سنڌ حڪومت به سال 2025 ۽ 2026 جي پنهنجي سالياني بجيٽ پيش ڪئي آهي جيڪا سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بطور وزير خزانه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ روايتي انداز ۾ پيش ڪئي جنهن کي وفاقي بجيٽ جو تسلسل سمجهيو وڃي ٿو ايئن لڳو ته ڄڻ بجيٽ تجويزون ۽ تقرير وڏي وزير کي پڙهڻ لاءِ موڪلي وئي هئي جيڪا هن پڙهي ٻڌائي۔بجيٽ تقرير دوران مخالف ڌر جو گوڙ جاري رهيو پر وڏي وزير پنهنجي تقرير جاري رکندي مڪمل ڪئي۔سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ بجيٽ کي سنڌ دوست سڏيو آهي جڏهن ته مخالف ڌر سميت متحده قومي موومينٽ سنڌ جي عام ماڻهو سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن هن بجيٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ بجيٽ کي وفاقي بجيٽ جو تسلسل قرار ڏنو آهي۔متحد قومي موومينٽ بجيٽ تي سخت ڪاوڙيل نظر اچي رهي آهي جنهن جو چوڻ آهي بجيٽ شهري آبادي لاءِ نه پر ٻهراڙي جي نمائندگي ڪري ٿي جڏهن ته بجيٽ ۾ ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن وڏن شهرن لاءِ به منصوبا شامل آهن جن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي صحت ۽ ٽرانسپورٽ کي هن ڀيري وڏي ترجيح ڏني وئي آهي
سنڌ هر سال بجيٽ پيش ڪري ٿي خاص ڪري ترقياتي رٿائن لاءِ وڏي رقم مخصوص ڪري ٿي پر رٿائون وقت سر پوريون نٿيون ٿين جنهن سان رقم لئپس ٿيو وڃي ٿي يا وري ڪرپشن جو شڪار ٿيو وڃي جنهن جو وڏو ڪارڻ ادارن کي ملندڙ بجيٽ جي هڪ ته ٿرڊ پارٽي يا اي جي سنڌ يا کاتن پاران آڊٽ نٿي ٿئي ۽ چيئرمن اڪائونٽس ڪاميٽي جيڪو حڪومتي ڌر جو گهڻو ڪري نمائندو هوندو آهي ڪاغذي ڪارروائي تائين محدود رهي ٿو ۽ ادارا احتساب کان بچيو وڃن۔اهوئي ڪارڻ آهي جو پهريون ڀيرو سنڌ جي ترقياتي بجيٽ ۾ گهٽتائي آندي وئي جنهن جو مک ڪارڻ اهو بيان ڪيو ويو ته وفاق کان ترقياتي ڪمن لاءِ گرانٽس گهٽ ملي آهي.
لڳ ڀڳ 34 کرب پنجاهه اربن تي ٻڌل بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ لڳ ڀڳ سٺ ارب رپين جي کوٽ ڏيکاري وئي آهي جيڪا وفاق کان ملندڙ مالي ايوارڊ وسيلي پوري ڪئي ويندي۔اهڙي طرح هن ڀيري ساڍا پنج سئو ارب ترقياتي ڪمن لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن جيڪي مختلف سرڪاري ادارن جي معرفت ترقياتي ڪمن تي خرچ ڪيا ويندا۔خاص ڪري مڪاني ادارن جو حوصلو وڌائڻ لاءِ انهن جي فنڊن ۾ ڪجهه اضافو ڪيو ويو آهي۔مڪاني ادارن لاءِ اها شڪايت آهي ته اهي فنڊ صحيح استعمال نٿا ڪن ۽ سياست جي ور چڙهي وڃي ٿي.
