ڪنھن وقت جڏھن بجيٽ پيش ٿيندي ھئي تھ عوام ۾ اتساھ ھوندو ھو. ماڻھو معلوم ڪرڻ چاھيندا ھئا تھ حڪومت عوام جي ڀلائي جي لاءَ ڪھڙي رٿابندي ڪئي آھي. ان سان عام ماڻھوءَ جي زندگيءَ تي ڪھڙو فرق پوندو، عوام کي صحت،تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ ڪھڙيون سھولتون ڏنيون ويون آھن. اڄوڪي ڏينھن کان ايندڙ ٻيو ڏينھن ڪيئن بھتر ھوندو.ممڪن آھي ڪنھن وقت ۾ اھا سموري توقع ھوندي ھجي پر ھاڻي بجيٽ جو پيش ٿيڻ ڄڻ ھڪ رسم جو ادا ٿيڻ آھي،
سنڌ حڪومت پڻ بجيٽ پيش ڪرڻ واري رسم ادا ڪري ڇڏي آھي.جنھن موجب سنڌ اسيمبليءَ ۾ مالي سال 2025، 2026 جي لاءِ 34 کرب 51 ارب رپين جو بجيٽ پيش ڪئي آھي.جيڪا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 12.9 سيڪڙو وڌيڪ آهي. بجيٽ ۾ اعلان ڪيو ويو آھي ته گريڊ 1 کان 16 تائين جي ملازمن جي پگهار ۾ 12 سيڪڙو۽ گريڊ 17 کان 22 تائين جي ملازمن جي پگهار ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي ويندي، سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ به 8 سيڪڙو اضافو ڪيو ويندو.بجيٽ ۾ عام ڀلائي جي رٿن لاءِ اضافي فنڊ رکيا ويا آهن، جڏهن ته جاري خرچن جي مد ۾ 2149.4 ارب رپيا مختص ڪيا ويا.
تعليم لاءِ مجموعي طور 523.73 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جنھن مان پرائمري تعليم جي بجيٽ 136.2 ارب مان وڌائي 156.2 ارب رپيا ڪئي وئي آهي ۽ سيڪنڊري تعليم جو بجيٽ 68.5 ارب مان وڌائي 77.2 ارب رپيا ڪئي وئي.وڏي وزير بجيٽ تقرير دوران نئين مالي سال ۾ 4400 نوان استاد ۽ عملو ڀرتي ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو.
صحت جي شعبي لاءِ 326.5 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جن مان 146.9 ارب رپيا صحت جي ادارن ۽ يونٽن کي گرانٽ طور ڏنا ويندا.سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ بجيٽ 520 ارب رپين تائين محدود رکي وئي آهي، ٻوڏ متاثر علائقن، قابل تجديد توانائي، پٺتي پيل ضلعن، صاف پاڻي ۽ صفائي جي سهولتن لاءِ 475 نيون اسڪيمون شروع ٿينديون.
ڪراچي ۾ انفرا اسٽرڪچر ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي بهتري لاءِ به وڏي رٿابندي ڪئي وئي آهي.
ٻن لک کان وڌيڪ هارين کي سبسڊي ۽ جديد زرعي مشينري جي فراهمي لاءِ ”بينظير هاري ڪارڊ“ جاري ڪيا ويندا، معذور ماڻهن لاءِ وظيفن ۾ واڌ ۽ نوان بحالي مرڪز قائم ڪيا ويندا.
وڏي وزير عوام جي معاشي بار کي گهٽائڻ لاءِ پنج ٽيڪس ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، پروفيشنل ٽيڪس ۽ انٽرٽينمينٽ ڊيوٽي ختم ڪئي ويندي، موٽر ويڪل ٽيڪس ۾ رعايت ڏني ويندي ۽ سيلز ٽيڪس کي آسان بنائڻ لاءِ نئون ”نيگيٽو لسٽ سسٽم“ لاڳو ڪيو ويندو. وڪيلن، صحافين ۽ اقليتن جي ڀلائي ۽ ترقياتي قدمن جي مد ۾ خاص گرانٽون به مقرر ڪيون ويون آهن.
مراد علي شاهه چيو ته مشڪلات باوجود ملازمن جي پگهارن وڌايا آھن. اھو اصل ۾غير ترقياتي خرچ آهي، ٻي وڏي بجيٽ تعليم جي آهي، هن سال تعليم جي بجيٽ ۾ 18 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، ان کان پوءِ وڏي بجيٽ صحت جي شعبي لاءِ رکي وئي آھي. صحت جي بجيٽ ۾ 11 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي.سالياني ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
مقامي حڪومتن لاءِ 132 ارب رپيا ۽ توانائي جي رٿن لاءِ 36.3 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. ڪمرشل گاڏين، ملڪيت، ترغيب ۽ وارثي فيس تي ٽيڪس گهٽائڻ جي تجويز آهي. هارين کي وياج کان پاڪ قرض فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ ڪوآپريٽو بينڪ قائم ڪئي ويندي.
