پاڪ ھند جنگ جون لڪيل حقيقتون

تحرير: رفيق پٽيل

سماج کي زوال کان بچائڻ لاءِ لازم آھي تھ حقيقت کي تسليم ڪندي ان جو انصاف ڀريو تجزيو ڪيو وڃي. ھي ھڪ آفاقي حقيقت آھي تھ عام طور تي جنگ رڳو تباھي جو سبب بڻجنيدي آھي، جنھن ۾ معصوم ماڻھن جون حياتيون وينديون آھن. سچ جو موت ٿي ويندو آھي ۽ ڪوڙ مٿي اڀري ايندو آھي.

پاڪستان ۽ ھندستان وچ ۾ مئي 2025 جي تازي لڙائي ۾ بھ ٻنھي پاسن جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. ھي جھڙپ جئين تھ فضائي ھئي، ان ۾ ميزائيل ۽ ڊرون يعني بنا پائلٽ رموٽ ڪنٽرول رانديڪي جھڙن ننڍن جھازن جو استعمال ٿيو ۽ ٻنھي ھڪ ٻئي مٿان اعلانيل حملا ڪيا،جنھن ڪري سڄي دنيا جي ميڊيا ۽ حڪومتن ان جو ڀرپور نوٽيس ورتو ۽ ھر نشرياتي اداري پنھنجي خبرن ۽ تبصرن ۾ ان جو ڀرپور ڇيد ڪيو.ھندستان جي ميڊيا ۾ ايتري قدر جنوني ڪيفيت ھئي ڄڻ ھندستاني ميڊيا جا نمائندا پاڻ جنگ ڪنٽرول ڪري رھيا ھجن.پاڪستان ۾ پڻ انتھائي محدود پئماني تي ساڳي ڪيفيت ھئي، ھندستاني ميڊيا جي پاڪستان کي فتح ڪندڙ دعويٰ ۽ ڪوڙن تيار ڪيل تباھي وارن منظرن ڏيکارڻ جي مسلسل ڪوڙ کي بيوقوفي جو عمل ئي تصور ڪر سگھجي ٿو.اھڙي ريت پاڪستاني ميڊيا جي ھندستاني تباھي جون ڪجھ دعوائون پڻ عالمي ميڊيا موجب حقيقت جي ابتڙ آھن.

ھن ويڙهه جو بنيادي سبب ھندستاني جي انتظام ھيٺ ڪشمير جي علائقي پھلگام ۾ 22 اپريل 2025 وارو دھشتگردي جو اھو واقعو ھو،جنھن ۾ 16 ماڻھن کي گوليون ھڻي ماريو ويو ھو.ھندستان ان جو الزام پاڪستان تي مڙھيو ۽ اعلانڪري ڇڏيو تھ اھو پاڪستان خالف ڪارروائي ڪندو،پاڪستان ان واقعي جي مذمت ڪئي ھئي ۽ عالمي سطح جي اڻڌري تحقيق جي لاءِ آڇ ڪئي ھئي.پر ھندستاني وزيراعظم نريندر مودي، بي جي پي ۽ ھندستاني ميڊيا گڏجي ڪري پاڪستان خلاف نفرت جي اھڙي باھ ڀڙڪائي جو ھر طرف جنگ جي جنوني ڪيفيت پيدا ٿي وئي.

