راڻيپور/خيرپور (نمائندا) اين پي پي سربراهه ۽ اڳوڻو وفاقي وزير غلام مرتضیٰ جتوئي موٽرسائيڪل چوري جي ڪيس ۾ سومر ڏينهن سول جج رانيپور جي عدالت ۾ پيش ٿيو عدالت جي ڪم جو معطل هجڻ سبب ڪيس جي ٻڌڻي 16 جون تائين ملتوي ڪئي وئي عدالت کان ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام مرتضیٰ جتوئي چيو ته منهنجي ۽ منهنجي خاندان خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري اسان کي جهڪائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وڃي پر اهي ماڻهو ڪامياب نه ٿيندا اسان لاءِ موت قبول آهي پر جهڪڻ قبول ناهي، هن چيو ته اڃا تائين منهنجي خلاف 10 ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ پيپلز پارٽي انتقام جي سياست تي لٿل آهن جيڪي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، پيپلزپارٽي کي جتوئيءَ فوبيا ٿي وئي آهي هن چيو ته منھنجي پڦي جي ھزار ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي اسان جي زمينن تي قبضا ڪرڻ لاء ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن اڳ ۾ به ٽي ھزار ايڪڙ زمين جا کاتا ڪينسل ڪرايا ويا جيڪي اسان ھاء ڪورٽ مان ٻيھر بحال ڪرايا مورو واقعو ھڪ سازش تحت ڪرايو ويو ان جي پنھنجي ماڻھن پوليس جي زور تي فائرنگ ڪرائي سيالن جي زمين تي قبضو ڪري ٺھيل گھر کي باھ ڏياري