تهران(م ڊ) پاڪستان پاران حمايت تي ايران جي پارليامينٽ ۾ "تشڪر تشڪر” جا نعرا،ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ جي تناظر ۾، ايران جي پارليامينٽ ۾ پاڪستان جي حمايت تي شڪرگذاري جا نعرا لڳا.ايراني صدر مسعود پزشڪيان، پارليامينٽ ۾ پنهنجي خطاب دوران پاڪستان جي حمايت جي واکاڻ ڪئي، جنهن تي ايراني اسيمبلي جي ميمبرن زور شور سان "پاکستان تشڪر تشڪر” جا نعرا هنيا.پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قالیباف، اسرائيل پاران بيگناهه شهرين تي ٿيل حملا "بزدلانا” قرار ڏئي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ ايراني قوم کي دشمن خلاف هوشيار ۽ اتحاد ۾ رهڻ جي اپيل ڪئي.اجلاس دوران، ايراني پارليامينٽ جي ميمبرن طرفان اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيل فوجي ڪمانڊرن، سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ جوهري سائنسدانن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو.