ميرپوربٺورو (ن ع آ)ميرپوربٺورو ۾ سنڌو درياهه تي ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي آڙ ۾ سنڌ جي زمين تي قبضي خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ اڇي موري کان مين بس اسٽاپ ميرپوربٺورو تائين پيادل شارٽ مارچ ڪري ڪئنال سمورا نامنظور جي زوردار نعريبازي ڪئي وئي، انھي موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو مين بس اسٽاپ تي هڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪئنالن واري منصوبي کي ختم ڪرڻ جو ڊرامو رچائي سنڌ جي عوام کي بيوقوف بڻايو ويو آهي، اڄ به تڪراري ڪئنالن تي ڪم هلي رهيو آهي هن چيو ته ٺگن جي ٽولي ٻٻرلو ۾ لڳل ڌرڻي کي ڪئنال منصوبو ختم ٿيڻ جو عوام کي آسرو ڏئي پاڻ وزيرن سان گڏ ويهي پريس ڪانفرنس ڪري پاڻ کي هيرو بڻائي غائب ٿي ويا آهن، هن چيو ته اسان اڳ به ڪئنالن واري منصوبي سميت ڪارپوريٽ فارمنگ واري معاملي تي سنڌ جي عوام کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي آهي هاڻي به سنڌ جي جر جنگ ۾ وڃي ننڊ ستل سنڌين کي سجاڳ ڪنداسين، هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل پاران ايران تي ڪيل حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو انهي موقعي تي اشرف پليجو، رفيع پليجو، ياسر جاکرو ۽ پنهل سولنگي ۽ ٻين خطاب ڪيو.