سنڌ بجيٽ ۾ ڪاموراشاهي لاءِ عياشيون آهن،اربين رپين جو حساب ڏيو:مخالف ڌر

ڪراچي(م ڊ)سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ وڏي وزير جو نالو کڻڻ تان گوڙ،جهيڙو ٿيندي ٿيندي رهجي ويو،خبر موجب ايم ڪيو ايم جي عادل عسڪري چيو ته وڏي وزير جو ڀيڻويوآصف حيدر شاهه سنڌ ۾ چيف سيڪريٽري لڳل آهي،دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ اهڙي اقرباپروري ناهي،عادل عسڪري جي ان جملي تي پ پ جا ايم پي ايز سراپا احتجاج بڻجي ويا،ٻنهي پاسن کان ميمبر سيٽن تان اٿي بيٺا ۽ هڪ ٻئي کي الرون ڏنيون،مڪيش ڪمار چاولا چيو ته وڏي وزير جو نالو ڇو کنيو؟ڪارروائي مان حذف ڪرايو،صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قائم مقام اسپيڪر کي مداخلت ڪرڻي پئي،هن هدايت ڪئي ته ايوان جي تقدس جو خيال رکيو وڃي،جڏهن ته عادل عسڪري چيو ته 613 ارب رپين جي تعليمي بجيٽ ۾ 78 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن،ٻار نه پڙهندا ته هر ٻار ڊائنامائيٽ هوندو ۽ اهو بارود ضرور ڦاٽندو،سائنس ۽ ٽيڪنالاجي لاءِ هڪ رپيو به ناهي رکيو ويو،ڪاموراشاهي 88 هزار 519 ملين رپيا پنهنجي عياشين لاءِ رکيا آهن،هن چيو ته سمورا ڪامورا ڊفينس ۾ رهن ٿا،ڊفينس ۾ هڪ ڪروڙ گهٽ ۾ گهٽ 10 ڪروڙن جو آهي، ڪو به پڇڻ وارو ناهي،جيستائين اهي ڳالهيون ٺيڪ نه ٿينديون سنڌ ترقي نٿي ڪري سگهي، هن چيو ته ضيا لنجار جي گهر کي باهه”را“ وارن نه پر جهالت ڏني هئي،اسان کان بغير توهان سنڌ نٿا هلائي سگهو،هن چيو ته اين ايف سي ذريعي جيڪي به فنڊ صوبي کي ملن ٿا اهي ضلعن کي منتقل ٿيڻ گهرجن،وڏو وزير ٻڌائي ته 2023ع ۾ 80 ارب،2024ع ۾ 142 ارب رپين ۽ هن ڀيري 209 ارب رپيا سيڙپڪاري جي مد ۾ رکيا ويا،ان جو 20 يا 20 سيڪڙو وياج بڻجي ٿو،منهنجو سوال آهي ته اهو پئسي ڪٿي آهي؟ ان جو وياج ڪيترو ملي ٿو؟سڀ تفصيل اسيمبلي ۾ پيش ڪيا وڃن،ان پٺيان ڪهڙي راڪيٽ سائنس آهي؟اهو پئسو ۽ وياج ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي  جڏهن ته ايوان ۾ ان وقت ٻيهر گرماگرمي پيدا ٿئي وئي جڏهن ايم ڪيو ايم جي هڪ ٻئي ميمبر پ پ جي فاروق اعواڻ کي مخاطب ٿيندي چيو ته جڏهن توهان جي بقول ايم ڪيو ايم باني شيطان هو ته توهان ان وقت سنڌ پوليس ۾ انسپيڪٽر ته هوندا، جيڪڏهن ان وقت توهان همت ڪريو ها ته سٺو ٿئي ها،هاڻي جڏهن هن جي سياست ختم ٿي وئي آهي ته هن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ سان ڪو فائدو نه ٿيندو، پ پ جي فاروق اعواڻ چيو ته سڀني کي خبر آهي ته ڪراچي ۾ لاشن جي سياست ڪنهن ڪئي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.