پيپلزپارٽي جو وفاقي بجيٽ تي سخت ردعمل، بائيڪاٽ جو امڪان

اسلام آباد (قربان بلوچ) پيپلزپارٽي وفاقي بجيٽ تي سخت خدشا ظاهر ڪندي بائيڪاٽ جي تجويز تي غور ڪري  رهي آهي. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان اوچتو اٿي پيپلزپارٽي جي ميمبرن ڪميٽي نمبر 2 ۾ گڏجاڻي ڪئي، جتي بجيٽ تي پارٽي موقف جوڙي ورتو. سندن چوڻ آهي ته ناڻي واري وزير پيپلزپارٽي جي تجويزن تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي سخت ناراضگي پئي ظاهر ٿئي. پارٽي سولر پينلن تي 18 سيڪڙو ٽيڪس، پي ايس ڊي پي ۾ پي ڊبليو ڊي جي منصوبن جي ورڇ ۽ سنڌ جي شهري علائقن جا منصوبا وفاقي وزارت ڏانهن منتقل ٿيڻ تي اعتراض ڪري رهي آهي. پيپلزپارٽي جي نمائندن چيو آهي ته وفاق سنڌ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيڪو پارٽي لاءِ ناقابل قبول آهي. ان قدم کي سنڌ کي ورهائڻ جي سازش قرار ڏنو ويو آهي. پنجاب جي مختلف شهرن ۾ بلاول ڀٽو جا پينافليڪس لڳائي پيغام ڏنو ويو آهي ته رڳو بلاول ڀٽو زرداري ئي ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگهي ٿو. انهن پوسٽرن مان اهو تاثر ملي ٿو ته پارٽي قيادت مستقبل لاءِ بلاول کي ئي مرڪز بڻائڻ چاهي ٿي. پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ تجويزون چيئرمين آڏو پيش ٿينديون، جڏهن ته ناڻي واري قائما ڪميٽي ۾ به آواز اٿارڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پيپلزپارٽي جو مطالبو آهي ته سکر-حيدرآباد موٽروي جي رقم وڌائي وڃي ۽ اين ايف سي تحت سنڌ کي حق ڏيئي وفاقي مداخلت بند ڪئي وڃي. جيڪڏهن آواز اٿارڻ باوجود به ڪجهه نه ٿيو ته پيپلزپارٽي بجيٽ جي ووٽنگ جو بائيڪاٽ به ڪري سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.