ايران، اسرائيل جي دفاعي نظام کي ٽوڙي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو!

اسرائيل ۽ ايران جي ھڪ ٻئي تي حملن کانپوءِ جنگ جو دائرو وڌي رھيو آھي. دنيا کي ڳڻتي ٿي پئي آھي،عالمي ميڊيا ۽ اڳواڻ تاحال صرف جنگ بند ڪرڻ جي لاءِ اسرائيل کي اپيلون ڪري رھيا آھن،پر ڪا بھ وڏي اڳڀرائي نھ ٿي آھي.ڇڪتاڻ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌي رھي آھي.

اسرائيل جي ايران تي حملي جي جواب ۾ ايران گذريل رات بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪري اسرائيل کي سوڙھو ڪري ڇڏيو. اسرائيل ٻيھر ڇنڇر ڏينھن ايران تي وڌيڪ حملو ڪري ان کي خاصو جاني،مالي ۽ اسٽريٽيجڪ نقصان ڏنو آھي.

اسرائيل پنهنجي هوائي فوج کي ايران تي حملي جي  آزادي ڏئي ڇڏي آهي. ايران پاران گذريل رات کان اسرائيل تي لڳ ڀڳ 200 بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪرڻ کان پوءِ، اسرائيلي حڪومت هوائي فوج کي آپريشن ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. تازي اسرائيلي حملي ۾ ٻن وڌيڪ ايراني جنرلن، ٽن ايٽمي سائنسدان، ۽ 65 ايراني شهرين، جن ۾ 20 ٻار شامل آهن، شهيد ٿي ويا آھن.

اسرائيلي ڊفينس فورس  (IDF) دعويٰ ڪئي آهي ته هن ايران جي اصفهان ايٽمي سائيٽ تي حملو ڪيو  ۽ اهم سهولتن ۽ ليبارٽرين کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. فورس اھا ب دعويٰ ڪئي آھي تھ اصفهان ۾ سرگرميون واضح طور تي ظاهر ڪن ٿيون ته ايران هٿيارن لاءِ يورينيم انرچ ڪري رهيو هو، تهران جو رستو ‘صاف’ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هاڻي اسرائيلي هوائي فوج تهران جي هوائي حدن ۾ آزاد آپريشن ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

اسرائيل  وجب ھدفن تي ڪارروائي جاري رھندي. اسرائيلي دفاع واري وزير اسرائيل ڪاٽز ايران جي سپريم ليڊر کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل تي ميزائل حملا جاري رهيا ته تهران خاڪ ۾ تبديل ٿي ويندو. ھوآءِ ڊي ايف جي چيف آف اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل ايال ضمير، موساد جي ڊائريڪٽر ڊيوڊ بارنيئر ۽ ٻين اعليٰ فوجي عملدارن سان هڪ جائزي اجلاس دوران چيو ته ايراني حاڪم ايراني شهرين کي يرغمال بڻائي رهيو آهي، اهڙي صورتحال پيدا ڪري رهيو آهي جنهن ۾ خاص طور تي تهران جي رهواسين کي اسرائيلي شهرين تي مجرمانه حملي جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي.

فارس نيوز ايجنسي جي مطابق، تهران جي مهرآباد هوائي اڏي تي ٻه ميزائل ڪريا، جڏهن ته ايراني ميڊيا اتي باهه لڳڻ جي رپورٽ ڏني. هوائي اڏو ايراني قيادت جي اهم هنڌن جي ويجهو واقع آهي ۽ هتي هڪ هوائي فوج جو اڏو پڻ آهي، جتي جنگي جهاز ۽ ٽرانسپورٽ جهاز موجود آهن.

ايران اعلان ڪيو آهي ته ملڪ جي هوائي حدون ايندڙ اطلاع تائين بند ڪيون ويون آهن، ايران خبردار ڪيو آهي ته اسرائيل جو دفاع ڪندڙ ملڪن، جن ۾ آمريڪي فوجي اڏا به شامل آهن، کي به نشانو بڻايو ويندو.

اسرائيلي فوج جي مطابق، هوائي ۽ سامونڊي فوجي، ايراني  ڊرون کي تباهه ڪيو.غزه کان ٻه راڪيٽ فائر ڪيا ويا، جيڪي هڪ کليل ميدان ۾ ڪريا ۽ ڪو  نقصان نه ٿيو.

