اسلام آباد/لاهور(حماد حسن+معظم فخر) ايران تي حملي کان اڳ اسرائيل جاسوسي نظام ڦھلائي ٽارگيٽ نشاندھي ھيٺ آندا ھئا 9 اھم ترين ماڻھو ان حملي ۾ مارجي ويا.اھي سڀ الڳ الڳ ھنڌن تي ھئا. فريدون عباسي جھڙو جوھري سائنسدان ، آرمي چيف شهيد ٿي ويا. ان مان اسرائيل جي جاسوسي نيٽ ورڪ جو اندازو ٿئي ٿو.ايران بھ غلطي ڪئي ھن پاڙيسري مسلمان ملڪن سان اعتماد جوڳا رابطا نھ وڌايا. بندر عباس تي را جا جاسوس ايندا ويندا رھيا.بي ايل اي کي بھ سپورٽ ڪندا رھيا.سو ايران انھن کي سپورٽ ڪندو رھيوپر ان کي خبر ئي نھ پئي تھ ايران سان ڪھڙي راند کيڏي پئي وئي.انڊيا اسرائيل جو ڳٺ جوڙ ھيو. سو انڊين ايجنٽ پاڪستان سان گڏ گڏ ايران خلاف بھ ڪم ڪري اسرائيل لاءِ جاسوسي ڪري رھيا ھيا.ان ۾ را جو وڏو ھٿ آھي.پاڪستان مٿان حملي اڳ انڊيا ۾ اسرائيلي ماھر آيا ھئا.ڀارتي حملي بعد پاڪستان ان کي ڪجھھ ڪلاڪن ۾ ئي مليا ميٽ ڪري ڇڏيو.پر اسرائيل اڳ ئي جاسوسي نظام جو فائدو کڻي چڪو ھيو.ان کي استعمال ڪندي اسرائيل ايران جي جوھري پروگرام سائنسدانن وغيرھ کي نشانو بڻايو.ايراني حملن سان تل ابيب جي معاشي مرڪز، دفاع وزارت جي عمارت ۽ ،ايئرپورٽ جي حصي کي نقصان ٿيوآھي ۽حيفا ۽ غزا ويجھو بھ حملا ٿيا آهن.پراڻي ٽيڪنالاجي ھوندي بھ اسرائيل انھن کي روڪي نھ سگھيو اھا حيرت جوڳي ڳالھھ آھي سو اسرائيل جو سسٽم بھ انڊيا جھڙو آھي ٻئي پاسي آمريڪا في الحال جنگ کان پاسي تي آھي تھ متان روس چين ان ۾ شامل ٿي وڃن.فرانسيسي صدر چيو تھ اسان اسرائيل جو دفاع ڪنداسين تھ روسي صدر ترت چيو تھ ڪوئي ٻيو ملڪ جنگ ۾ لٿو تھ اسان بھ شامل ٿي وينداسين.ترت فرانسيسي صدر کي پيغام ڏنو ويو.اھو چين جي رضامندي بغير پيوٽن نھ ٿو چئي سگھي.سو ٻنھي ڪمزور طاقتن جو جھيڙوآھي.ايراني سفير گڏيل قومن ۾ ڪم جو ڪارڊ کيڏيو آهي تھ اسرائيل جي حملي سبب جتي يورينيم جي افزودگي ڪئي پئي وئي انھن پلانٽس مان تابڪاري خارج ٿيڻ لڳي آھي.اھو سفارتي طور وڏو اھم پتوآھي ٻئي پاسي تهران ۾ اسرائيلي حملن کان اڳ جيڪي ڊرون حملا ڪيا ويا هئا ان لاءِ اسرائيل تهران ويجهو ڳجهو اڏو بڻايو هو، ۽ انهن ڊرونز کي اتي اسمگل ڪري آندو ويو،ان ڪارروائي ۾ اسرائيلي ڳجهي ايجنسي موساد سان گڏ را به شامل هئي، ڀارتي ميڊيا دهل وڄائي ان ڳالهه جو اعلان ڪري پاڪستان کي پيغام ڏنو ته توهان اسان کي جيترو ڪمزور سمجهي رهيا آهيو ايترا اسان ڪمزور ناهيون ٻئي پاسي اسرائيلي وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته جيڪي ماضي ۾ اسرائيلي حڪومتون هيون جهڙي طريقي سان اسان ايران کي ايٽمي طاقت بڻجڻ کان روڪيو ان طريقي سان ماضي جي اسرائيلي حڪومتن کي به گهرجي ها ته اهي پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻجڻ کان روڪين ٿا پر هاڻي پاڪستان هڪ ايٽمي طاقت بڻجي چڪو آهي۽ هڪ انتها پسند اسلامي ملڪ وٽ ايٽمي هٿيار هئڻ اسرائيل لاءِ خطرناڪ آهي،اهو نقطو گهڻي اهميت رکي ٿو، ان تقرير کانپوءِ نيتن ياهو هڪ ٻئي چئنل کي انٽرويو ڏنو ان جو مطلب اهو آهي ته اسرائيل جو امڪاني طور تي ايراني کانپوءِ ايندڙ هدف پاڪستان هوندو، ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي ڪجهه ٿنڪ ٽئنڪس جي وال تان ٿيندڙ ٽوئيٽس مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسرائيل بلوچستان ۾ ڀارت سان گڏ پنهنجي گيم کيڏي رهيو آهي،ميريار بلوچ کي ان پروجيڪٽ لاءِ خصوصي مشير مقرر ڪيو ويو آهي،اهو شخص ”را“ جو ٽائوٽ آهي،ان ٿنڪ ٽئنڪ جو بنياد هڪ يهودي انٽليجنس جي اهلڪار رکيو آهي،ٻئي پاسي ايران کي پنهنجي ملڪ اندر ڪارين رڍن جو خاتمو ڪرڻو پوندو نه ته اسرائيل کي وري وري ان مٿان حملا ڪرڻ جي جرئت ٿيندي رهندي،جڏهن ته گڏيل قومن ۾ ايراني مستقل نمائندي حمايت ڪرڻ تي پاڪستان،روس،ترڪيه ۽ چين جو وڏو ٿورو مڃيو آهي