لکي غلام شاهه (رپورٽ نديم جان مهر ) لکي غلام شاهه لڳ چڪ ٿاڻي جي حد ڳوٺ دل ۾ مھر جتوئي ڌرين عبدالمجيد ڪرسي جتوئي عبدالحق مهر وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ تان جتوئي ڌر جي هٿياربندن ڳوٺ جيمسجد نماز پڙهڻ لاءِ ويندڙ حافظ محمد عمر مهر نوجوان محمد خان مهر ظهير عرف سلمان مهر کي مسجد مان اغوا ڪري ڳوٺ کان اولهھ طرف کڻي وڃي انهن مٿان گوليون وسايون ويون جنهن ۾ حافظ محمد عمر مهر محمد خان مھر ٿڌي تي قتل ٿي ويا جڏهن ته هڪ نوجوان ظهير عرف سلمان مهر کي پڻ گوليون هڻي شديد زخمي ڪيو ويو اطلاع تي ڳوٺاڻن پهچي ٻنهي مقتولن جا لاش ۽ زخمي کي هٿ ڪري زخمي نوجوان ظهير عرف سلمان کي ڳڻتي جوڳي حالت سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته چڪ پوليس اطلاع تي پھچي ٻنهي مقتولن جا لاش هٿ ڪري لکي غلام شاهه اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا مقتولن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ٻنهي مقتولن جا ڌار ڌار جنازه نماز ادا ڪئي وئي هوڏانهن ڪرسي جتوئي مهر ڌرين وچ تڪرار تان ٽن جي اغوا بعد ٻن ڄڻن قتل واري واقعي تي علائقي خوف هراس پکڙجي ويو ٻئي طرف ڊي ايس پي لکي غلام شاهه محمد علي سومرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته برادري تڪرار تان واقعو پيش آيو آهي ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي
-
اسان جو تڪرار سان ڪو به واسطو ناهي:مقتول عمر مهر جو والد
لکي غلام شاهه: چڪ لڳ ڳوٺ دل مهر ٻن ڄڻن جي قتل هڪ نوجوان جي زخمي ٿيڻ واري واقعي تي مهر ڌر جي عبدالحق مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ته چڪ شهر سندس ڀاءُ عبدالجبار مهر کي بناسبب قتل ڪيو ويو هو جنهن جي پلاند ۾ اسان جتوئي ڌر جو ماڻهو قتل ڪيو غلام شبير ڪرسي جتوئي ڌر ڏانهن ٺاھ لاءِ ماڻهو موڪليا هئا پر ان باوجود ڳوٺ تي ڪاھ ڪري بناجواز ٻين ماڻهن کي اغوا ڪري قتل ڪيو ويو مقتول حافظ محمد عمر مهر جي پيءُ مولانا احمد الدين مهر جو چوڻ آهي ته سندس تڪرار سان ڪوبه واسطو نه آهي پر سندس پٽ کي مسجد مان ٽن نمازين سميت اغوا ڪري قتل ڪيو ويو انصاف ڏياريو وڃي آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نٿي سگهيو آهي
-
غلام شبير ڪرسي جتوئي جي پلاند ۾ واقعو ٿيو
لکي غلام شاهه:لکي غلام شاهه لڳ جهان خان چوڪي جي حد ڪجهه مهينا اڳ قتل ٿيل نوجوان حافظ غلام شبير پٽ صحافي غلام رسول ڪرسي جتوئي جي پلاند ۾ واقعي پيش آيو آهي جنهن کي چڪ شهر قتل ٿيل عبدالجبار مهر جي پلاند ۾ قتل ڪيو ويو هو. نوجوان غلام شبير ڪرسي جتوئي جي قتل واقعي جي ٺاھ لاءِ مهر ڌر جي عبدالحق مهر پاران ڪجهه ڏينهن اڳ ميڙ منٿ قافلو ڳوٺ عبدالمجيد ڪرسي جتوئي پهتو هو جنهن کي ڌر مان ڏيندي فيصلي جو اختيار قبائلي سردارن ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي اڳوڻي ايم اين اي غوث بخش خان مھر کي ڏنو ويو هو.