ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ آچر جي شام لڳ ڀڳ ساڍي پنجين وڳي زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا. زلزلي پيماني مرڪز موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 3.6 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ان جي اونهائي زمين هيٺ 10 ڪلوميٽر هئي ۽ مرڪز قائدآباد جي ويجهو هو. پاڪستان موسميات کاتي مطابق زلزلي جي نتيجي ۾ ڪنهن به قسم جو جاني يا مالي نقصان رپورٽ ناهي ٿيو. ملير، شاهه فيصل، لانڍي ۽ ٻين علائقن جي رهواسين زلزلي جا جھٽڪا واضح طور محسوس ڪيا.