سنڌوءَ جي بقا لاءِ ماحولياتي وھڪرا اڻٽر آھن

تحرير: محمد احسان لغاري

ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ ويندڙ پاڻيءَ تي مرڪز، پنجاب ۽ ڪنهن حد تائين سنڌ جي هڪ زمينداري طبقي جون ڀرون اُڀيون ٿي ويون آهن ته ”هيڏو پاڻي، 20000 کان مٿي هيٺ پاڻي موڪلڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي“. هي ڳالهه ڀل اوهان کي منهنجي ديوانگي لڳي پر ماحول لاءِ پاڻِ جنهن کي انوارمينٽل فلو چئون ٿا، ايترو ئي ضروري آهي، جيترو نارا يا روهڙي واھن لاءِ سڀن سرشتن کان اڳ ۾ سوچيندي وڌ ۾ وڌ پاڻي موڪلڻو ھوندوآهي! واهن ۾ پاڻي جو وهڻ ڪنهن فصل کي بچائي اقتصادي ۽ سماجي سگهه ڏي ٿو. ماحول وارو پاڻي ڪئي نسلن جي بچاءُ لاءِ اڻٽر آهي!

جيئن ڪنهن واهه جي سرشتي جا، مٿي ڪنهن ڊئم جي بهاني پاڻي ڀرڻ جا، حق آهن ته جيئن ربيع ۾ پاڻي ملي سگهي، ايئن ئي سامونڊي چاڙهه کي گهٽائڻ  ۽ انساني زندگيءَ کي هٿي ڏيندڙ پاڻي سان لاڳاپيل بايوڊائورسٽيءَ جا مڪمل حق آهن. اِهو فائدو درياھ ۽ ان جي سرشتن کان وڌيڪ اسان کي ڏي ٿو.

ويھه پنجويهه هزارن ڪيوسڪ کان مٿي پاڻي پوين اٺن مهينن کانپوءِ ويو آهي. هيٺ ڪوٽڙي کان! انهن اٺن مهينن مان وڏو انگ انهن مهينن ۽ ڏينهن جو آهي، جڏهن 600 ڪيوسڪ کان به گهٽ ويو ۽ وڃي 195 يا 200 ڪيوسڪ تي دنگ ڪيائين! ڌڻي تعاليٰ جي هڪ پوري جيوت واري ڪائنات انهيءَ بايو ڊائورسٽي ۾ وسي ٿي، جنهن کان اسان پنهنجي وقتي فائدي لاءِ جيئڻ جو حق کسيون ٿا ۽ ان نسل کي ئي ناپيد ڪري ٿا وجهون! ان پوري معاملي کي سمجهڻ لاءِ، جڏهن پڇڙين وارا آبادگار پنهنجي ٻچن جي روزي روٽي لاءِ پريشان آهن، تڏهن  ماحول جي وھڪرن/ پاڻيءَ جي ڳالهه متان ڳري لڳي پر حقيقت اِها آهي ته هر بئراج تي زرعي ضرورت جو پاڻي موجود آهي.

سائنس جو پائيداري وارو موقف چئي ٿو ته جيترو به پاڻِ اوهان وٽ هجي؛ هڪ هزار ڪيوسڪ يا هڪ لک ڪيوسڪ يا پنج لک، ڊيلٽا کي پنهنجي پتيءَ جو پاڻي ڏيو! ڇو جو هاڻ هيٺ ويندڙ پاڻيءَ جو پڇڙي جي کوٽ سان ڪو به واسطو ناهي، پر جيڪڏهن کوٽ هجي به، تڏھن به ڊيلٽا کي پاڻيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيواري ڏيڻي آهي.

