ملڪ جي 47 ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پوليو جي جاچ لاءِ سڄي ملڪ مان مئي ۾ گڏيل ڪيل 116 ماحولياتي نمونن مان 47 ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي.
پوليو روڪ پروگرام موجب 69 ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق نه ٿي، جڏهن ته 34 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي نشاندهي ٿي آهي.
سنڌ جي 14 ضلعن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي، خيبر پختونخواهه جي 8، بلوچستان جي 6، پنجاب جي 4 ضلعن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي.
گلگت بلتستان جي هڪ ضلعي جو ماحولياتي نمونو هاڪاري آيو، جڏهن ته اسلام آباد جي ماحولياتي نموني ۾ به پوليو وائرس جي نشاندهي ٿي.
سڀني ماحولياتي نمونن ۾ جهنگلي پوليو وائرس ٽائپ ون جي نشاندهي ٿي آهي.
پوليو روڪ پروگرام چيو آهي ته سڄي ملڪ جي 47 ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي ڳڻتيءَ جوڳي آهي، پوليو وائرس جي موجودگي ٻارن جي صحت لاءِ سنگين خطرو آهي، والدين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا ضرور پيئارين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.