حڪومت جو ٻاهرئين ملڪ سياسي پناهه وٺندڙ ماڻهن جا پاسپورٽ رد ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ٻاهرئين ملڪ سياسي پناهه لاءِ درخواستون جمع ڪرائيندڙ ماڻهن جا پاسپورٽ رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب حڪومت پرڏيهي وزير جو گذريل سال جو فيصلو واپس وٺندي پاسپورٽ رولز ۾ ترميم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
انصاف ۽ قانون واري وزارت جي ذريعن موجب پاسپورٽ رولز ۾ ترميم جي سمري ڊسپوزل ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي (سي سي ايل سي) کي موڪلي وئي آهي.
سمري سي سي ايل سي جي منظوري کانپوءِ وفاقي حڪومت کي موڪلي ويندي.
ذريعن موجب هڪ لک کان وڌيڪ پاڪستاني شهرين مختلف ملڪن ۾ سياسي پناهه جون درخواستون ڏنيون آهن، جيڪا حقيقتن تي ٻڌل ناهن.
ذريعن موجب قانون واري وزارت جو چوڻ آهي ته سياسي پناهه جا خواهشمند پاڪستاني ملڪ جي بدنامي جو ڪارڻ بڻجي رهيا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سڀني اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت کانپوءِ پاسپورٽ رولز ۾ ترميم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.