ڪراچي ۾ ڀيڻ جي منٿن باوجود ڀاءُ تي تشدد ڪندڙ بااثر نيٺ گرفتار

ڪراچي(رپورٽ: آزاد لال حسين) ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس ۾ اوچتو بريڪ هڻڻ دوران موٽر سائيڪل لينڊ ڪروزر سان معمولي ٽڪرائجڻ سبب گاڏي جي بااثر مالڪ موٽر سائيڪل سوار نوجوان تي ڪڙڪي پيو، سندس ڀيڻ جي سامهون بيرحماڻو تشدد ڪيو، نوجوان ڀيڻ ٻانهون ٻڌي بااثر جي پيرن تي ڪري دانهيندي رهي ۽ معافيون وٺندي رهي پر بااثر سندس هڪ به نه ٻڌي، گذريل آچر واري رات دير سان ڪراچي جي علائقي ڊفينس خيابان اتحاد ۾ موٽر سائيڪل گاڏي سان ٽڪرائجي پيو، جنھن سبب گاڏي ۾ سوار بااثر مالڪ سلمان فاروقي ڏمرجي پيو، نوجوان کي جھلي چماٽن جو وسڪارو لائي ڏنو، ان دوران موٽر سائيڪل نوجوان جي ڀيڻ بااثر کي مسلسل التجائون ڪندي رھي پر بااثر ھڪ نه ٻڌي، تشدد واري واقعي جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد سنڌ جي گھرو کاتي جي وزير ضياءُ لنجار نوٽيس وٺي ايس ايس پي کان رپورٽ طلب ڪئي، پوليس بااثر جوابدار جي آفيس ۽ گھر تي ڇاپا مار ڪاروايون ڪندي بااثر جوابدار سلمان فاروقي سميت سيڪورٽي گارڊ، ڊرائيور ۽ گهريلو ملازم کي گرفتار ڪيو، گرفتار جوابدارن تي واقعي واري ٽائيم سرزمين تي موجود گواھ محمد سليم جي فرياد تي ڌمڪين، گارگند جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب بااثر جوابدار سلمان فاروقي نجي فلم ڪمپني جو سي اي او آھي، جنھن جي آفيس خيابان اتحاد ۾ ئي آھي.

متاثرن جي ”ڌيرج ۽ ڪپلنا “ طور سڃاڻپ

ڪراچي: وائرل ٿيل وڊيو کان پوءِ متاثر ڀاءُ ڀيڻ گم ٿي ويا هئا، پر سائوٿ پوليس کين ڳولي لڌو آهي، پوليس مطابق، تشدد جو شڪار ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ ڌيرج ۽ سندس ڀيڻ جي سڃاڻپ ڪپلنا جي نالي سان ٿي آهي، جيڪي ڪراچي جي علائقي رڻڇوڙ لائن جي مارواڙي لين، نبي بخش روڊ جا رهواسي آهن ۽ سندن گهر تي تالو لڳل آهي، جڏهن ته پوليس سندن خاندان سان رابطي ۾ آهي، ڇوڪري ڊفينس واري علائقي ۾ بيوٽي پارلر ۾ ڪم ڪندي آهي، سندس ڀاءُ کيس وٺڻ ويو هو، ڊي آءِ موجب متاثر ٿيل خاندان سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي ۽ کين مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو، جوابدار سرڪاري ملازم ناهي،

قانون جي ڪمزور عملداري ۽ اشرافيه جي بدمعاشي سواليه  نشان

ڪراچي: سوشل ميڊيا تي جتي هڪ پاسي پوليس پاران جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي واکاڻ ڪئي پئي وڃي ته ٻئي پاسي ملڪ ۾ قانون جي ڪمزور عملداري، بااثر ماڻهن طرفان عام ماڻهو جي عزت پامال ڪرڻ، ۽ ايليٽ ڪلچر بابت سخت تنقيد ۽ بحث به جاري آهي، صارفين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن جوابدار بااثر نه هجي ها ته قانون فوري حرڪت ۾ اچي ها، جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن کي خدشو آهي ته سلمان فاروقي جهڙا بااثر ماڻهو ڪجهه ڏينهن بعد آزاد ٿي ويندا، سوشل ميڊيا تي انصاف جي تقاضائن ۽ عام شهرين جي تحفظ لاءِ مؤثر قانوني قدم کڻڻ جو مطالبو تيزي سان وڌي رهيو آهي.

قانون ھٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين: ضياءُ لنجار

ڪراچي: موٽر سائيڪل سوار نوجوان تي تشدد واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد سنڌ جي گھرو کاتي واري وزير ضياءُ لنجارنوٽيس وٺي ايس ايس پي ڏکڻ کي معاملي جي جاچ ڪري مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ضياءُ لنجار چيو ته ڪنھن کي به قانون ھٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين، قانون سڀني شھرين لاءِ برابر ھجڻ گھرجي، ھن ايس ايس پي کي ھدايت ڪندي چيو ته تشدد ۾ ملوث جوابدار کي سخت سزا ڏني وڃي.

