ڪراچي (رپورٽر) مورو ۾ لنجارهائوس تي حملي ۽ باهه ڏيڻ واري مختلف ڪيسن ۾ گرفتاري جي خدشي جي سبب جي ڊي اي جي اڳواڻ مرتضي جتوئي ۽ مسرورجتوئي سنڌ هاءِ ڪورٽ کان رجوع ڪري ورتو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جيند غفار جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي ، عدالت ۾ مرتضي جتوئي ۽ مسرور جتوئي پنهنجي وڪيل عمر سومري ۽ حق نواز ٽالپر سان گڏ پيش ٿيا، عدالت مختلف 7داخل ڪيسن ۾ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي درخواست 25،25هزار مچلڪن جي عيوض 15 ڏينهن جي حفاظتي منظور ڪري ورتي آهي.عدالت درخواستگذارن کي 15ڏينهن ۾ لاڳاپيل عدالت کان رجوع ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.