ايراني سرڪاري ميڊيا رپورٽ ڪئي آهي ته تهران تي تازين اسرائيلي حملي جي نتيجي ۾ 60 شهري شهيد ٿيا آهن، جن ۾ 20 ٻار به شامل آهن.

ان کان اڳ ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو هو ته ايران تي جنگ مڙھيندڙ مسلط اسرائيل جوابي ڪارروائي کان ڊڄي ويو. صيهوني فوجن ٻئي ڏينهن به ايران جي مختلف شهرن تي بمباري ڪئي. مهرآباد ايئرپورٽ ۽ زنجان ۾ فوجي ڪئمپ سميت ڪيترن ئي هنڌن تي باهه ۽ خونريزي ڏٺي وئي.ايراني نيوز ايجنسين موجب اولھ ۾ ڪرمانشاه صوبي ۾ هڪ فوجي اڏي تي ڌماڪو ٿيو. نيوز ايجنسي ”اي ايف پي“ موجب، ايراني سرڪاري ٽيليويزن چيو آهي ته اسرائيلي حملي ۾ ٻه سينئر ايراني جنرل شهيد ٿيا آهن، جڏهن ته اسرائيل جا ايران جي فوجي ۽ ايٽمي صلاحيتن تي حملا جاري آھن.برطانوي نيوز ايجنسي ”رائٽرز“ رپورٽ ڪئي آهي ته اسرائيلي حملي ۾ ٽي وڌيڪ ايراني ايٽمي سائنسدان شهيد ٿيا، تسنيم نيوز ايجنسي جو حوالو ڏيندي.

اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته ايران جي ايٽمي پروگرام سان لاڳاپيل 9 سائنسدانن ۽ ماهرن کي ماريو ويو آهي.

ايران جي ايٽمي توانائي تنظيم جي ترجمان چيو ته اسرائيلي حملي سان فردو ۽ اصفهان ۾ ايران جي ايٽمي سهولتن کي ڪو خاص نقصان نه پهتو.اڳواٽ اطلاع کان پوءِ اتان اهم سامان منتقل ڪيو ويو ھو.

ايران جي شهر قم جي ويجهو جبلن ۾ واقع فردو فيول انريچمينٽ پلانٽ جديد سينٽريفيوجز سان ليس آهي، جتي يورينيم کي اعليٰ سطح تي انرچمينٽ ڪيو ويندو آهي.

بي بي سي جي مطابق، وڊيوز ۽ رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته وردوارد علائقي ۾ هڪ ريڊار سائيٽ کي نشانو بڻايو ويو آهي.ڪجهه ٻين هنڌن تي پڻ ريڊار سائيٽن کي نشانو بڻائڻ جون رپورٽون آهن، جن ۾ ڏکڻ ايراني علائقو عبدانان شامل آهي. ايراني ميڊيا رپورٽ ڪئي آهي ته اوڀر تهران ۾ حڪيميا ۽ تهران پارس جي علائقن ۾ به ڌماڪا ٻڌا ويا آهن.

رپورٽن موجب، اصفهان ۾ هڪ پاور اسٽيشن جي ويجهو ڌماڪي کان پوءِ دونھن ڏٺا ويا آهن.

ٻئي پاسي ايران، اسرائيلي جارحيت جو جواب ڏيندي، 13 ۽ 14 جون جي رات اسرائيل ۾ ڪيترن ئي هنڌن کي نشانو بڻائي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو.ايران اسرائيل تي ڪاميابي سان حملو ڪيو ۽ اسرائيل جي جديد ترين ملٽي ليئرڊ دفاعي نظام کي به ناڪام بڻايو، جنهن کان پوءِ اسرائيلي نظام جي ناڪامي دنيا ۾ بحث جو موضوع بڻجي وئي.

اسرائيلي حڪومت تسليم ڪيو ته ايراني ميزائلن تل ابيب ۽ ٻين هنڌن کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 ماڻهو مارجي ويا ۽ 80 زخمي ٿيا. اسرائيل تل ابيب ۽ ٻين اهم هنڌن تي جديد ترين دفاعي نظام ”آئرن ڊوم“ ۽ ٻيا دفاعي نظام نصب ڪيا آهن، پر ايراني ميزائل انهن نظامن کي ٽوڙڻ جي قابل هئا.

آمريڪي اخبار ‘نيو يارڪ ٽائمز’ جي مطابق، اسرائيل پنهنجي هوائي دفاعي نظام تي اربين ڊالر خرچ ڪيا آهن، جنهن جي هو گذريل سال کان جانچ ڪري رهيو آهي، پر هاڻي ايراني ميزائل اسرائيلي دفاعي نظام کي ٽوڙي تل ابيب ۾ داخل ٿي ويا آهن.