وڏي وزير چيو ته نئين بجيٽ ۾ ڪراچي جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي،ڪراچي ۾ شهري ٽرانسپورٽ کي وڌايو ويندو، شھر ۾پاڪستان ۾ پهرين 50 اليڪٽرڪ بسون متعارف ڪرايون وينديون. ڪراچي سيف سٽي پروجيڪٽ ۾ مصنوعي ذهانت سان ليس سي سي ٽي وي ڪئميرا ۽ ڪوريج جي توسيع شامل آهي.
سنڌ جي وڏي چيو آھي تھ 1000 ارب رپين مان ترقياتي بجيٽ ٺاهڻي ھئي. جيڪڏهن وفاقي حڪومت پوري رقم ڏئي ته اهي انگ اکر وڌيڪ ٿي سگهن ٿا. وفاقي حڪومت گذريل سال به روينيو جي منتقلي ۾ مسلسل گهٽتائي ڪئي آهي. صوبائي ترقياتي بجيٽ جي ڪل بجيٽ 1018 ارب رپيا آهي.
بجيٽ جي ھڪڙي تشريح ھي آھي تھ گھڻو ڪمائيندڙن کان وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪري سماج جي ھيٺين طبقي جي ماڻھن کي رليف ڏئي ڪري، سماج ۾ ھم آھنگي ۽ مطابقت جوڙي ويندي آھي، جئين ملڪ ۽سماج جو چرغو ھلي سگھي. پر اسان وٽ ان جي بلڪل ابتڙ ٿيندو آھي. ٽيڪس ڏيندڙن تي وڌيڪ سختي ڪري ان کان وڌيڪ رقم ڇڪي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي، ان جي ڀيٽ ۾ اميرن ۽ وڌيڪ ڪمائيندڙن کي اڻ ٺھڪندڙ رعايتون ڏئي ڪري انھن کي وڌيڪ اڳتي ڪيو ويندو آھي.
بجيٽ جو مطلب اھو بھ ھوندو آھي تھ صوبي وٽ ڪمائڻ جي صلاحيت ڪيتري آھي.جنھن مان حاصل ٿيل رقم کي ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ڪيو ويندو.ان حساب ڪتاب ۾اڳ ۾ ٿيل خرچ جو بھ ليکو ڪيو ويندو تھ وري جيڪو خرچ ٿيندو ان جو بھ وچور ڏنو ويندو، لازمي مدن ۾ ٿيل خرچن سان گڏ ٿيندڙ ترقي جي لاءِ بھ رقم رکي ويندي. بجيٽ وقت حاصل ٿيندڙ۽ خرچ ٿيندڙ رقم جو ليکو ڪرڻ سان پتو پوندو آھي تھ ان ۾ فرق ڪيترو آھي.حاصل ٿيندڙرقم کان خرچ ٿيندڙ رقم وڌيڪ ھئڻ جي صورت ۾ اھا رقم ٽيڪس لاڳو ڪري وصول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي.
سنڌ جي پيش ڪيل بجيٽ ۾ بھ گھٽ ۾ گھٽ مھيني جي پگھار جو ڪو اعلان نھ ڪيو ويو آھي.جنھن ڪري سمجھڻ گھرجي تھ اھا پراڻي ئي يعني 37 ھزار ماھوار ھوندي.
ٻن يا ٽن ٻارن ۽ زال مڙس تي ٻڌل ھڪ ننڍي کان ننڍي ڪٽنب جو مھيني ۾ انھن 37 ھزارن مان گذر ڪئين ٿيندو ان بابت ڪا بھ بجيٽ ٺاھي ڏئي نھ سگھندو.جنھن جو مطلب تھ اھو عوام سان دوکو آھي.
سنڌ جو ماڻھون ڇا ٿو چاھي؟ امن امان، روزگار،مھانگائي کان ڇوٽڪارو،ٻھراڙي ۾ روڊن رستن جو ڍانچو،زراعت لاءِپاڻي،مناسب اگھھ تي ڀاڻ،ٻج ۽ زرعي دوا، تعليم ۽ صحت جون سھولتون، ھاڻوڪي بجيٽ ۾ ممڪن آھي تھ انھن مدن ۾ ٿورٿڪي رقم رکي ۽ وڌائي وئي ھجي.پر اھي سھولتون ماڻھن کي نھ پيو ملن. ان ڪري جڏھن ھقيقي معنيٰ ۾ عام ماڻھون کي اھي سھولتون ملنديون تھ بجيٽ بھتر ھوندي،پر عام ماڻھون لاءِ ڪو بھ رليف نظر نھ پيو اچي.