انقره/ اسلام آباد(م ڊ) سرحد تي پاڪستان ۽ ترڪيا جي گڏيل آپريشن ۾ داعش جو اهم ڪارندو گرفتار ڪيو ويو آهي. ترڪيا جي سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستان ۽ ترڪيا جي گڏيل ڳجهي آپريشن دوران عسڪريت پسند تنظيمداعش (دولت اسلاميه) جو هڪ اهم ڪارندو پاک-افغان سرحد وٽان گرفتار ڪيو ويو آهي. ترڪيا جي سرڪاري خابرو ايجنسي "انادولو” جي رپورٽ موجب، اوزگور آلتون، جيڪو ’ابو ياسر الترڪي‘ جي ڪوڊ نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو، انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) ۽ ترڪيه جي نئشنل انٽيليجنس آرگنائزيشن (MIT) جي هڪ گڏيل ڪامياب آپريشن ۾ گرفتار ڪيو ويو. اطلاعن جي ڏي وٺ کانپوءِ آءِ ايس آءِ کي اوزگور آلتون جي افغانستان ۾ موجودگي ۽ پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ارادي بابت آگاهي ڏني وئي، جنهن جي بنياد تي کيس گرفتار ڪيو ويو. بعد ۾ وڌيڪ جاچ لاءِ کيس ترڪيه منتقل ڪيو ويو. اوزگور آلتون کي داعش جو سڀ کان اهم ترڪ رڪن قرار ڏنو ويو آهي، جنهن هن تنظيم جي ميڊيا ۽ لاجسٽڪ نيٽ ورڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.