اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ترڪيه اسرائيل طرفان ايران تي حملي کانپوءِ خطي جي بگڙجندڙ صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن خطي جي بگڙجندڙ صورتحال تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪئي.
ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته اسرائيلي فوجي ڪارروائيون ايران جي خود مختياري ۽ علائقائي سلامتي جي سنگين ڀڃڪڙي آهن ۽ اها گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي سڌي سنئين لتاڙ آهي، اها جارحيت نه رڳو خطي پر سڄي دنيا جي امن لاءِ خطرو بڻجي چڪي آهي.
You might also like