سنڌ جي بجيٽ ۾ ڪنهن به قسم جو سڌو يا اڻسڌي طرح ڪو به اهڙو ٽئڪس ناهي لڳايو ويو جنهن سان عام ماڻهو جي معيار زندگي تي ڪو فرق پوي. هن سال بجيٽ ۾ ڪجهه ٽئڪس گهٽايا يا ختم ڪيا ويا آهن خاص ڪري موٽر وهيڪل ٽئڪس گهٽايو ويو آهي جڏهن ته پروفيشنل ٽئڪس ۽ انٽرٽينمينٽ ٽئڪس ختم ڪيا ويا آهن۔بجيٽ کي عوامي مفاد عامه تي خرچ ڪرڻ لاءِ ڪنهن حد تائين اثرائتا قدم کنيا ويا آهن جيڪا سٺي ڳالهه آهي بشرطيڪ بجيٽ ڪرپشن جو شڪار نه ٿئي.
صحت جي شعبي کي هٿي وٺائڻ ۽ عام ماڻهو کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پي پي ايڇ آءِ شعبي لاءِ لڳ ڀڳ ساڍا 16 ارب رپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ هڪ نئين اسپتال قائم ڪرڻ لاءِ ڏهه ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن جنهن سان مقامي ۽ علاقائي ماڻهن کي علاج جون بهتر ۽ سستيون سهولتون ملنديون۔اهڙي طرح ڳوٺاڻن علائقن تائين ايمبولينس خدمتون مهيا ڪرڻ جو به فيصلو ٿي چڪو آهي۔حڪومت سيلاب زده علائقن ۾ قابل تجديد توانائي رٿائن پوئتي پيل ضلعن ۾ صاف پاڻي ۽ صفائي جي سهولتن لاءِ 475 نيون اسڪيمون شروع ڪرڻ جو پڻ حوصلي بخش فيصلو ڪيو آهي۔سنڌ حڪومت پهريون ڀيرو لڳ ڀڳ هڪ سئو اليڪٽرڪ بسون خريد ڪرڻ جي رٿا سامهون آندي آهي جنهن مان پنجاهه بسون ڪراچي لاءِ ۽ باقي پنجاهه بسون سنڌ جي ٻين شهرن لاءِ هونديون۔اليڪٽرڪ بسن جي هلڻ سان هڪ ته فضائي گدلاڻ ختم ٿيندي ماحول بهتر ٿيندو ۽ عوام کي سستي سواري مهيا ٿيندي. ڊجيٽل پئدائشي رجسٽريشن نظام کي صحت ۽ تعليم سان جوڙيو ويندو.
نئين سال جي بجيٽ ۾ زرعي شعبي ۽ سڌارن تي خاص توجهه ڏني ويندي جنهن ۾ بينظير هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ ٻه لک هارين کي سبسڊي ڏيڻ ۽ جديد زرعي مشينريى فراهم ڪرڻ شامل آهي۔ڊرپ اريگيشن تي پڻ آبادگارن کي سبسڊي ڏني ويندي البته زرعي انڪم ٽئڪس لاڳو ڪرڻ جو آءِ ايم ايف ۽ وفاق وارو مطالبو پاسيرو رکيو ويو آهي جنهن لاءِ سنڌ جي آبادگارن سخت مخالفت ڪري چڪا آهن۔بجيٽ ۾ غيرفعال بڻيل سنڌ ڪوآپريٽو بئنڪ کي ٻيهر فعال ڪرڻ جي به تجويز آهي جنهن لاءِ فيزبلٽي اسٽڊي جاري ٿي چڪي آهي۔بجيٽ ۾ تڪراري پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت ڪلسٽر فارمنگ رٿائون شروع ڪرڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي۔هن رٿا تي اڳ ۾ ئي سنڌ ۾ سخت مخالفت ٿي چڪي آهي۔حڪومت نئين مالي سال دوران 4400 استادن ۽ ٻئي عملي جي ڀرتين ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي ان کان علاوه چار نوان آء بي اي ڪميونٽي ڪاليج قائم ڪرڻ جو به پروگرام رٿيو آهي جنهن سان ٽيڪنيڪل تعليم ۾ واڌارو ٿيندو۔اهڙي طرح غريب ۽ هوشيار شاگردن جي مالي معاونت لاءِ سنڌ ايجوڪيشنل انڊومينٽ فنڊ لاءِ ٻه ارب رپين جي رقم پڻ مختصص ڪئي وئي آهي۔بجيٽ ۾ پهريون ڀيرو تعليم جي بجيٽ کي اسڪولن جي هيڊ ماسترن معرفت خرچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي کين سڌي طرح فنڊ ملندا۔معذور ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ ۽ سندن وظيفا وڌائڻ سميت نون بحالي مرڪزن جو قيام پڻ شامل آهي.