ايراني ميزائلن جي اسرائيلي دفاعي نظام کي نظرانداز ڪرڻ ۽ پنهنجي ھدف کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت سڄي دنيا ۾ بحث جو موضوع بڻجي وئي.

اسرائيل جو ملٽي ليئر ايئر ڊفينس سسٽم ڇا آهي؟

نيو يارڪ ٽائمز جي مطابق، اسرائيل پنهنجي حفاظت لاءِ چار مختلف جديد ايئر ڊفينس کي چالو ڪيو آهي، جن جا مختلف ڪم آهن.اسرائيل جا چار مختلف دفاعي نظام ڊگهي ۽ مختصر فاصلي تائين ۽زمين  کان زمين  تائين ميزائلن کي روڪڻ جي قابل آهن، پر ان ھوندي 13 ۽ 14 جون جي رات، ايراني ڊرون ۽ ميزائل انهن سسٽم کي پار ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.

اسرائيل  جا 4 دفاعي سسٽم آھن.جنھن ۾ ھڪ آئرن ڊوم پڻ آھي.هي اسرائيل جو سڀ کان مشهور ۽ ترقي يافته هوائي ڊفينس سسٽم آهي، اهو مختصر فاصلي جي راڪيٽن کي روڪڻ لاءِ انٽرسيپٽر فائر ڪري ٿو.يعني، هي نظام دشمن جي راڪيٽن کي روڪڻ لاءِ خودڪار طريقي سان راڪيٽ فائر ڪري ٿو جيڪي انهن جي رستي ۾ دشمن جي راڪيٽن کي تباهه ڪن ٿا.

ٻيو:ڊيوڊ جو سلنگ،سسٽم آھي.هي نظام هڪ اسٽيشنري هٿيار وانگر آهي جيڪو مختصر ۽ وچولي فاصلي جي بيلسٽڪ ۽ ڪروز ميزائلن کي ماري سگهي ٿو.هن نظام جي رينج لڳ ڀڳ 185 ميل آهي، آئرن ڊوم وانگر، اهو هڪ "هٽ ٽو ڪِل” هٿيار آهي جيڪو  ھدف ۾ داخل ٿي ان کي تباهه ڪري ٿو.

ان بعد ٽيون دفاعي سسٽم بھ آھي.جنھن  کي ايرو ٰ ايند 3 چيو ويندو آھي،جنھن ۾ زمين تي ٻڌل موبائل لانچر آهن، جيڪي ڌماڪيدار ٽڪراءَ وار هيڊ فائر ڪن ٿا جيڪي ايندڙ ميزائلن جي ويجهو ڦاٽن ٿا ۽ انهن کي تباهه ڪن ٿا. هوا ۾ اوچائي تي، تقريباً 30 ميل جي مفاصلي تي ۽ تقريباً 60 ميل جي حد تائين نشانن کي روڪي سگهي ٿو.

ايرو 3 خلا کان خلا تائين وڃي سگهي ٿو، 1,500 ميل تائين  حد جي رينج رکي ٿو. اھو  اسرائيل جي جديد ترين دفاعي نظامن مان هڪ بڻائي ٿو.

 

ان کانساوءِ آئرن بيم بھ ھڪ سسٽم آھي.هي نظام هڪ اعليٰ طاقت وارو ليزر آهي جيڪو راڪيٽ، ڊرون ۽ اينٽي ٽينڪ ميزائلن کي روڪڻ لاءِ ٺهيل آهي.اهو پهريون ڀيرو 2023 ۾ حماس پاران ڏکڻ اسرائيل تي حملي کان پوءِ لڳايو ويو هو.

ڪهڙا ايراني هٿيار اسرائيلي دفاع لاءِ خطرو بڻيل آهن ؟ نيو يارڪ ٽائمز مطابق، ايران کان سڀ کان وڌيڪ سنگين خطرن مان هڪ ان جا ڳرا بيلسٽڪ ميزائل آهن، جيڪي آواز جي رفتار کان بھ ڪيترائي ڀيرا تيز  خلا جي ڪناري تي اڏامندا آهن.اهي ڪجھ منٽن ۾ ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ تقريبن 1,000 ميلن جو مفاصلو طيھ ڪري سگهن ٿا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.