ آهن ۽ اسرائيل طرف وڌي رهيا آهن، جڏهن ته حيفا ۽ ٻين علائقن ۾ سائرن وڄائي شهرين کي هدايت ڪئي پئي وڃي ته هو محفوظ جڳهن ڏانهن هلي وڃن. اسرائيلي فوج موجب، ميزائل اتر اسرائيل جي مختلف علائقن تي ڪري سگهن ٿا. ميزائل حملو ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، پر شهرين کي صلاح ڏني وئي آهي ته ايندڙ هدايتن تائين پناهه گاهن ۾ رهن. فوج جو چوڻ آهي ته ايران طرفان في الحال ٿورا ميزائل فائر ڪيا ويا آهن، ميڊيڪل ٽيمون تيار آهن، ۽ هاڻي تائين ڪنهن به نقصان جي اطلاع ناهي ملي . تهران ٽائيمز موجب، ايران جي قومي سلامتيءَ جي سپريم ڪونسل چيو آهي ته "اسين اسرائيل ۾ اڄ جي رات کي ڏينهن جي منظر ۾ بدلائي ڇڏينداسين. گذريل 3 ڏينهن ۾، ايران طرفان اسرائيلي حملن جي جواب ۾ ڪيل ڪارروائين جي نتيجي ۾ 24 اسرائيلي شهري مارجي چڪا آهن ۽ 600 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.   اسرائيلي وزيراعظم تهران ۾ وڏي ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسان ٻن اهم هدفن جو خاتمو ڪنداسين. هن چيو ته تهران ۾ ٻن اهم هدفن جو خاتمو ڪنداسين، جوهري خطري جو خاتمو ۽ ميزائل خطري جو خاتموڪنداسين. آسٽريلوي ٽي وي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کان سوال ڪيو ته ڇا ايراني روحاني اڳواڻ خامنه اي کي نشانو بڻائيندئو ته هن جواب ڏنو جيڪو ضروري هوندو اهو ڪنداسين. ايران جي پاسدارانِ انقلاب اسرائيلي شهرين کي تل ابيب خالي ڪرڻ جي تنبيهه ڪري ڇڏي. پاسدارانِ انقلاب طرفان چيو ويو آهي ته اسرائيلي شهري جيتري جلدي ممڪن ٿي سگهي تل ابيب خالي ڪري ڇڏين، ايندڙ ڪلاڪن ۾ تل ابيب ۾ فوجي هدفن کي نشانو بڻايو ويندو. پاسدارانِ انقلاب طرفان اها تنبيهه اسرائيلي فوج جي ان بيان کانپوءِ سامهون آئي آهي، جنهن ۾ ايراني شهرين کي تهران جو هڪ علائقو خالي ڪرڻ جو چيو ويو هو. اسرائيل ايران جي گادي واري شهر تهران جي ايئرپورٽ تي ايراني فضائيه جي آمريڪي ٺاهيل F-14 ٽام ڪيٽ جهازن کي تباهه ڪرڻ جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ايران به اسرائيلي جهاز ايف 35 تباهه ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.