شڪارپور ۾ بدامني ۽ معصوم ٻارن جي اغوا خلاف جماعت اسلامي جو ڌرڻو

ڪراچي/شڪارپور (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي وقتي امير پروفيسر نظام الدين ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي راڄ خطرناڪ شڪل اختيار ڪري ورتي آهي. معصوم شهرين ۽ ٻارن کي اغوا ڪرڻ ۽  انهن تي تشدد ڪرڻ جون وڊيوز معمول بڻجي ويو آهي، جڏهن ته رياستي ادارا مڪمل طور تي خاموش تماشائي بڻيل آهن. شڪارپور ۾ ڏينهن ڏٺي هڪ ڪار تي فائرنگ جي نتيجي ۾ چار بيگناهه شهري مارجي ويا، جنهن سنڌ حڪومت جي امن امان وارن دعوائن کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌ جي ماڻھن کي قبيلائي دهشتگردي ۽ ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. حڪمرانن جي بي حسي جي ڪري پڪي جا بااثر ماڻهو ڪچي جي ڌاڙيلن جا سهولتڪار بڻجي ويا آهن ۽ جاگيردار سياسي گروهه انهن کي پناهه ڏئي رهيا آهن. اھڙن خيالن جو اظهار هن شڪارپور جي گھنٽا گهر چوڪ تي بدامنيءَ توڙي معصوم ٻارڙن جي اغوا واقعن خلاف جماعت اسلامي پاران منعقد ڪيل احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ضلعي امير عبدالسميع شمس ڀٽي، مقامي امير صدرالدين مهر ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو. جماعت اسلامي جو احتجاجي ڪئمپ ٽن ڏينهن کان جاري آهي. اڳواڻن روهيت ڪمار جي قاتلن جي گرفتاري، عيد تي اغوا ٿيل ٻار انس ٿهيم جي بازيابي، امن امان جي بحالي ۽ نااهل ايس ايس پي جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو. پروفيسر نظام الدين ميمڻ وڌيڪ چيو ته حڪومت ۽ رياست کي پنهنجي رٽ قائم ڪرڻ گهرجي ، جيڪڏهن مقامي سردارن ۽ ڀوتارن پاران حقيقي ڌاڙيلن جي سرپرستي ختم ٿي وڃي ته ھتي ڌاڙيل هڪ ڏينهن ۾ هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.