جده (پريس ريليز) درياهه بچايو تحريڪ جي ڪنوينر ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه کي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي انٽرنيشنل طرفان جده ۾ آجياڻو ڏنو ويو جٿي جده ۽ آس پاس جي شهرن کان وڏي انگ ۾ سوين سنڌين شرڪت ڪئي آجياڻي ۾ آيل سنڌين سيد زين شاهه سان محبت جو ڀرپور اظهار ڪندي کيس اجرڪ ۽ سنڌي پٽڪي جو تحفو پڻ پيش ڪيو. پروگرام ۾ جده جي نالي وارن سماجي ڪردارن ڊاڪٽر برڪت نوناري ، ڊاڪٽر محمد خان ميمڻ ، سهيل جمالي ، منظور لنڊ ، الياس صديقي ، ماجد چانڊيو ، اشرف ٻگهيو، واجد گاڏهي سميت سوين سنڌين شرڪت ڪئي. سيد زين شاه آجياڻي کي خطاب ڪندي سنڌو درياه مٿان لڳندڙ ڌاڙي ۽ سنڌ جي مجموعي سياسي سماجي صورتحال تي اوورسيز سنڌين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ هن وقت گهڻ رخي حملن جي وڪڙ ۾ آهي هڪ طرف اسان کان سنڌ جو پاڻي ڦرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ته ٻئي طرف سنڌ جون زمينون، معدني وسيلا تين وال ٿي رهيا آهن. هن چيو ته پرڏيھ ۾ رهندڙ سنڌين تي پڻ اهو فرض ٿو ٿئي ته هو سنڌ وطن جي خوشحالي ۽ ترقي ۾ ڀاڳي ڀائيوار ٿين ۽ سنڌ مٿان لڳندڙ ڌاڙي خلاف باخبر رهن.