لکي غلام شاھه (ت ر)چڪ لڳ ڪچي واري علائقي ڳوٺ عامل مهر ۾ مهر برادري جي ٻن سئوٽن غوث بخش مهر گداڻي ۽ ڪالڻ مهر عرف ڪالو گداڻي ۾ وڻن جي واڍي تان جهيڙو ٿي پيو جهيڙي دوران گولي لڳڻ سبب 18 سالا نوجوان عبدالواجد پٽ غوث بخش مهر گداڻي مهر زخمي ٿي پيو جنهن کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، فوتي نوجوان جو مڙھ لکي اسپتال آندو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.