لنڊن(م ڊ) مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته اسرائيل ايران تي حملو ڪري زيادتي ڪئي آهي، اسين ايران سان گڏ بيٺل آهيون ۽ بيٺل رهنداسين. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف اسرائيل پاران ايران تي ٿيل تازي حملن جي سخت مذمت ڪئي ۽ پاڪستان جي ايٽمي طاقت کي ملڪ جي خوش نصيبي قرار ڏنو. نواز شريف ايران تي حملن بابت سوال اٿاريندي چيو ته، ايران تي حملو ڪرڻ ڪهڙي انسانيت آهي؟ . اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسرائيل ايران تي حملو ڪري زيادتي ڪئي، ڪنهن تي حملو ڪرڻ يا ڪنهن جو گهر ساڙي ڇڏڻ ڪهڙي سماج ۾ ٿيندو آهي، اسين ايران سان گڏ بيٺا آهيون ۽ بيٺا رهنداسين.