ٺٽو(ن ع آ )غير مقامي ماڻھن ۽ بااثر ڌرين پاران ضلعي ٺٽي جي ڪوھستاني ۽ سامونڊي پٽي جي ھزارين ايڪڙ زمينن تي والار ۽ مقامي ماڻھن کي اباڻي ماڳن، مقانن تان بيدخل ڪرڻ واري سازشن خلاف جيئي سنڌ محاذ طرفان ايڌي سينٽر کان ھڪ وڏي ريلي جسم جي مرڪزي وائيس چئيرمين نواز شاھ ڀاڏائي، امجد شورو، نبن خشڪ، اعجاز علي شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي، ريلي ۾ شامل ڪارڪن ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي قومي شاھراهه تان زوردار نعريبازي ڪندي پريس ڪلب ٺٽو اڳيان پھتا، جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي طور تي پنھنجي سڃاڻپ رکندڙ ضلعي ٺٽي جي ڪوھستاني ۽ سامونڊي پٽي تي گذريل ڪيتري ورھين کان بااثر قبضا گيرن ۽ غير مقامي ماڻھن پاران قبضا ڪري صدين کان آباد مقامي ماڻھن کان پنھنجا اباڻا ماڳ ۽ مقان ڇڏڻ تي مجبور بڻايو پيو وڃي.