ڪراچي (رپورٽ:خداڏنوشاھ)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت سولر تي لڳايل 18 سيڪڙو ٽيڪس ختم نه ڪيو ته پيپلزپارٽي وفاقي بجيٽ پاس ڪرائڻ جي حمايت نه ڪندي جڏهن ته سي جي ۽ ٽي پي ڪئنال کولڻ جو وقت 1991ع واري پاڻي معاهدي ۾ ڪيو ويو آهي، ڪالھ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته وفاقي سرڪار اسان جا اين ايف سي مان 105 ارب روپيا ڪٽيا آهن جنهن سان ترقياتي رٿائن شديد متاثر ٿينديون،مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس جي شروع ۾ ايران تي تازي اسرائيلي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي، هن ٻڌايو ته هو ان حملي جي خلاف پنهنجو احتجاج سنڌ اسيمبلي جي بجٽ اجلاس ۾ ئي ظاهر ڪري چڪو هو ۽ فوري طور هڪ اجلاس گهرائي ان جارحيت خلاف ٺهراءُ به منظور ڪرايو، وڏي وزير مخالف ڌر پاران ان ٺهراءُ جي منظوري دوران پيدا ڪيل هنگامي صورتحال تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ سوال ڪيو ته اپوزيشن ان جي مخالفت ڇو ڪئي هن وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته هن پنهنجي مالي واعدن تي عمل نه ڪيو آهي، مراد علي شاهه انڪشاف ڪيو ته بجٽ پيش ٿيڻ کان صرف هڪ ڏينهن اڳ سنڌ حڪومت کي اطلاع ڏنو ويو ته متوقع 105 ارب رپيا روڪيا ويندا، سندس چوڻ هو ته سنڌ کي گذريل سال کان وٺي هاڻ تائين 1478.5 ارب رپيا وفاقي قابل ورڇ فنڊ مان مليا آهن جڏهن ته 422.3 ارب رپيا اڃا تائين واجب الادا آهن جن جي ادائيگي جي اميد هن مهيني جي پڄاڻي تائين ڪئي پئي وڃي، مراد علي شاھ چيو ته اين ايف سي سميت مختلف رٿائن ۾ سنڌ سان انصافي ڪئي وئي آهي سنڌ کي وفاق پنهنجي ڪالوني نه سمجهي،وڏي وزير چيو ته هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ تعليم جي شعبي لاءِ 18 سيڪڙو ۽ صحت جي شعبي لاءِ 11 سيڪڙو واڌ سان اضافي فنڊز رکيا ويا آهن جڏهن ته زراعت، آبپاشي ۽ بلدياتي منصوبن لاءِ به بجٽ ۾ نمايان اضافو ڪيو ويو آهي، ڪراچي جي انفراسٽرڪچر منصوبن لاءِ 236 ارب رپيا رکيا ويا آهن جن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلندڙ منصوبا به شامل آهن، هن چيو ته هن سال جي بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس لاڳو ناهي ڪيو ويو بلڪه ڪيترن ئي ٽيڪسن کي ختم يا گهٽايو ويو آهي،هن ٻڌايو ته تفريحي ٽيڪس کي مڪمل طور ختم ڪيو ويو آهي جڏهن ته ريسٽورنٽن تي لاڳو ٽيڪس ۾ به گهٽتائي آندي وئي آهي،هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت زمينن جي ريڪارڊ کي بلاڪ چين ٽيڪنالاجي ذريعي ڊجيٽل بڻائي رهي آهي جيئن ماڻهن کي آسانيءَ سان رسائي ملي سگهي، هن چيو ته ننڍن زميندارن کي مفت ليزر ليولر فراهم ڪيا ويندا،جڏهن ته وڏن زميندارن لاءِ سبسڊي فراهم ڪئي ويندي،ڪلسٽر فارمنگ ٽيڪنالاجي به متعارف ڪرائي پئي وڃي،هن وڌيڪ چيو ته تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ اهم اڳڀرائي طور 34 هزار نوان ڪاسٽ سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن جڏهن ته هيڊ ماسٽرن کي انتظامي خرچن لاءِ بجيٽ مهيا ڪئي ويندي جڏهن ته سنڌ هاري ڪارڊ پروگرام تحت زميندارن لاءِ 8 ارب رپيا رکيا ويا آهن،وڏي وزير پنهنجي پريس ڪانفرنس دوران ڪي فور واٽر پروجيڪٽ جي جوڙجڪ بابت چيو ته وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ته هو ڪينجهر ڍنڍ مان پاڻي فراهم ڪري جڏهن ته سنڌ حڪومت ان پاڻي جي ورهاست جي ذميوار آهي جنهن لاءِ ضروري فنڊز رکيا ويا آهن، وڏي وزير ٻڌايو ته گريڊ 1 کان 4 تائين 20 هزار کان 25 هزار نوڪريون خالي پيل آهن جن کي جلد ڀريو ويندو،گريڊ 5 کان 7 تائين جون ڀرتيون آءِ بي اي ٽيسٽ جي ذريعي ڪيون وينديون جڏهن ته گريڊ 16 جي مٿين نوڪرين لاءِ به مقرريءَ جو عمل شروع ڪيو پيو وڃي، مراد علي شاهه وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته جڏهن پي ڊبليو ڊي جون اسڪيمون صوبن حوالي ڪيون ويون ته سنڌ کي رڳو 18 منصوبا ڏنا ويا جيڪو واضح ناانصافي آهي، وڏي وزير ٻڌايو ته يونيورسٽين جي فنڊنگ ۾ 4 ارب رپين مان ڪٽوتي ڪري ان کي رڳو 2 ارب رپيا ڪيو ويو آهي جنهن خلاف احتجاج جاري آهي،وڏي وزير سکر-حيدرآباد موٽروي بابت به پنهنجا خدشا ظاهر ڪندي چيو ته هن اهم منصوبي لاءِ وفاق پاران فنڊز 30 ارب رپين مان گهٽائي 15 ارب رپيا ڪيا ويا آهن،وڏي وزير چيف منسٽر آفيس لاءِ هيليڪاپٽر ۽ گاڏين جي خريداري تي ٿيندڙ تنقيد جو جواب ڏيندي چيو ته موجوده هيليڪاپٽر 36 سال پراڻو آهي جڏهن ته گاڏيون به ڪيترن ئي سالن کان اپڊيٽ نه ٿيون ويون آهن هن ٻڌايو ته حڪومت زرعي شعبي ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ ڏانهن وڌي رهي آهي پر مقامي هارين جي نيٽ ورڪ کي شامل ڪري شفاف شراڪت کي يقيني بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته وفاقي حڪومت اڃا تائين وڏن ڊيمن لاءِ ڪا رقم نه رکي آهي جڏهن رکندي ته پوءِ ڏسنداسين. هن اعتراف ڪيو ته صوبي ۾ غربت ۾ واڌ ٿي رهي آهي جنهن جو وڏو سبب آءِ ايم ايف پروگرام تحت سرڪاري خرچن تي لڳايل پابنديون آهن مراد علي شاهه واضع اعلان ڪيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف يا ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به دٻاءَ يا بليڪ ميلنگ کي ڪا به اهميت نه ڏيندي هن ڪارپوريٽ فارمنگ تحت سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان جتي غير آباد زمينون آهن ۽ پاڻي ناهي اهي ڏيئي رهيا آهيون