ڪراچي (م ڊ) ڪراچي جي علائقي راشد منھاس روڊ تي ڪشتي چوڪ جي ويجهو نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري پوليساهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو، جيڪو بعد ۾ اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.پوليس موجب، فائرنگ جو واقعو يوسف پلازه ٿاڻي جي حدن اندر پيش آيو، جتي اڻ ڄاتل هٿياربندن پوليس اهلڪار شهريار تي گوليون وسايون، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو.زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ٿيندي، اهلڪار چيو ته سندس زندگي کي خطرو آهي،مان شريف آباد ۾ اينٽي وهيڪل لِفٽنگ سيل ۾ مقرر آهيان،جڏهن ته اهلڪار کي جناح اسپتال نيو ويو، جتي هو علاج دوران دم ڌڻي حوالي ڪري ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.