سنڌو درياهه، جنهن جي وھڪرن سان موهن جو دڙو جي تهذيب اُڀري، هاڻ پاڻ مرادو سمنڊ تائين پهچڻ جي سگهه وڃائي ويٺو آهي. سنڌوءَ جي ڊيلٽا، جيڪا ڪڏهن آبي جيوت، زرعي خوشحالي، ۽ مڇين جي ذخيري لاءِ سڃاتي ويندي هئي، اڄ زميني، حياتياتي، ۽ معاشي بحران جو شڪار آهي. جڏهن ته پاڻيءَ جي کوٽ ۽ موسمي تبديلي هن صورتحال جا بنيادي ڪارڻ آهن۔ درياهه جي قدرتي وهڪرن جي مسلسل رڪاوٽ، ان جي حياتياتي توازن جي تباهيءَ جو ڪارڻ ٿي آهي. اڄ سڄي دنيا ۾، پاڻيءَ جي رٿابنديءَ ۾ ”ماحولياتي يا ماحول لاءِ وهڪرا“ هڪ بنيادي اهميت رکن ٿا۔ اھو ھاڻ دنيا جي درياهن جي وجود، ڊيلٽا جي بچاءُ، بايوڊائورسٽي ڪي قائم رکڻ ۽ لاڳاپيل سامونڊي پٽي کي موسمي تبديلي جي ناڪاري اثرن کان بچائڻ لاءِ ڍال آھن ۽ اهو ئي تصور سنڌوءَ ۽ ان جي ڊيلٽا جي بقا لاءِ پڻ پائداري جو رستو آھي.

ماحولياتي وھڪرا (Environmental Flows) انھن وھڪرن کي چئبو آهي، جيڪي ڪنهن درياهه يا ڍنڍ جي حياتياتي نظام کي صحتمند رکڻ لاءِ ۽ ان تي ڀاڙيندڙ انسانن جي روزگار، ثقافت، ۽ خوراڪ لاءِ ضروري هوندا آهن. برسبين (آسٽريليا) پڌرنامي/ ڊيڪليئريشن (2018) مطابق، ماحولياتي وھڪرا صرف آبي جيوت لاءِ نه، پر انسانن جي فلاح لاءِ پڻ بنيادي حيثيت رکن ٿا. هي  سائنسي بنياد، انصاف، ۽ حڪمرانيءَ  کي جوڙي  حال ۽ ايندڙ نسلن لاءِ درياهن جي وھندڙ هئيت کي قائم رکڻ جي ڪوشش آهي. ھي جيڪو چيو پيو وڃي ته ھن وقت ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي گھڻو ۽ اجايو پيو وڃي حقيقت ۾  اهو وهڪرو ڊيلٽا جي اصل ضرورت کان ڪافي گهٽ آهي. تمر جي  ٻيلن، مڇين جا نسل، ۽  کاراڻ  جي واڌ کي روڪڻ لاءِ جن وهڪرن جي ضرورت آهي، اهي اڃا پورا نه ٿيا آهن ۽ ان جو انگ ۽ مقدار وھندڙ پاڻي کان وڌيڪ آھي.

سنڌو درياهه لاءِ، دير سان ئي سهي، پر هاڻي اهو بحث ضروري ٿي پيو آهي ته ”ماحولياتي وهڪرا“ ڇا آهن، ۽ ڇو ضروري آهن. دنيا جي ڪيترن ئي درياهن وانگر، سنڌوءَ جا وهڪرا به ايترو بدلجي چڪا آهن، جو هاڻي اهي نديءَ لاءِ نه، صرف انسانن جي ضرورتن لاءِ استعمال ٿيندا رهيا آهن. ڊيلٽا لاءِ، ته جيئن فطري سرشتو زنده رهي، هڪ واضح، قانوني، ۽ سائنسي بنيادن تي وهڪرن جو تحفظ هجڻ لازمي آهي.

ايڪرمين ۽ ڊنبر (2004) جي تحقيق ٻڌائي ٿي ته وھڪرن جي ماحولياتي ضرورتن کي ماپڻ جا مختلف طريقا آهن، جن مان بهترين اهي آهن جيڪي نديءَ جي حياتياتي، موسمي، ۽ سماجي ضرورتن کي گڏ ڪري وهڪرن جي جوڙجڪ ڪن. اهڙي holistic (مڪمل) سوچ جو مثال، ڊنبر ۽ ساٿين (2019) پنهنجي تحقيق ۾ ڏنو، جتي درياهن کي ”سماجي لاڳاپن“ سان ڏٺو ويو آهي. مطلب ته پاڻي صرف سائنس نه، پر تهذيب، عقيدي، ۽ زندگين سان ڳنڍيل آهي.