ڪن مبصرن جو چوڻ ھو تھ اھا ڪيفيت ھندستان جي اندروني سياست جي لاءِ پيدا ڪئي وئي ھئي تھ جئين پاڪستان تي حملو ڪري بي جي پي ۽ مودي جي طاقت ۾ اضافو ڪيو وڃي.حملو پاڪستان کي اطلاغ ڏئي ڪري ڪنھن سمجھوتي سان ڪيووڃي. ان سلسلي ۾ ٻن بيانن کي اھميت ڏني وڃي ٿي.جنھن ۾ ھندستاني پرڏيھي وزير جو اھو بيان تھ ”پاڪستان تي حملي کان اڳ پاڪستان کي اطالغ ڏنو ويو ھو تھ اسين دھشتگردن جي ٺڪاڻن تي حملو ڪنداسين.فوجي ٺڪاڻن تي نھ ڪنداسين“. ٻيو ھندستاني وزيراعظم مودي جو ھنستاني عوام سان سندن ٽي وي تان خطاب ھو، جنھن ۾ ھن چيو ھو تھ ” اسان تي دھشتگردن جي ٺڪاڻن تي حملو ڪيو ھو،پاڪستان اسان تي ئي حملو ڪري ڏنو“ ڪجھ مبصرن مطابق فڪسڊ ميچ  ان ڪر خراب ٿي ويو ھندستاني رافيل جھازن کي پاڪستان ائير فورس ڪيرايا،جنھن سان عالمي سطح تي ھندستان جي ائير فورس تي سوال کڙا ڪري ڇڏيا.ھندستان اندر وڌيڪ دٻاءَ پيدا ٿيو،جنھن ڪري ھندستان پاڪستان جي ڪجھ فوجي ٺڪاڻن کي ميزائن سان نشانو بڻايو،جواب ۾ پاڪستان پڻ ڊرون ۽ ميزائيل جي ذريعي جوابي ڪارروائي ڪئي،جنھن بعد جنگ جو دائرو وڌي رھيو ھو تھ اوچتو آمريڪي مداخلت بعد جنگ روڪي وئي.

في الحال پاڪستان پنھنجي آپريشن بنيان المرصوص ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. جڏھن تھ ھندستان آپريشن سندور جاري رکڻ جو اعلان ڪري رکيو آھي.ٻئي ملڪن ھن جنگ ۾ پنھنجي پنھنجي ڪاميابي جو اعلان ڪر رھيا آھن.اھڙي طرح جو ھڪ واقعو 2019 ۾ ٿيو ھو. جنوري 2019 ۾،بي جي پي،کي خطرو محسوس ٿي  رھيو ھو تھ ايندڙ عام چونڊن ۾ انھن کي شڪست ٿي سگھي ٿي.اچانڪ 14 جنوري 2019 تي ڪشمير جي علائقي پلواما ۾ ھندستاني ريزرو پوليس جي قافلي مٿان ڌماڪيدار مادي سان حملو ٿيو ۽ 40 اھلڪار مارجي ويا،ان وقت بھ اھڙي ئي ھيجاني ڪيفيت پيدا ڪئي وئي.پاڪستان جي علائقي بالاڪوٽ تي حملو ٿيو،جنھن ۾ جاني نقصان نھ ٿيو،پر ،بي جي پي،مودي ۽ ھندستاني ميڊيا ھندستان جي ماڻھن کي يقين ڏياريو تھ مودي جي قيادت جي ڪري ٽي سئو دھشتگرد مارجي ويا.جنھن ڪري مودي کي ھيرو بنائي پيش ڪيو ويو ۽ بي جي پي،مئي 2019 جون چونڊون وڏي اڪثرت سان کٽي وئي.

پاڪستان ۽ ھندستان ۾ ڇڪتاڻ ۽ جنگي ڪيفيت جي صورتحال،پاڪستان ٺھڻ کان وٺي اڄ تائين ھلندڙ آھي.ڪشمير جو تڪرار ان جو بنيادي سبب آھي.پھرين جنگ پاڪستان قائم ٿيڻ جي فوري بعد 22 آڪٽوبر 1947 ۾ شرو ٿي پھرين جنوري 1949 تائين جاري رھي.ٻي جنگ 1965 ۾ 17 ڏينھن ھلندي رھي.ٽين جنگ 1971 واري ھئي،جيڪا 13 ڏينھن جاري رھي.جنھن ۾ اوڀر پاڪستان، اولھھ پاڪستان کان الڳ ٿي ڪري بنگلاديش ٺھيو.بگنلاديش امن جو رستو ورتو،صنعت،زراعت ۽ واپار تي ڌيان ڏنو.ملڪي معيشت کي هٿي ڏني.