پ پ پ جي قيادت بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پينشن ۾ پنجاهه سيڪڙو واڌ ڪرڻ جو نه صرف مطالبو پر اعلان به ڪيو هو جنهن کي وفاق ته نظر ڪري ڇڏيو پر سنڌ جي حڪومت به نظرانداز ڪندي پگهارن ۾ ڏهن کان 12 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ اٺ سيڪڙو تائين واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن سان سنڌ جو سرڪاري ملازم ۽ پينشنر سخت مايوس ٿيو آهي ۽ اهڙي واڌ کي رد ڪندي پنجاهه سيڪڙو وڌائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. پ پ پ جي جيالي چوڌري منظور حسين ۽ شازيه مري اڳ ۾ ئي وفاقي بجيٽ کي رد ڪندي پگهارن ۽ پينشن ۾ پنجاهه سيڪڙو واڌ جو مطالبو ڪندي احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي۔هنن کان اڳ پ پ پ چيئرمن به پنجاهه سيڪڙو واڌ جو مطالبو ڪيو هو جنهن تي سنڌ حڪومت جو به عمل نه ڪرڻ تعجب واري ڳالهه آهي. وفاق ته پوءِ به پنهنجي ملازمن کي ڊسپيرٽي الائونس سميت چاليهه سيڪڙو تائين رليف ڏنو جيڪو سنڌ سرڪار ڏئي نه سگهي۔مهانگائي جي هن سخت دور ۾ جتي علاج ۽ روزمرهه جون شيون مهانگيون هجن ۽ وڌيڪ مهانگيون ٿي سگهن ٿيون اتي سنڌ جو سرڪاري ملازم ۽ پينشنر متاثر ٿيندو۔اڃا به وقت ناهي ويو سنڌ جي وڏي وزير کي پنهنجي اهڙي فيصلي تي مناسب نظرثاني ڪرڻ گهرجي. ڏٺو وڃي ته وفاقي بجيٽ هجي يا صوبائي بجيٽون اهي سرڪاري ملازم خاص ڪري خزاني جا اهي ڪامورا ٺاهين ٿا جن جون پگهارون ۽ مراعتون وزيرن جهڙيون آهن جيڪي عوامي بجيٽ ٺاهڻ کان پاسيرو رهن ٿا جڏهن ته بجيٽ ٺاهڻ ۾ معاشي ماهرن ڪاروباري ماهرن کي به شامل ڪيو وڃي۔سنڌ ۾ خزاني وارو وزير الڳ نه هجڻ ڪري به بجيٽ جي تياري ۾ ڪجهه مسئلا پيش اچن ٿا تنهنڪري خزاني وارو وزير الڳ هجڻ ضروري آهي۔بهرحال مجموعي طور سنڌ جي بجيٽ متوازن آهي جنهن لاءِ شهري ۽ ٻهراڙي وارو ڪو به فرق نظر نٿو اچي نه وري متحده قومي موومينٽ کي هن اشو تي سياست ڪرڻ گهرجي باقي وٽن ڪي مثبت مشورا آهن ته اسيمبلي اجلاس ۾ بحث دوران آڏو آڻين.