وفاقي ترقياتي بجيٽ ۾ 400 ارب رپين جي گهٽتائي جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ/ م ڊ) ايندڙ مالي سال لاءِ وفاقي ترقياتي بجيٽ ۾ هينئر هلندڙ مالي سال جي مقابلي ۾ 400 ارب رپيا گهٽ رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي۔ هلندڙ مالي سال لاءِ ابتدائي طور تي وفاقي ترقياتي بجيٽ 1400 ارب رپيا مقرر ڪئي وئي هئي، جيڪا بعد ۾ گهٽائي 1100 ارب رپيا ڪئي وئي، رپورٽ موجب، ايندڙ مالي سال لاءِ وفاقي ترقياتي بجيٽ 1000 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي، جيڪا ته موجوده مالي سال جي ابتدائي بجيٽ جي ڀيٽ ۾ 400 ارب ۽ نظرثاني ڪيل بجيٽ جي ڀيٽ ۾ 100 ارب رپيا گهٽ آهي. وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن لاءِ ايندڙ مالي سال جي ترقياتي بجيٽ 662 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ان تحت ڪابينا ڊويزن جي ترقياتي منصوبن لاءِ: 50 ارب 34 ڪروڙ رپيا، اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (SIFC): 50 ڪروڙ 30 لک رپيا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وزارت: 4 ارب 79 ڪروڙ رپيا،ريونيو ڊويزن: 6 ارب 15 ڪروڙ رپيا، آءِ ٽي وزارت لاءِ: 13 ارب 53 ڪروڙ رپيا، گهرو وزارت لاءِ: 10 ارب 91 ڪروڙ رپين سميت ٻين اهم تجويزن ۾ قومي هاءِ وي اٿارٽي (NHA) جو ترقياتي بجيٽ: 229 ارب رپيا،پاور ڊويزن لاءِ: 104 ارب رپيا،صوبن ۽ خاص علائقن لاءِ ترقياتي بجيٽ: 245 ارب 89 ڪروڙ رپيا، صوبائي منصوبن لاءِ: 93 ارب 44 ڪروڙ رپيا،ضم ٿيل ضلعن لاءِ: 70 ارب 44 ڪروڙ رپيا،آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان لاءِ: 82 ارب رپيا، هائر ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) لاءِ: 45 ارب رپيا، آبي وسيلن جي منصوبن لاءِ: 140 ارب رپيا،وفاقي تعليم وزارت لاءِ: 19 ارب 68 ڪروڙ رپيا،وفاقي صحت وزارت لاءِ: 15 ارب 34 ڪروڙ رپيا،پاڪستان ايٽمي توانائي ڪميشن لاءِ: 4 ارب 75 ڪروڙ رپيا،ريلويز لاءِ: 24 ارب 71 ڪروڙ رپيا کان وڌيڪ،سپارڪو لاءِ 24 ارب 15 ڪروڙ رپيا، بچاءُ وزارت لاءِ: 11 ارب 55 ڪروڙ رپيا کان وڌيڪ،دفاعي پيداوار لاءِ: 1 ارب 79 ڪروڙ رپيا رکڻ جي تجويز آهي.

  1. وفاقي حڪومت پاران عيدالاضحىءَ تي عام موڪلن جو اعلان

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)وفاقي حڪومت عيدالاضحىءَ جي موقعي تي 4 ڏينهن عام موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ڪابينا ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب عيدالاضحى لاءِ جمعي 6 جون کان سومر 9 جون تائين موڪلون ڏنيون وينديون، نوٽيفڪيشن ڪابينا سيڪريٽري، ڪامران علي افضل طرفان جاري ڪيو ويو آهي، ياد رهي ته مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي اعلان مطابق پاڪستان ۾ عيدالاضحى 7 جون، ڇنڇر ڏينهن ملهائي ويندي.

  1. موديءَ کي” جِي سيون“ اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت نه ملي

نئين دهلي (م ڊ ) ڇهن سالن ۾ پهريون ڀيرو ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي امڪاني طور تي ” جِي سيون“ سربراهي اجلاس ۾شرڪت نه ڪندو، ڪئناڊا جي ميزباني هيٺ اجلاس هلندڙ مهيني 15 کان 17 جون تائين جاري رهندو، ڀارتي ميڊيا موجب، وزيراعظم مودي کي اڃا تائين ڪئناڊا طرفان اجلاس ۾ شرڪت لاءِ باظابطا دعوت نامو نه ملي آهي، ڀارت ۾ چوٻول هلي رهي آهن ته جيڪڏهن دعوت ڏني وئي تڏهن به مودي جي سيون سربراهي اجلاس لاءِ ڪئناڊا نه ويندو، ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، ڀارت کي پڪ ناهي ته نئين ڪينيڊين سرڪار ”خالصتان تحريڪ“ واري معاملي تي ڀارتي خدشن کي سنجيدگي سان وٺندي يا نه، ٻئي پاسي ڪينيڊين جي سيون ترجمان طرفان به اجلاس لاءِ ڀارتي وزيراعظم کي دعوت ڏيڻ يا نه ڏيڻ بابت تصديق يا ترديد ناهي ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.