پاڪستان ۽ ھندستان جي چوٿين جنگ 1999 ۾ ڪارگل  جنگ ھئي.جنھن ۾پاڪستان سياچين جي علائقي تي قبضو ڪري ورتو ھو.آمريڪي مداخلت تي پاڪستان کي اھو علائقو خالي ڪرڻو پئجي ويو ۽ ان جنگ ۾ بھ ٻنھي پاسن کان ھڪ ھزار حياتيون ختم ٿيون ھيون.افسوس پاڪستان ۽ ھندستان ۾ ڇڪتاڻ جي ھاڻوڪي ڪيفيت انتھائي احمقاڻي ۽ ٻھ طرفي تباھي کانسواءِ ڪجھ بھ نھ آھي.ائين لڳي ٿو تھ عقل ۽ دانش جو آواز دٻايو ويو آھي.سچ جو قتل ٿي رھيو آھي.پاڪستان ۽ ھندستان وچ ۾ ميڊيا تي جنگ جو ڊرامائي ماحول تيار ڪرڻ ۽ ان جنونيت جي باھ ڀڙاڪائڻ، ڪني سياست ۽ نفرت جو واپار آھي.

نامياري صحافي معيد پيرزادي ٻنھي ملڪن جي اشرافيا ڇڪتاڻ کي پنھنجي حق ۾ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.پنھنجا سياسي ۽ ٻيا مفاد حاصل ڪن ٿا.ھن ڀيري بي جي پي، کي خاص ڪاميابي نھ ٿي آھي.ان جو وڏو سبب عالمي سطح تي ھندستان جي موقف جي ناڪامي آھي.

پاڪستان ۽ ھندستان لڳاتار جنگ جي ڪيفيت ۾ رھندا آھن.اھا جنگ ڪڏھن اعلانيل ۽ ڪڏھن ڳجھي ھوندي آھي.دنيا جا وڏا وڏا ادارا جنھن ۾ گڏيل قومون بھ شامل آھن.پنھنجي تحقيق ۾ ٻڌائي چڪا آھن تھ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ جن بنيادي ضرورتن ۽ قدمن جي گھرج آھي. ان ۾ پھريون قدم پنھنجي سماج مان نفرت ۽ ورھاست جو خاتمو آھي. سماجي جي سمورين طبقن جي اقتدار ۾ شموليت آھي.عوام جي صورتحال بھتر بڻائڻ ۽ ترقي توڻي خوشحالي جي لاءِ سڀ کان پھرين ھندستان ۽ پاڪستان کي پنھنجي پنھنجي ملڪ ۾ غربت جي خاتمي لاءِ ھڪ ٻئي سان سھڪار ڪرڻ جي ضرورت آھي.کٽڻ ۽ ھارائڻ جي سياست بدران عقل ۽ سمجھ جي ذريعي کٽڻ واري حڪمت عملي جوڙڻي پوندي.اھو ئي واحد طريقو ۽ رستو آھي جنھن سان ٻئي ملڪ ترقي ڪري سگھن ٿا.ھڪ ٻئي جي بيگناھ ماڻھن کي مارڻ بدران ھڪ ٻئي جي ماڻھن جو تحفظ ڪرڻ ۽ انھن کي پريشاني ۽ تڪليف مان نجات ڏيارڻ جي ضرورت آھي.

ھندستان مذھبي نفرت سان پنھنجي سماج ۾ورھاست پيدا ڪري تباھي جو رستو ورتو آھي.اھو ھڪ اھڙو ڪينسر آھي جيڪو ھندستاني سماجي کي پٺتي ڌڪي رھيو آھي ۽ جمھوريت ڪمزور ٿي رھي آھي.ٻئي پاسي پاڪستان پڻ پنھنجي ئي روح کي ختم ڪري ڇڏيو آھي.انصاف جا ادارا انتظاميھ جي اثر ھيٺ آھن.چونڊن جو عمل بي معنيٰ ٿي چڪوآھي.پارليامينٽ عوام جي نمائندگيءِ نٿي ڪري.پيڪا قانون اظھار جي آزاديءَ ۽ ميڊيا جي آزادي ختم ڪري ڇڏي آھي.سماج اخلاقي زوال جو شڪار آھي.ان سان سماجي ۽ معاشي ترقي نٿي ٿي سگھي.جيڪڏھن ڪا ترقي ٿيندي تھ اھا وقتي ھوندي.مصنوعي ھوندي.پاڪستان ۽ ھندستان جون سياسي جماعتون ۽ مقتدرا قوتون انتظاميھ سميت، اعليٰ آفيسر مفاھمت ۽ امن جو رستو ڳولين تھ ٻئي ملڪ تباھي کان بچي سگھن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.