ڪراچي ۾ امير بدمعاش حڪومت لاءِ چئلينج بڻيل

لاهور (امداد سومرو) ڊفينس ڪراچي ۾ لينڊ ڪروزر سوار سلمان فاروقي موٽرسائيڪل سوار نوجوان تي پنهنجي گارڊن کان تشدد ڪرائي ڇڏيو. وائرل وڊيو موجب، واقعي دوران نوجوان جي ڀيڻ هٿ ٻڌي منٿون ڪندي رهي، پر سلمان فاروقي نه مڙيو ۽ گارگند ڪندو رهيو. معاملو روڊ تي معمولي ٽڪر تان پيش آيو. پوليس شروعاتي طور دعويٰ ڪئي ته ڪابه شڪايت ناهي ملي، پر بعد ۾ هڪ شهري طرفان ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي. قانون مطابق پوليس پاڻ فريادي ٿي سگهي پئي ۽ ٿيڻ گهرجي ها. واقعو دهشتگردي آهي ۽ ان کي ٻنجو ڏيڻ گهرجي، ڪراچي ۾ اهڙا واقعا اڳ به ٿيندا رهيا آهن. نتاشا نالي ڇوڪري موٽرسائيڪل سوار پيءُ ۽ ڌيءَ کي چيڀاٽي ڇڏيو، شاهزين مري نوجوان تي تشدد ڪرائڻ بعد بلوچستان فرار ٿي ويو، پر گرفتاري عمل ۾ نه آئي. اهي سڀ واقعا ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا جي پوسٽنگ دوران ٿيا. سنڌ حڪومت اڳ ئي گارڊن سان گهمڻ تي پابندي لڳائي هئي، پر بدمعاشي جاري آهي. بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏو وزير مراد علي شاهه بدمعاشن کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻين، متاثرن سان انصاف ڪن، جيئن عام شهرين جو تحفظ يقيني بڻجي. سڀاڻي ڪنهن وزير مشير يا پوليس جي آفيسر جي مائٽن يا ڀائرن سان ائين ٿئي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڪنهن جي مٿي تي اهو ناهي لکيل هوندو ته هو مراد علي شاهه جو ڀائيٽيو يا ڪو ويجهو مائٽ آهي.

متاثر ڀيڻ ڀاءُ خوف سبب گهر ڇڏي ويا، اکين ڏٺي شاهدڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي: تشدد واري واقعي جو اکين ڏٺي شاهد اورنگي ٽائون واسي محمد سليم جي فرياد تي گزري ٿاڻي تي جوابدار سلمان فاروقي، گارڊ ۽ ھڪ نامعلوم تي موتمار ڌمڪيون ڏيڻ، گارگند ڪرڻ، تشدد ڪرڻ ۽ بي عزت ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو، سلمان فاروقي جي آفيس ٻاهران سندس گاڏي به تحويل ۾ ورتي وئي آهي، فريادي ۽ اکين ڏٺي شاهد محمد سليم موقف اختيار ڪيو آهي ته مان هڪ موبائل ڪمپني ۾ سيلز مينيجر طور ڪم ڪريان ٿو، خيابان اتحاد ۾ رقم جي وصولي لاءِ ويو هئس ته لڳ ڀڳ سوا اٺين وڳي هڪ موٽر سائيڪل سوار جو ڪار سان هلڪو حادثو ٿيو، ڪار سوار شخص موٽر سائيڪل سوار کي پنهنجي سيڪيورٽي گارڊ سان گڏ هٿيارن جي زور تي گاڏي ۾ بند ڪري ڇڏيو، کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو، گاريون ۽ ڌمڪيون به ڏيندو رهيو، ٻي پاسي متاثر نوجوان ۽ سندس ڀيڻ گم ٿي ويا آهن، سندن گهر کي تالو لڳل آهي.

بااثر سلمان فاروقي شهرين جي به نه ٻڌي ۽ تشدد ڪندو رهيو!

ڪراچي: موٽر سائيڪل سوار نوجوان جي ڀيڻ ڀاءُ تي بيرحماڻو تشدد ٿيندي ڏسي مسلسل بااثر جوابدار سلمان فاروقي کي منٿون، ايلاز ۽ ھٿ ٻڌيندي رھي پر بااثر جوابدارنوجوان تي تشدد ڪندو رھيو، واقعي واري ھنڌ گڏ ٿيل ماڻھن به ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پر جوابدار آخر تائين نوجوان تي تشدد ڪندو رھيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.