نيو يارڪ (امتياز گل) تهران ۽ تل ابيب وچ ۾ ڇڪتاڻ نئين سطح تي پهچي وئي آهي، جتي هڪ طرف ايران موساد جي ٻن ايجنٽن کي گرفتار ڪيو آهي ته ٻئي طرف اڳ ۾ ئي 73 ڀارتي ايجنٽ اسرائيل لاءِ جاسوسي جي الزام هيٺ پڪڙيا ويا هئا. اهو خطرو وڌي ويو آهي ته جيڪڏهن جنگ وڌي ته ايران آبنائي هرمز بند ڪري ڇڏيندو، جتان دنيا جو 25 سيڪڙو تيل گذري ٿو. آمريڪي صدر ٽرمپ طرفان ايران خلاف طاقت جي واعدن ۽ اسرائيل جي کليل مدد جي ڪري صورتحال وڌيڪ ڳنڀير ٿي وئي آهي. آمريڪا ۾ رٽائرڊ فوجي آفيسر ۽ تجزئي نگار به خبردار ڪري رهيا آهن ته هي جنگ رڳو ايران جي ايٽمي پروگرام بابت نه پر حڪومت جي تبديلي لاءِ آهي. پروفيسر جان ۽ جيفري زيڪس واضح ڪيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل وچ اوڀر ۾ جنگي ماحول پيدا ڪري رهيا آهن، جڏهن ته مصر، سعودي عرب، قطر سميت 8 عرب ملڪن به آمريڪي اڏن جي اجازت ڏني آهي. جيڪڏهن ايران آبنائي هرمز بند ڪيو ته ايشيا جي تيل جي فراهمي خطري ۾ پئجي سگهي ٿي. صورتحال تيز رفتاري سان تبديل ٿي رهي آهي. ڏسڻو پوندو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڇا ٿئي ٿو. ايران ۾ تازن اسرائيلي حملن کانپوءِ ملڪ جي اندروني غدارن بابت ڳالهيون زور وٺي ويون آهن. ايراني ميڊيا ۽ تجزين مان لڳي ٿو ته جيئن تاريخ ۾ مير صادق ٽيپو سلطان کي غداري سان مارائي ڇڏيو ۽ مير جعفر بنگال انگريزن حوالي ڪيو، تيئن ايران ۾ به ڪجهه اعليٰ فوجي ۽ انٽيليجنس عملدارن جي اسرائيل سان ڳجهي رابطن سبب ملڪ کي وڏو نقصان رسيو. اهي مبينا طور اندروني معلومات دشمن تائين پهچائيندا رهيا.
نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اڱارو 17 جون 2025ع تي شايع ٿيو