سامارو (ويب ڊيسڪ) ساماري روڊ ڀرسان نبي سر واھه جي ڇھه دري موري وٽ ڪنري شھر جي اميرآباد پاڙي جو رهواسي 22 سالن جو نوجوان رانا فرحان پٽ ڊاڪٽر منصور ٻڏي ويو.
فرحان پنهنجي دوستن مائٽن سان گڏ ونجهڻ دوران دروازن ۾ ڦاسي پيو نوجوان کي فوري طور تعلقي اسپتال سامارو نيو ويو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو.
تعلقي اسپتال سامارو ۾ ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد مڙھه وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي گهر کڻائي ويا ته ڪهرام مچي ويو.
You might also like