سينيٽ ڪميٽي سوشل ميڊيا تي رياست مخالف مواد، هٿرادو ذهانت ۽ ڪرپٽو تي سوال اٿاري ڇڏيا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) سينيٽ آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام اسٽينڊنگ ڪميٽي ڪرپٽو ڪائونسل تي خدشا ڏيکاريندي ناڻي عملدارن کي طلب ڪري ورتو. ميڊيا مطابق، پلوشه خان جي صدارت هيٺ سينيٽ آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ لاجز ۾ ٿيو، ڪميٽي ۾ سوشل ميڊيا تي جنگ دوران پاڪستان مخالف پروپيگنڊا، "ذهانت اي آءِ” جا دعوائون، ۽ ڪرپٽو ڪونسل سان لاڳاپيل معاملا زير بحث آيا. ڪرپٽو ڪرنسي جي ريگيوليشن بابت سيڪريٽري آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ڪيترن ئي ميمبرن ڪرپٽو ڪونسل تي خدشن جو اظهار ڪيو. سينيٽر همایون مهمند ۽ ڪامران مرتضى ڪائونسل سان لاڳاپيل قانوني مونجهارن تي سوال اٿاريا.جنهن تي سيڪريٽري آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام ٻڌايو ته قومي ڪرپٽو ڪائونسل جو چيئرمين ناڻي وارو وفاقي وزير آهي ۽ مان، بطور سيڪريٽري آءِ ٽي، ان جو ميمبر آهيان. سينيٽر افنان الله چيو ته مون پارليامينٽ ۾ ڊجيٽل اثاثن بابت بل پيش ڪيو هو، جيڪو مون ٽن مهينن جي محنت سان تيار ڪيو، پر حڪومت ان بل کي ختم ڪري، پنهنجو پاڻ ئي ڪائونسل جوڙي ڇڏي آهي. سيڪريٽري آءِ ٽي ڪميٽي کي ٻڌايو ته پاڪستان ڪرپٽو ڪائونسل هڪ مشاورتي اداري (ايڊوائزري باڊي) طور ڪم ڪري رهي آهي،   وزارت آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام جو ڪم ريگيوليٽ ڪرڻ ناهي. سينيٽر همایون مهمند سوال ڪيو ته ڇا وزيراعظم جي ايگزيڪيوٽو آرڊر سان ڪا ڪاونسل ٺهي سگهي ٿي؟ سينيٽر افنان الله چيو ته ڪرپٽو ڪائونسل وزارت آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام جي هيٺ هجڻ گهرجي ها، وزارت خزانه ته پنهنجو ڪم به صحيح طريقي سان نٿي ڪري، ڪرپٽو ته آءِ ٽي جو مينڊيٽ آهي. ان کانپوءِ  اسٽينڊنگ ڪميٽي ايندڙ اجلاس ۾ وزارت خزانه جي عملدارن کي طلب ڪري ورتو.  چيئرپرسن ڪميٽي سوال ڪيو ته جنگ دوران ملڪ خلاف جيڪا منفي مهم سوشل ميڊيا تي هلي، ان خلاف پاڪستان ٽيليڪميونيڪيشن اٿارٽي (PTA) ڪهڙا قدم کنيا؟ ڇا ڪنهن يوٽيوب چينل کي بلاڪ ڪيو ويو؟ پي ٽي اي چيئرمين وضاحت ڏني ته اداري وٽ ٻه اختيار هوندا آهن: يا ته مڪمل چينل بلاڪ ڪرڻ يا مخصوص مواد کي بلاڪ ڪرڻ. پي ٽي اي چيئرمين اعتراف ڪيو ته سوشل ميڊيا ڪمپنيون سياسي مواد کي هٽائڻ کان انڪار ڪن ٿيون ۽ انفرادي شڪايتن تي سڌو سنئون صارف کي جواب ڏين ٿيون . ڪامران مرتضى مطالبو ڪيو ته سوشل ميڊيا پليٽفارمن  کي چيو وڃي ته اهي پاڪستان ۾ پنهنجا آفيسون قائم ڪن، ڇو ته هاڻ اهي پاڪستان کي هڪ ممڪن مارڪيٽ سمجهي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.