دنيا جا ڪيترائي مثال ان ڳالهه کي ثابت ڪن ٿا. گنگا نديءَ لاءِ ڪمڀ ميلي دوران مخصوص وهڪرا مقرر ڪيا ويا، ته جيئن لکين ماڻهن جي مذهبي عمل لاءِ پاڻي موجود رهي. ڪينيڊا ۾ اٿاباسڪا نديءَ لاءِ مقامي ماڻهن جي حقن تحت “Aboriginal Base Flows” جو تصور آيو، جيڪو سندن روحاني، تهذيبي، ۽ معاشي حقن جي تحفظ لاءِ لاڳو ٿيو. آسٽريليا ۾ ته “Cultural Flows” کي قانوني تحفظ ڏنو ويو ته جيئن درياهه سان جڙيل تهذيب زنده رهي

سنڌوءَ جي صورت ۾، اسان وٽ نه اهڙا وهڪرا مقرر ٿيل آهن، نه انهن جي نگراني جو ڪو مستحڪم نظام آهي. خاص طور تي ”27 ايم اي ايف“ واري ڪوڙي ڳالهه ته ھر سال ايترو پاڻي هيٺ وڃي ٿو)، جيڪا ڊيلٽا لاءِ وهڪرن جي ضرورت جي نالي تي ورجائي ويندي آهي، هڪ اڻپوري ۽ غير سائنسي تشريح آهي. ماحولياتي وهڪرا فطرت جي تبديل ٿيندڙ گهرجن سان لاڳاپيل هوندا آهن.

هاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو ته اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ سڀ کان پهرين، ماحولياتي وهڪرن کي پاڻيءَ جي ورهاست جي پاليسين جو نه صرف باقاعدي حصو بڻائڻو آھي پر ان تي عمل به ڪرائڻ ضروري. 1991 واري معاھدي ۾ ستين پيرا جيڪا ڪوٽڙي کان هيٺ وھڪرن بابت آھي، ان تي عمل چوٽيهه سالن ۾ نه ٿيو آھي! ٻي ڳالهه، وهڪرن جي مقدار، موسم، ۽ اثرن بابت ريئل ٽائيم ڊيٽا/ حقيقي ھلندڙ وقت ۾ ملندڙ ڊيٽا جي بنياد تي نگراني جو نظام قائم ڪيو وڃي. ٽئين اهم ڳالهه، مقامي برادرين –  خاص ڪري ملاح ۽ ماهيگيري سان لاڳاپيل، سامونڊي ڳوٺ، ۽ تمر جا ٻيلن بچائيندڙن کي –وهڪرن جي رٿابنديءَ ۾ شامل ڪيو وڃي.

حقيقت هيءَ آهي ته سنڌوءَ جي ڊيلٽا لاءِ پاڻي ڏيڻ جو مطلب ڪنهن کي حق کان محروم ڪرڻ نه آهي، پر درياهه کي جيئرو رکڻ آهي. جيستائين درياهه ساهه کڻندو، زمينون زرخيز، آبهوا معتدل، ۽ ماڻهن جا پير هن ڌرتيءَ سان ڳنڍيل رهندا. پر جيڪڏهن درياهه ختم ٿي ويو، ته ان سان گڏ زندگي جا بنياد به ختم ٿيندا.

اڄ جو 25,000 ڪيوسڪ وهڪرو رڳو ڪجهه مهينن (ٻه کان ٽي مهينا) لاءِ آهي. ڊيلٽا سان ويساهه گهاتيون ڪئي ڏھاڪن جون ٿيل آھن. اسان کي سمجھڻو پوندو ته درياهه فقط بند، ڊيم ۽ بئراجن لاءِ  نه آهن. اهي تهذيبن جا محافظ آهن ان ڪري انھن جي وجود کي قائم رکڻ پنھنجي وجود کي قائم رکڻ آھي!

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.