ڪراچي (عوامي آواز نيوز ) سنڌ ۾ پرڏيهي امدادن سان هلندڙ 30 ترقياتي منصوبن تي مالي سال جي 11 مهينن دوران رڳو 11.16 سيڪڙو فنڊ خرچ ٿيا آهن، جنهن سبب حڪومت جي ڪارڪردگي تي سوال اُٿي رهيا آهن. ناڻي کاتي جي جاري ڪيل رپورٽ موجب انهن منصوبن لاءِ مجموعي طور 1515 ارب رپيا مختص ڪيا ويا هئا، جن مان هن مالي سال دوران 188 ارب رپيا وصول ٿيا. هن وقت تائين 334 ارب رپيا مختص ۽ 182 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن. رپورٽ موجب مجموعي طور تي 245 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن پر صرف 168 ارب رپيا خرچ ٿيا آهن. انهن منصوبن ۾ ڪراچي کي رهائش لائق بڻائڻ وارو منصوبي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپروومينٽ پروگرام، سکر ۽ گڊو بئراجن جي مرمت، سماجي تحفظ جو نظام، بي آر ٽي ريڊ لائين، ڪراچي اربن موبلٽي ييلو لائين ۽ ٻوڏ کانپوءِ بحالي جا منصوبا شامل آهن، جن ۾ تباهه ٿيل اسڪولن جي بحالي به شامل آهي. فنڊ جي گهٽ استعمال تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي ۽ ترقياتي رفتار جي سستي تي اعليٰ اختيارين کان وضاحت طلب ڪرڻ جو امڪان آهي.